اسلام آباد(م ڊ) پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت 11 مهينن کان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ناهيگهرايو،اسان اتحاد ۾ آهيون،حڪومت اتي ئي اجلاس گهرائي پڇا ڪري ها ته توهان جا ڪهڙا خدشا آهن،مسلم ليگ نواز کي اتحاد ۾ رهڻو آهي ته ڳالهيون ته ڪرڻيون پونديون،اهو ڪو ننڍو مسئلو ناهي،پاڻي بنيادي حق آهي،هن چيو ته پڇڙي جا آبادگار ربيع سيزن ۾ فصل نه پوکي سگهيا،پاڻي جي معاملي تي ماضي ۾ به تحريڪون هلي چڪيون آهن،پ پ مزاحمت ڪرڻ تي آئي ته دمادم مست قلندر ٿيندو،مزاحمت جي سياست اسان کي ڳائي وڄائي ڪرڻ اچي ٿي،ڪي پي ۾ سنڌودرياهه ۾ موجون نظر اچي رهيون آهن،اسان کي مزاحمت جي سياست ڏانهن ڇو پيو ڌڪيو وڃي؟