تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو عوام کي سڌو سنئون فائدو ملڻ گهرجي

وفاقي حڪومت هن ڀيري پيٽروليم جا اگهه گهٽائڻ بدران گذريل قيمت برقرار رکي آهي. ايئن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين سڌو سنئون منتقل ڪرڻ بدران اها رقم بچائي ترقياتي ڪمن جهڙوڪ ڪجهه روڊن ۽  ڪڇي ڪئنال جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي  جو عوام کي فائدو نه ڏينداسين پر قوم جي زخمن تي مرهم رکنداسين جنهن تي سوشل ميڊيا ۽ ڪجهه ٻين غير جانبدار حلقن ۾ تنقيد ٿي رهي آهي. ٻيو ته حڪومت ڊيزل ۽ پيٽرول تي پيٽروليم ليوي نالي ٽيڪس ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي جنهن تي چيو پيو وڃي ته لڳي ٿو ته عوام بجاءِ اهي پيسا سياستدانن ۽ بيورو ڪريسي جي کيسي ۾ ويندا. سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم شهباز شريف کي واقعي به بلوچستان جو درد آهي ته وفاقي ڪابينا ۽ بيورو ڪريسي جي استعمال هيٺ غير ضروري گاڏين جو انگ گهٽائي ان جا پيسا ترقياتي ڪمن تي لڳايا وڃن. ٻيو ته جيڪڏهن صرف ليوي ئي ختم  ڪئي وڃي ته تڏهن به عوام کي پيٽرول في ليٽر 176 رپين ۾ ملي سگهي ٿو. سوشل ميڊيا تي هڪ صارف اهو به لکيو آهي ته نه موٽروي ٺهندو نه ئي عوام کي ڪو فائدو رسندو.

حڪومت جي ان فيصلي تي نامياري صحافڻ عاصمه شيرازيءَ  تبصرو ڪندي چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽ واڌ جو فيصلو هر پندرهين ڏينهن عالمي مارڪيٽ جي اگهن کي سامهون رکي ڪيو ويندو آهي. هن ڀيري عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون انتهائي گهٽ ٿيون ته اميد ڪئي پئي وئي ته 10 کان 12 روپيا گهٽايا ويندا پر وزيراعظم الٽو  پيٽروليم تي ٽيڪس ۾ 10 روپين جي واڌ ڪري ڇڏي جنهن کي مني بجيٽ به چيو  پيو وڃي. جيڪو ٽيڪس گڏ ڪيو ويندو  اهو ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيو ويندو. جيڪو کل جوڳو فيصلو قرار ڏنو پيو وڃي ۽ عوام جي کيسي تي ڌاڙو تصور ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته  بلوچستان جي پنهنجي سرپلس بجيٽ به آهي.“

پنهنجو به اهو ئي خيال آهي ته پيٽروليم جي اگهن ۾ جيئن واڌ کي  عوام ڀوڳيندو آهي تيئن ان جي لاٿ جو به عوام کي سنڌو سنئون فائدو ملڻ گهرجي. ماضي ۾ اسان اهو ڏسندا آيا آهيون ته جڏهن پيٽروليم جا اگهه وڌندا هيا ته چيو ويندو هو ته عالمي پيٽروليم مارڪيٽ جي اگهن ۾ گهٽ ۽ واڌ جي حساب سان اسان هلون ٿا سو جڏهن به عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽ ٿيندا آهن ته اسان به گهٽائيندا آهيون. پر ڏٺو اهو پئي  ويو ته جڏهن به پيٽروليم جا اگهه گهٽ ٿيندا هيا ته ان حساب سان عوام کي فائدو نه ڏنو ويندو هو.

 موجوده مسلم ليگ (ن)  جي حڪومت وري اهو نئون کل جوڳو طريقو اختيار ڪيو آهي ته پيٽروليم جي اگهن ۾ تمام وڏي گهٽتائي جو عوام کي فائدو ڏيڻ بدران اهو ٻين ترقياتي معاملن ۾ ڪتب آڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو  آهي  ۽ اها گهٽ ٿيل رقم ڪجهه ترقياتي ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي به پڪ ناهي ته اهي پيسا انهن ڄاڻايل ڪمن تي خرچ به ٿيندا. الائي نه.

اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت ان حقيقت کي ڇو نظرانداز ڪيو آهي ته ملڪ اندر جڏهن به پيٽروليم جا اگهه وڌندا آهن ته ان رفتار سان مهانگائي جو طوفان به برپا ٿي پوندو هو. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سان هر ان شئي جو مُلهه وڌي ويندو هو جيڪا شئي پيٽرول يا ڊيزل تي هلندڙ گاڏين  ذريعي آندي ويندي هئي. ايئن پبلڪ ٽرانسپورٽ وارا وري پيٽروليم ۽ ڊيزل جي اگهن جي واڌ سان بسن، ٽيڪسن،  رڪشائن ۽ ڪوچن جا به ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا هيا. وري جيڪڏهن تيل ۽  ڊيزل جو اگهه گهٽ ٿيندو هو ته ان حساب سان نه شيئن جون واڌيل قيمتون گهٽ ٿينديون هيون نه ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ وارا ڀاڙ گهٽائيندا هيا،  تنهن تي حڪومتن ۽ ضلعي انتظاميا تي سخت تنقيد ٿيندي هئي ته پيٽروليم جي اگهن جي واڌ سان  هر شئي جي قيمت ۽ گاڏين جا ڀاڙا وڌي وڃن ٿا پر جڏهن پيٽروليم جا اگهه گهٽجن ٿا ته حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا شيئن  جا اگهه يا گاڏين جا ڀاڙا ان حساب  سان گهٽرائي ناهي سگهندي تنهن تي هر ڪنهن جو بيڊ گورننس ڏانهن خيال ويندو هو ۽ اهو به سمجهيو ويندو هو  ته هر پندرنهن ڏينهن پيٽروليم جا اگهه وڌڻ ۽ گهٽجڻ جي رفتار سان شايد حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جي ڪارڪردگي مقابلو نه ٿي ڪري سگهي پر  هاڻي خبر پئي آهي ته اصل ۾  حڪومت وٽ عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ڏيڻ جو ارادو ئي ناهي.

سو اسان جو خيال آهي ته حڪومت پيٽروليم جي اگهن جي گهٽتائي جو فائدو جيڪڏهن عوام کي وڌ کان وڌ نه ٿي ڏئي سگهي ته پوءِ پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جو بار به پاڻ تي وجهي. ٻي صور ت ۾ ائين ٿيندو ته عوام پيٽروليم جي اگهن جي واڌ ۾ سڌو سنئون شڪار ٿيندو رهندو ۽  ان حساب سان مهانگائي به وڌندي رهندي ۽ جڏهن  پيٽروليم جا اگهه گهٽ ٿيندا ته ان جو عوام کي فائدو وري ٻئي ڪنهن طريقي سان ڏنو ويندو جنهن جي به پڪ ناهي. ڪيڏي نه عجيب پاليسي آهي. ڏسون ته  عوامي سطح تي ان جو ڪهڙو ٿو ردعمل اچي ڇاڪاڻ ته ڪي حلقا ان پاليسي کي سٺو به چئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.