اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته چولستان ڪئنال جي تعمير جو فيصلو واپس نه ٿيندو، پنجاب هرگز سنڌ جو پاڻي نه پيو کڻي، هن چيو ته پاڻي جي بهتر مئنيجمينٽ هئڻ گهرجي،سياسي نه هئڻ گهرجي،پ پ اسان جي اتحادي آهي،جائز خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،هن چيو ته عمران خان وٽ سياستدانن سان ڳالهيون ڪرڻ کان علاوه ڪو آپشن ناهي،تحريڪ انصاف جو ڪنهن به سطح تي اسٽيبلشمينٽ سان ڪو رابطو ناهي