پنجاب درياه سنڌ تي ڇهه ڪئنال اڏڻ واري هوڏ تي قائم آهي ۽ ان جا وفاقي توڙي صوبائي وزير ۽ پارليامينٽري اڳواڻ اهو ڏهاڙو خالي ناهي جو ڇهن ڪئنالن جي حق ۾ انتشاري بيان ڏيڻ سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ کي ملڪ جي مفاد ۽ زرعي ترقي لاءِ وقت جي ضرورت قرار پيا ڏيڻ ۽ سندن اهي بيان سنڌ جي ماڻهن کي چڙ ڏيارڻ جي برابر آهي۔پنجابي لابي جي اهڙن بيانن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌ سراپا احتجاج آهي هر آئي ڏينهن ڌرڻا پيا لڳن ۽ عام رستا بند ڪيا پيا وڃن۔ پنجاب جي هڪ وزير مصدق حسين جو هڪ اهڙو ته بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته هڪ ڪئنال ٺهڻ سان ڪهڙي قيمت ايندي سالن کان پنجاب سنڌ جي گئس استعمال ڪري رهيو آهي سنڌي ماڻهن کي غيرت نه آئي. هاڻ هڪ ڪئنال ٺهڻ سان ڪهڙي سبب غيرت ڏيکاري رهيا آهن۔مصدق حسين جي اهڙي بيان سان سنڌ جي ماڻهن ۾ وڏو تاء پکڙيل آهي۔سنڌ جا ماڻهو پنهنجو حق گهرن پيا جيڪي پنجاب کي ڏکيو لڳن ٿا۔پنجاب سنڌ جي گئس ته الڳ ڳالهه آهي سنڌ جي هر قومي وسيلي تي قابض آهي جنهن سان سنڌ کي تحفظات آهن۔
هڪ نظر وجهبي ته پنجاب سنڌ جي سمنڊ بندرگاهه تيل بجلي ۽ معدني وسيلن تي قابض آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو تنهن وقت کان آواز اٿاريندا پيا اچن۔پنجاب جو وفاق ۾ سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ ملازمتن تي به پوري ريت قبضو آهي سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوانن کي وفاق ۾ نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن جنهنڪري سنڌ جا نوجوان بيروزگار آهن۔سي پيڪ رٿائن ۾ به سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي انهي حد تائين جو سنڌ جو مک موٽر وي سکر حيدرآباد به سالن کان التوا جو شڪار آهي۔پنجاب انتقامي ڪاروائي تحت هن موٽر وي رٿا کي رد ڪري پنجاب کڻي ويو آهي جو سنڌ جا ماڻهو ڇهن ڪئنالن خلاف آواز بلند ڪيو آهي۔سنڌ هو ماڻهو پنجاب جي اهڙي انتقامي حرڪت تي به سراپا احتجاج آهي۔ حقيقت اها آهي ته پنجاب ننڍن صوبن جي قومي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ انهن کي هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو۔اهوئي ڪارڻ آهي جو ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ احساس محرومي وڌي وڻ ٿي چڪي آهي ۽ هنن صوبن جو ماڻهو حق پيو گهري قومپرستي وارو جذبو وڌندو پيو وڃي۔سنڌ جو هر ماڻهو پنجاب ۽ وفاق جي سنڌ دشمن روين تي سراپا احتجاج آهي۔اڳ قومپرست تنظيمون وفاق خلاف اٿنديون هيون هاڻ ته سنڌ جو هر ماڻهو پوڙهو جوان شاگرد وڪيل ڊاڪٽر سرڪاري ملازمن جون مختلف تنظيمون پنجاب ۽ وفاق جي روين ۽ ناانصافين خلاف اٿي بيٺيون آهن۔مخالف ڌر هجي يا سرڪاري ڌر سڀئي ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سراپا احتجاج آهن۔پ پ پ جنهن تي مخالف ڌر ۽ سنڌي ماڻهن جا الزام آهن ته هنن سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو آهي سا به ميدان تي آهي ۽ ڇهن ڪئنالن خلاف احتجاج پئي ڪري۔حيدرآباد وارو پ پ پ جو احتجاج ان مهم جو هڪ حصو آهي جنهن کي پ پ پ جي چيئرمن جناب بلاول ڀٽو زرداري جمع ڏهاڙي شام جو خطاب ڪيو۔پ پ پ ڇهن ڪئنالن خلاف ته آواز اٿاري ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو آهي پر اها ڪارپوريٽ فارمنگ جي حق ۾ آهي ۽ انجو موقف آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ سان سنڌ جي زرعي معيشت ترقي ڪندي پر سنڌ جو ماڻهو اهڙي موقف جي خلاف آهي۔هن ڏس ۾ پ پ پ نه صرف سنڌ اسيمبلي مان ڇهن ڪئنالن خلاف ٺهراءَ پاس ڪرايو آهي پر قومي اسيمبلي ۾ به ٺهراء پيش ڪيو آهي پر انهي ڪري پيش نه ٿي سگهيو جو قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو البته پ پ پ جي ميمبرن ۽ سينيٽرن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن ۾ ڇهن ڪئنالن خلاف خوب ڳالهايو ۽ اهڙي رٿا کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪا آهن۔ملڪ جي سڀ کان وڏي مخالف ڌر پي ٽي آءِ به اهڙو ٺهراءُ پيش ڪيو هو پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٺهراءَ جي دير سان پيش ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي رد ڪري ڇڏيو البته پي ٽي آء قيادت ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت جي سخت مخالفت ڪري چڪي آهي۔بهرحال ن ليگ وفاقي وزير مصدق حسين ڇهن ڪئنالن جي حق ۾ جنهن انداز ۾ ڇڪتاڻ پئدا ڪندڙ بيان ڏنو آهي ۽ سنڌي ماڻهن کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح بيغرت سڏيو آهي اهو ملڪ ۾ انتشار پئدا ڪندڙ بيان ۽ لهجو آهي۔هڪ ته اهڙي قسم جو بيان نه ڏيڻ گهربو هوس پر ڏنو اٿس ته اهو واپس وٺي ۽ سنڌ جي ماڻهن کان معافي وٺي ۽ ان ۾ دير نه ڪري جو وڌيڪ ڪو ممڻ مچي۔ن ليگ قيادت ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي پڻ اهڙي بيان جو نوٽيس وٺي