تيل جي پئسن مان موٽروي ٺاهڻ ڊرامي بازي آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هن سال ڪڻڪ جي پيداوارگهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، ڊسمبر ۾ ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي پوندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آبادگار ڪڻڪ پوکي رکيو آهي، پر خريدار ناهن، حڪومت کي آبادگار جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي، نه ته ملڪ جي معيشت تي اثر پوندو. بلوچستان ۾ روڊن جي اڏاوت بابت حڪومت جي اعلان کي "تماشو” قرار ڏنو ۽ چيو ته پي ايس ڊي پي مان ڪم ڪرايو وڃي، سکر کان ڪراچي تائين موٽر وي جي به ضرورت آهي. ڊيزل جي اسمگلنگ ۽ پيٽرول تي ناجائز منافع خوري تيل جي نظام کي متاثر ڪيو آهي. حڪومت تيل جون قيمتون گهٽ نه ڪيون، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جو اثر سڌو سنئون آبادگار تي پوي ٿو.

  1. خواجا آصف پنهنجي حڪومت کي هائبرڊ ماڊل قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن (م ڊ) وفاقي دفاع واري وزير خواجا آصف پنهنجي حڪومت کي هائبرڊ ماڊل قرار ڏيندي چيوآهي ته  حڪومت فوج سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  هن چيو ته سياسي پارٽيون ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پارٽنرشپ آهي. پي ٽي آئي حڪومت نام نهاد هائبرڊ هئي. باني پي ٽي آئي قوم کان معافي وٺي. باني اڄ منٿون ڪري رهيوآهي چوري ڊيل چاهي ٿو  اگر هو معافي گهري تڏهن به کيس حڪومت نه ملندي. کيس رياست خلاف ڪيل ڏوهن جي سزا ڀوڳڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.