سنڌ جي بهادر وڪيلن جي عظمت کي سلام\ڇهن ڪئنالن خلاف هلندڙ شاندار جدوجهد \قاضي احمد جي لائبريري جا فائدا\

گذريل ڏينهن ملير بار ۽ ڪراچي بار کان سوين وڪيل سراپا احتجاج بڻجي سنڌوءَ مٿان ڇهه ڪئنال اڏڻ خلاف ٻٻرلوءَ باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ جي وڪيلن سميت سياسي مذهبي سماجي ۽ قومپرست جماعتون شامل ٿي ويون آهن ان قومي عظيم جدوجهد تي کين سلام پيش ڪريون ٿا، جيڪي ڏينهن رات پنهنجي ڌرتي، پنهنجي درياءَ سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن جي بچاءَ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن.انهن پنهنجا گهر، پنهنجا خاندان، پنهنجو آرام ڇڏي نٽهڻ اس ۾ رستن تي نڪري، سنڌ جي جيئري رهڻ لاءِ آواز اٿاريو آهي.ڇوته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته درياءَ سنڌ صرف پاڻي ناهي اها اسان جي تاريخ آهي، اسان جي تهذيب آهي، اسان جو وجود آهي. نون ڪئنالن خلاف هي مسلسل جدوجهد سنڌ جي بقا جي جنگ آهي.منهنجي سنڌ جا غيور جوانو! اوهان جون قربانيون وسارڻ جهڙيون ناهن، اوهان جا آواز سنڌ جي ڌڙڪڻ آهن، ۽ اوهان جو حوصلو اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي.اوهانجي پاڪ جدوجهد يقينن سنڌ جي ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪري رهي آهي۔ يقينن اوهان جون ڪوششون ڪامياب ٿينديون ۽ سنڌو درياءَ سدائين آزادي سان وهندو رهندو سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ تي به لڳل ڌرڻو ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.

اعجاز ممنائي

گذريل ٽن مھينن کان سنڌ صوبي جي عوام 6 ڪئنالن خلاف سخت ردعمل ڏيکاريو آھي. ھن وقت سنڌ جي وڪيلن ، شاگردن  ۽ سول سوسائٽي ۽ قوم پرست پارٽيون کي پ پ تي غصو ڪاوڙ آھي جيڪا وفاقي حڪومت جي ڀاڱي ڀائيوار اقتداري پارٽي رھي آھي ان کي ان وقت مخالفت ڪرڻ گھرجي ھا . پر ھن وقت پ پ جو ڌرڻو  مخالفت ٺھي نه ٿي . ھن وقت سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڪڏھن به ڌاڙو ھڻڻ نه ڏيندو . ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن کي ئي رد ڪري ڇڏيو . اڄ به سياسي ، مذھبي پارٽيون ، قوم پرست پارٽيون ، وڪيل ۽ سنڌي عوام جي وفاقي حڪومت کان گھر آھي ته سنڌو تي ڇهھ ڪئنال نه ٺاھيا وڃن . وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ھن فسادي ۽ سنڌ دشمن منصوبي کي ھميشه جي لاءِ ختم ڪري . اسان وڪيل برادرس، ميڊيا ۽ اخبارن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا جنھن ھن اھم مسئلي کي ڀرپور نموني سان ڪوريج ڏني آھي ۽ پنجاب جي ظلم خلاف آواز اٿاريو آھي . جيڪڏھن وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت پنھنجو ڪيل فيصلو نه ورتو ته ھي وڪيلن جي شروع ٿيل جدوجھد ايم آر ڊي واري شڪل اختيار ڪري ويندي ۽ وڏي ڪو انقلاب ايندو ۽ ملڪ م حقيقي جمھوريت ايندي جنھن جو عوام کي ھن صورتحال م انتظار آھي .

شفيق وساڻ

علم ۽ ادب جي ڦھلاءَ ۾ لائبريرين جي تمام وڏي اھميت آھي. اسان قاضي احمد واسي پاڻ کي تمام گهڻو خوش قسمت ٿا سمجهو، جو اسان جي شھر ۾ ثقافت کاتي جي لائبريري موجود آھي. وڏي ڳالھ ته ھيءَ لائبريري شھر جي مرڪز ۾ آھي، جنھن ڪري شھر توڙي پسگردائيءَ جي سمورن شاگردن ۽ مطالعي جي عاشقن کي سھولت آھي.قاضي احمد ۾ سرڪاري سطح جي ڪا لائبريري قائم ٿيڻ جو خواب تمام پراڻو ھو، پر ھِن خواب کي تعبير تڏھن ملي، جڏھن سسئي پليجو ثقافت کاتي جي وزير ھئي

 هن لائبريريءَ ۾ روزانو تقريباً ھڪ سو کان وڌيڪ شاگرد مطالعو ڪرڻ اچن ٿا. جڏھن ته لائبريريءَ ۾ ڏھاڪو کن ڇوڪريون پڻ مطالعي لاءِ اچن ٿيون. لائبريريءَ ۾ روزانو يارهن 11 اخبارون اچن ٿيون. لائبريريءَ ۾ پڙھڻ وارن جي لاءِ ٽي ھال آھن، جن مان ھڪ ھال نياڻين جي مطالعي لاءِ مخصوص ٿيل آھي. لائبريريءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قاضي احمد، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سِگا قاضي احمد ۽ پيس فل سپورٽنگ ھينڊس تعلقه قاضي احمد ،سماجي تنظيم ٽيلينٽ اينڊ فائونڊيشن پاران مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرام پڻ ٿي چُڪا آھن. لائبريريءَ ۾ هڪ لائبرين، ٻہ ڪلارڪ، هڪ ڪيٽلاگ، هڪ پٽيوالو ٽوٽل نو 9 ملازمن جو عملو موجود آھي.

لائبريريءَ  جي بھتريءَ لاءِ شير محمد مھر، عطاالرحمٰن سهتي، نور محمد مھر ۽ ٻئي عملي جون ڪوششون تمام گهڻيءَ ساراھ جي لائق آھن. ھيءَ لائبريريءَ اسان لاءِ ڪنھن تمام وڏيءَ نعمت کان گهٽ نه آھي. قاضي احمد ۽ ڀر پاسي جي نوجوان ساٿين ڀائرن ۽ ڀينرن کي گذارش ڪجي ٿي ته وڌ کان وڌ ھن لائبريريءَ مان فائدو حاصل ڪن

               غلام حيدر بالادي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.