سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ملڻ سبب وونئڻ پوکجي نه سگهيا: سنڌ آبادگار بورڊ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ پاڻي جي وڏي پيماني تي کوٽ واري صورتحال ۾ سنڌ جي زميني حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ کي گھرج موجب پاڻي ڏيڻ لاءِ ارسا کي خط لکي ڇڏيو آھي. سنڌ آبادگار بورڊجي صدر محمود نواز شاھه ارسا جي چيئرمين انجنيئر صاحبزاده محمد شبير کي موڪليل خط ۾ چيو آھي ته هن وقت سنڌ ۾ وڏي پيماني تي پاڻي جي کوٽ آھي. جنھن ڪري آبادگارن لاءِ مهيني ۾ 15 کان 21 ڏينهن پاڻي بند رھي ٿو. جڏهن ته اھا حقيقت پڻ مڃڻ جوڳي آھي ته سسٽم ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. ان جي باوجود ارسا پاڻي جي فراهمي وڌائي آهي، جنھن کي تسليم پڻ ڪجي ٿو پر ان جي باوجود پاڻي وهڪري ۾ لاڳيتو بهتري سان گڏ سنڌ لاءِ جلد کان جلد آبپاشي جي پاڻي جي فراهمي وڌائڻ جي انتھائي ضروري آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ھن وقت رِم اسٽيشنن تي پاڻي جي ڪل آمد ھڪ لک اٺاويھه ھزار پنج سئو ڪيوسڪ تائين وڌي وئي آهي، اسڪردو، بِشام ۽ ڪالاباغ تي به آمد وڌي رهي آهي. چشما ۾ ذخيرو 0.235 ايم اي ايف تائين وڌي ويو آهي. ڊيمن سميت ڪل ذخيرو 1.050 ايم اي ايف آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته معاھدي موجب سنڌ جو حصو  اوڻونجاھه ھزار چار سئو ڪيوسڪ ٿئي ٿو پر ھن وقت ان کي پنھنجي گھرج پنجاھه ھزار ڪيوسڪ جي ڀيٽ ۾ رڳو پنجٽيهه ھزار ڪيوسڪ پاڻي ملي رھيو آھي، جنھن ڪري سنڌ ۾ سکر تي 48 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي 39 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي کان ھيٺ 200 ڪيوسڪ جي کوٽ کي منھن ڏئي رھي آھي. محمود نواز شاھه پنھنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آھي ته سنڌ ۾ وونڻن جي پوک مارچ ۾ شروع ٿيڻي ھوندي آھي پر پاڻي جي وڏي پيماني تي کوٽ سبب ھڪڙا آبادگار وونڻن جي پوک ڪري ئي نه سگھيا آھن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ھن وقت تمام گهڻي گرمي پد ۾ پاڻي جي ضرورت وڌي رهي آهي. ھن وقت تيار بيٺل انبن جا باغ، ڪمند، ڀاڄيون وغيره 15 کان 21 ڏينهن کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ برداشت نه ٿا ڪري سگھن ۽ اھا کوٽ انھن جي نقصان جو ڪارڻ ٿي رھي آھي. خط ۾ اھو پڻ چيو ويو آھي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ وٽ پاڻي جا وسيلا محدود آھن ڇو ته سنڌ ۾ گھڻي ڀاڱي جر کارو آھي. جنھن ڪري اھو پاڻي پوک توڙي پيئڻ لاءِ استعمال جوڳو نه آھي. اھا ڳالھه پڻ ڌيان جوڳي آھي ته چشما مان جيڪو پاڻي ھاڻ ڇڏيو ويو آھي ان کي سنڌ تائين پھچڻ ۾ 10 کان 15 ڏينهن لڳندا ۽ ان وقت پاڻي جي ضرورت اڄ جي ڀيٽ ۾ اڃا به گھڻي وڌيڪ ٿيندي..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.