سنڌو درياهه جي عظيم ڊيلٽا کي سالن کان نظرانداز ڪيو ويو آهي. هي اهو قدرتي نظام آهي جيڪو صدين کان سنڌ جي ساحلي علائقن جي ماڻهن کي زندگي، روزگار ۽ ماحولياتي تحفظ مهيا ڪندو آيو آهي، پر اڄ سياسي مفادن، ترقي جي هڪ طرفي تصور ۽ رياستي بي حسي جي ڪري تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. هي فقط زمين جو مسئلو ناهي، هي اسان جي بقا جو سوال آهي.
پاڻي جي ورڇ ۽ پاليسي جي مرڪز ۾ ڊيلٽا کي اڪثر فقط "اضافي” يا ” زيان ٿيڻ وارو” پاڻي قرار ڏنو ويو آهي. هي خيال ته درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ وسيلن جو زيان آهي، نه صرف سائنسي حقيقتن کان لاعلمي جو اظهار آهي بلڪه هڪ پوري تهذيب جي وجود کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. اسان هڪ اهڙي غلطي ڪري رهيا آهيون جنهن جي قيمت اسان جا ايندڙ نسل ڀريندا.
سنڌو درياهه جو قدرتي وهڪرو، جيڪو زرخيز مٽي/لٽ، غذائي جزن ۽ مٺو پاڻي کڻي اچي ٿو، ڊيلٽا جي بقا جو بنيادي ذريعو آهي. اهو ئي وهڪرو سامونڊي کار کي پوئتي ڌڪيندو آهي ۽ مٺي ۽ کاري پاڻي جي ميلاپ سان اهڙو ماحول پيدا ڪندو آهي جيڪو هزارين پلن، ٻين مڇين، ڪيڪڙن ۽ ٻين آبي حيات لاءِ زندگي جو وسيلو آهي. اهو ئي ماحول مينگرو/ تمر جي ٻيلن کي جنم ڏيندو آهي، جيڪي سامونڊي پٽي کي پائڻ ۽ طوفانن کان قدرتي جهل ڏيندا آهن.
اڄ صورتحال اها آهي ته لوڻياٺ/ ڪلرجيڪو هڪ خاموش قاتل آهي، زمين جي اندر تائين پيهي ويو آهي، زمينون بنجر ٿي چڪيون آهن، پيئڻ جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي ۽ مڇيون ناياب ٿي رهيون آهن. ٺٽي، سجاول ۽ بدين جهڙن ساحلي ضلعن ۾ لکين ماڻهن جو روزگار ختم ٿي چڪو آهي. اهي اهي ماڻهو آهن جيڪي ماحولياتي تباهي جي قيمت ادا ڪري رهيا آهن جنهن کي پاليسي سازن ڪڏهن به سنجيدگي سان نه ورتو. انهن جون دانهون ايوانن تائين نٿيون پهچن.
افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اڄ به ڪجهه سياسي حلقا "زيان ٿيڻ واري” پاڻي کي بچائڻ جي نالي تي وڌيڪ واهه کوٽڻ ۽ چولستان جهڙن علائقن کي آباد ڪرڻ جون تجويزون ڏئي رهيا آهن. هي نقطئه نظر نه فقط ماحولياتي حقيقتن کان لاعلمي جو عڪاس آهي بلڪه سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ لکين شهرين جي حقِ حيات سان سڌي دشمني آهي. ۽ اها ڳالهه سنڌ جي آئيني، تاريخي ۽ قانوني پاڻي جي حقن جي صفا خلاف آهي. ڇا ڪجهه سرابن جي خاطر اسان هڪ جيئري جاڳندي تهذيب کي قربان ڪري ڇڏينداسين؟
ان کان به وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته چولستان جي نالي تي جيڪا ترقي ڏيکاري پئي وڃي، ان جي پويان دراصل ڪارپوريٽ زراعت جو سرمائيداراڻو ماڊل لڪيل آهي. ان منصوبي جي آڙ ۾ چولستان جي ٻن لکن پنجاه هزار کان وڌيڪ مقامي ماڻهن لاءِ فقط مزدوري جو ڪم رهجي ويندو. مقامي معيشت، انهن جي طرزِ زندگي ۽ ثقافتي ورثو طاقتور مفادن جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويندو. هي ترقي ڪجهه سرمائيدارن لاءِ فائديمند ضرور ٿي سگهي ٿي، پر لکين انسانن لاءِ تباه ڪن هوندي. هي بيٺڪيتي جو هڪ نئون روپ آهي.
اها ئي سوچ دريائن کي فقط انسانن جي ضرورتن لاءِ هڪ وسيلو سمجهي ٿي، جڏهن ته درياهه فقط انساني استعمال لاءِ ناهن هوندا – اهي زنده ماحولياتي نظام آهن جن کي زنده رهڻ لاءِ پنهنجو مخصوص وهڪرو، مٽي جي رسد / لٽ ۽ وقت بوقت اچڻ واري قدرتي ٻوڏن جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن اسان درياهه کي ان جي فطري حيات کان محروم ڪري ڇڏيندا آهيون ته اهو محض هڪ سڪل ندي بڻجي رهجي ويندو آهي. اسان قدرت سان وڙهي رهيا آهيون، ۽ اهڙي جنگ ڪو به نه ٿو کٽي سگهي.
