ڄامشوري ۾ ڪئنالن خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري،ايم 9 موٽروي به بلاڪ

ڄامشورو( رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) ڄامشورو ۾ انڊس هاءِ وي تي گذريل ڇنڇر جي شام کان لڳل ڌرڻو جاري آهي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ پڻ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي آهي، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن، قومپرست اڳواڻن، وڪيلن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي نوجوانن پاران گذريل ڇنڇر واري شام سنڌالاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو هو، ٽريفڪ کي متبادل رستو ملڻ تي شاگردن رات دير سان سنڌالاجي سامهون ڌرڻو ختم ڪري سيد آباد سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڄامشورو _ سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي رات کان لڳل ڌرڻي سبب ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي صبح سوير ڌرڻي ۾ راڳي ٻالڪ سنڌي پهچي قومي گيت پيش ڪري ڌرڻي ۾ شامل نوجوانن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو،ھوڏانھن ڄامشورو جي سماجي اڳواڻن ڄام خان راھمون، آفتاب ابڙو، عامر ڀلائي ۽ ٻين پاران ڌرڻي تي ويٺل قومپرست ڪارڪنن ۽ وڪيلن سميت سوين ماڻهن جي کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ ڪيو ويو،ٻئي پاسي ڄامشوري ۾ قومي ڪارڪنن تڪراري ڪئنالن خلاف ايم نائن موٽر وي تي ڌرڻو هنيو، سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا خلاف جسقم جي سڏ تي قومي ڪارڪنن خان پنهور ۽ مور شاهه جي اڳواڻي ۾ ايم نائن موٽر وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، جيسيتائين ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو نه ويندو ڌرڻو جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.