ڪئنالن تي ڪم جاري رهيو ته وفاقي حڪومت کان ڌار ٿي سگهون ٿا: ناصر شاهه

ڪراچي( رپورٽر) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن تڪراري ڪئنال منصوبي تي ڪم جاري رهيو ته وفاقي اتحادي حڪومت کان ڌار ٿي سگهون ٿا. هن چيو ته سنڌ کي پاڻي جي سخت کوٽ آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڪينال منصوبو سنڌ جي حق ۾ ناهي. جيڪڏهن پاڻي موجود هجي ته اعتراض نه هجي، پر هاڻوڪن حالتن ۾ منصوبو نامناسب آهي. ناصر شاهه اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جي ساراهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اها به منصوبي کي رد ڪندي. فرنيچر ايڪسپو جي افتتاح موقعي تي هن چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات جي کوٽ ناهي، پر فني مسئلا رڪاوٽ بڻيل آهن، ۽ صوبن جو ڪردار ختم ٿيڻ وارو تاثر به غلط آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.