تاريخ ۾ ڪن فردن جو ڪردار ايترو ته وسيع، بُلند ۽ عظمت ڀريو ھوندو آھي جو ڪروڙين فردن تي ٻڌل قومون اُنھن عظيم ڪردار جي نالي سان سُڃاتيون وينديون آهن. قومون پنهنجو تعارف اھڙن عظيم فردن جي نالي سان جوڙي ڇڏينديون آهن، جن کي تاريخ ھميشه ياد ڪندي آهي. اڄ اُنھن شھيدن جي ورسي آھي، جنھن کي اسان کان وڇڙندي 14 سال گُذري چُڪا آھن جن ھميشه پنھنجي وطن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، جن کي سانگهڙ ضلعي جي باکوڙي موريءَ وٽ باھ ڏئي ساڙيو ويو. محبتن جا قاصد جڏهن سنڌ جي پرچار لاءِ ننڍڙي قافلي جي صُورت ۾ نڪتل ھئا، تڏھن سندن موت پنهنجا پيرا کڻي پٺيان پٺيان ھلندو رھيو ھو، ھنن موت کي اکين ۾ اکيون وجهي پويان نه اڳيان ڪري پنڌ ڪيو آهي، ھو بغير ڪنهن لالچ لوڀ، شڪ ۽ شبھي کان مٿانهين وفاداري کي ھزار اختلاف رکندڙ به سلام ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، جن جي زندگيءَ جو داستان ايڏو ته ڊگھو آھي، جن جي جيون جي ڪٿا جو مرڪز ڀلي ڪيترو به ھجي، پر سندس پرچارڪ ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڏِينهَن ۽ راتيون جاڳي پونديون.
شھيد سرائي قربان کهاوڙ جو تعلق ھڪ شاھوڪار گھراڻي سان ھو، جيڪڏھن ھُو چاھي ھا ته سنڌ جو روايتي وڏيرو بڻجي پئي سگهيو، پر هُو دنيا جون سموريون صلاحيتون، آسائشون، سمورا سک چين سنڌ جي عشق ۾ ڦٽا ڪري نڪري پيو. پنھنجي الھڙ جوانيءَ ۾ شھادت جو جام نوش ڪندڙ سنڌ جو قومپرست اڳواڻ سرائي قربان کهاوڙ 1970ع ۾ شھدادڪوٽ جي ھڪ خوشحال گھراڻي ۾ سرائي شمس الدين کھاوڙ جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مقامي طور حاصل ڪري بي اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي.
سرائي قربان کهاوڙ شروعات کان وٺي سماجي ورڪر ھو ۽ پوءِ يونيورسٽي پھتو ۽ قومي تحريڪ سان سلهاڙجي ويو. ھِن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات جيئي سنڌ لطيف سنگت کان ڪئي، اُن بعد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ کيس جساف جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، شاگرديءَ واري دور ۾ سرائي قربان شاگردن جي مسئلي تي عملي جدوجھد ڪئي. اُھو ئي سبب هو جو ھُو جڏھن جساف مان ٽي سي ڪرائي مدر ونگ پارٽين ۾ شامل ٿيو، تڏهن به شاگرد سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هئا ۽ ھُو شاگرد جو آئيڊيل بڻجي ويو. جساف ۾ رھندي هُو ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمين به رھيو.
سرائي قربان کھاوڙ جون سماجي حوالي سان خدمتون به قابلِ فخر آهن. ھُن شھدادڪوٽ ۾ شھري اتحاد قائم ڪرايو، جنھن جو هُو عھديدار پڻ رھيو ۽ شھدادڪوٽ ۾ مزدورن جي اتحاد ۾ به سھڪاري رھيو. شھدادڪوٽ ۾ ڪيترائي عملي ڪم سرانجام ڏنا، جنھن ۾ بيمارن لاءِ ڪئمپون قائم ڪرائڻ، غريب، مسڪين ۽ ضرورتمند ماڻهن کي رَتُ جو بندوبست ڪري ڏيڻ، بي سھارا ماڻھن جي مدد ڪرڻ، ڪيترين ئي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائڻ ۽ ڪيترائي فلاحي ڪم شامل آهن. اھڙي طرح صدام شيخ ڪپيل جي آزاديءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيائين. ھُن 1987ع ۾ شادي ڪئي، جنھن مان کيس پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ آھن.
سرائي قربان کهاوڙ 21 اپريل 2011ع تي پنھنجن قومي سفر جي ساٿين روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيو سان گڏ تنظيمي دوري تي سانگهڙ کان ميرپورخاص وڃي رھيو ھو ته سانگهڙ-کپري روڊ تي باکوڙي موري وٽ کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.