مينگروو/تمر جا ٻيلا، جيڪي دنيا ۾ فقط چند هنڌن تي ملن ٿا، سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ قدرتي قلعي جي حيثيت رکن ٿا. اهي نه فقط طوفانن کان بچاءُ ڪن ٿا بلڪه هزارين آبي جاندارن لاءِ پناه گاهه به آهن. انهن ٻيلن کي "غير پيداواري” سمجهي ڪٽي ڇڏڻ دراصل پنهنجي ايندڙ نسلن کان انهن جو مستقبل ڦرڻ آهي. اسان پنهنجي بچاءُ کي پاڻ ئي تباه ڪري رهيا آهيون.
اسان جي پاليسين جي هڪ وڏي خامي اها به آهي ته اهي مقامي برادرين / ماڻهن – خاص طور تي ماهيگيرن، هارين، ۽ عورتن — جي آواز کي فيصلا سازي جي عمل ۾ شامل ئي نه ڪن ٿيون. اهي اهي طبقا آهن جيڪي صدين کان پاڻي سان گڏ جيئندا آيا آهن ۽ انهن وٽ مقامي تجربي ۽ علم جو خزانو آهي، پر انهن کي "غير سائنسي” يا "غير رسمي” سمجهي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اسان پنهنجن سڀ کان قيمتي مشيرن کي خاموش ڪري رهيا آهيون.صنفي برابري جي گهٽتائي به هڪ اهم مسئلو آهي. عورتون گهريلو پاڻي جي ورڇ، صفائي، خوراڪ جي تياري، ۽ ٻارن جي صحت سان لاڳاپيل اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پر انهن جي مخصوص ضرورتن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. جيستائين اسان پاڻي جي پاليسين کي صنفي حساس نه بڻائينداسين، تيستائين اسان اڌ سچ تي ٻڌل فيصلا ڪندا رهنداسين.
هڪ ٻيو خطرناڪ لاڙو اهو آهي ته وڏن ڊيمن کي پاڻي جي بحران جو واحد حل تصور ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ڊيم ڪجهه صورتن ۾ فائديمند ٿي سگهن ٿا، پر خاص طور تي ڊيلٽا جهڙن نازڪ علائقن ۾ انهن جا نقصان ناقابل تلافي هوندا آهن. ڊيم درياهه جي فطري وهڪري کي روڪي ڇڏيندا آهن، مٽي / لٽ جي رسد کي بند ڪري ڇڏيندا آهن، آبي حيات کي متاثر ڪندا آهن، ۽ مقامي برادرين کي زمين کان محرومي طرف ڌڪيندا آهن.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان هڪ نئين سوچ، جامع، شموليتي ۽ ماحولياتي انصاف تي ٻڌل نقطئه نظر اختيار ڪريون. اسان کي "سبز ماليات” (اهڙيون مالياتي مصنوعات ۽ خدمتون جيڪي ماحولياتي طور تي پائيدار منصوبن جي حمايت ڪن ٿيون)، قدرتي حل، ۽ مقامي شراڪت داري تي ٻڌل رٿابندي کي ترجيح ڏيڻي پوندي. مينگروو / تمر جا ٻيلن جي ٻيهر بحالي، "نيري ڪاربن” (مينگروو جهڙن ساحلي ماحولياتي نظامن جي ذريعي ڪاربن جذب ڪرڻ جو عمل) جهڙا قدم، ۽ دريائي وهڪري جي گهٽ ۾ گهٽ معيار کي قانوني تحفظ ڏيڻو پوندو. اسان وٽ اڃا به موقعو آهي ته اسان پنهنجين غلطين کي سڌاريون.
سنڌو درياهه جو ڊيلٽا فقط هڪ ماحولياتي علائقو ناهي – هي سنڌ جي ساهه، سڃاڻپ ۽ وجود جو حصو آهي. جيڪڏهن اسان ان کي بچائڻ لاءِ اجتماعي قدم نه کنياسين ته اسان فقط زمين ئي نه، پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ سڃاڻپ به وڃائي ويهنداسين. هي واقعي پاڪستان جي پائيدار ترقي ۽ ان کي هڪ اهڙو هم آهنگ ملڪ بنائڻ لاءِ به اهم آهي جيڪو جامع طور تي خوشحال ٿيندو.هاڻي وقت اجتماعي عمل جو آهي. هاڻي وقت آهي ته اسان افسانن کان نجات حاصل ڪريون، حقيقت کي بنياد بڻايون ۽ سنڌو درياهه جي ڊيلٽا سان پنهنجو ناتو ٻيهر جوڙيون. اچو ته گڏجي هن ڊيلٽا کي بچايون، پنهنجي زمين کي بچايون، پنهنجي سڃاڻپ کي بچايون.