ڪراچي (م ڊ) سنڌ ليبر اپيليٽ ٽربيونل اسٽيل ملز جي 5 هزار 744 ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو. ٽربيونل ليبر ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيو جڏهن ته اسٽيل ملز انتظاميا کي 14 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو. انتظاميا ملازمن کي فارغ ڪري ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، ليبر ڪورٽ 22 فيبروري تي انتظاميا جي درخواست قبول ڪئي وئي. درخواست گذار جي وڪيل موجب اسٽيل ملز جي آڊٽ ڪرڻ وارن شاهدن جو رڪارڊ گم آهي، جيڪڏهن پاڪستان اسٽيل نقصان ۾ وڃي رهي آهي ته ان جي جاءِ تي نئين اسٽيل مل جو منصوبو ٺاهيو وڃي.