جيڪو به امن ۽ استحڪام آهي، اهو شهيدن جي ڪري آهي: آرمي چيف

راولپنڊي( م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته شهيدن جو احترام هر پاڪستاني لاءِ مقدس آهي ۽ اڄ جو امن ۽ آزادي سندن قربانين جو نتيجو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ايڇ ڪيو ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي آفيسرن ۽ جوانن کي ستاره امتياز ملٽري ۽ تمغه بسالت سان نوازيو ويو.، تقريب دوران خطاب ڪندي جنرل عاصم منير چيو ته شهيد ۽ غازي اسان جو فخر آهن، سندن وطن لاءِ ڏنل بي مثال قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جيڪو به امن ۽ استحڪام آهي، اهو شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي حاصل ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.