هيءُ ملڪ ڇا واقعي رهڻ جي لائق ناهي رهيو!؟

تحرير: احمد نبيل نيل

اسين هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا،جتي اخلاقيات، قانون ۽ انسانيت صرف تقريرن ۾ ئي بچي آھي.روزانو گهٽين ۾، آفيسن ۾، سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، اهو سوال اٿاري  ٿو: ڇا اسان واقعي ڪنهن ملڪ ۾ رهون ٿا يا ڪنهن جهنگ ۾؟ڪجهه ڏينهن اڳ آفيس کان واپسي تي،اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن منهنجي دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙي ڇڏيو. ھڪ موڙ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل  ۾ٽڪر ٿيندي ذري گھٽ بچي ويو.پوءِ ڇا ٿيو. هڪ نوجوان ڪار مان نڪتو ۽ هڪ وچٿري  عمر جي موٽرسائيڪل سوار سان ااٽڪي پيو. تلخ ڪلامي، شور، گاريون، ھٿين پئجي ويو. حيرت تڏهن ٿي جڏهن موٽرسائيڪل سوار سان گڏ  موجود عورت به ويڙهه ۾ حصو وٺڻ لڳي.

مان عام طور تي اهڙن معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو آهيان ڇاڪاڻ ته ماڻهو خاموش بيھي تماشو ڏسندي،ٽرئفڪ بلاڪ ڪري ڇڏيندا آهن. مسئلي جو حل نه نڪرندو آهي، البتھ اتان گذرندڙن کي  پريشاني ضرور ٿيندي آهي. پر هن ڀيري مان گھڻو ويجهو هوس. تڪڙو ڀڄي پھتس ۽ ويڙهه ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. نوجوان سان گڏ ڪار ۾ هڪ ڇوڪري بھ ويٺل هئي، جنهن کي ليب ڪوٽ پاتل هو.ُحليئي مان ھي  ٻئي پڙهيل لکيل لڳي رهيا هئا، سوچيم، تعليم ڪجهه تھ اثر ڪندي.

مون نرميءَ سان ڇوڪر کان پڇيو، "ادا، تون پڙهيل لکيل ڇڏ کڻي، وڃڻ ڏي.” هن چيو ” غلطي هنن جي آهي ۽ اهي وري گاريون بھ ڏئي رهيا آهن.”واضح ڪندو ھلان ته نھ رڳو موٽرسائيڪل سوار انڪل ،پر ڪار وارو ڇوڪرو ٻئي گاريون ڏئي رھيا هئا. پر مون معاملي سلجھائڻ لاءِ ٻيهر چيو "ادا ،درگذر ڪريو،  توهان سان گڏ هڪ عورت آهي، اهو سٺو نه ٿو لڳي.”هو ڪار ۾ ويھڻ  وارو ئي هو ته انڪل وري پٺيان ڪجهه چئي ڏنو تھ وري نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي ان ڏانھن الر ڪئي. انهيءَ وچ ۾ ڪار ۾ ويٺل ڇوڪريءَ ڪنهن کي فون ڪيو ۽ خاموشيءَ سان بيٺي سڀ ڪجهه ڏسندي رهي. اسان ٻيهر وچ ۾ پئي، ٻنهي ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٽاريو. انهن انڪل ۽ آنٽي  کي وڃڻ لاءِ منٿ ڪئي، پر اهي به جوش ۾هئا. بھرحال وڏي مشڪل سان انھن کي روانو ڪيو.

مون سک جو ساهه کنيو، پر اهو سڪون وقتي ثابت ٿيو. جيئن ئي موٽرسائيڪل سوار ٿورو اڳتي ويا، هڪ ٻي گاڏي اچي، انهن کي روڪي ورتو. جنھن مان هڪ وڏي عمر وارو شخص نڪتو، جيڪو ُحلئي مان ان نوجوان جو  پيءُ لڳي رهيو هو. هو ڪار مان ٻاهر نڪرندي ئي موٽرسائيڪل سوار تي شروع ٿي ويو.گاريون، ڌمڪيون ۽ الرون شروع ڪري ڏنيون جڏهن موٽرسائيڪل سوار عورت کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي به جھڻڪي ڇڏيائين. اھو تشدد اڃا جاري هو ته هڪ  ٿلھو متارو  پهلوان زور زور سان گاريون ڏيندو اتي آيو: ” ڪٿي آهي ھو ؟  ڪٿي آهي ھو ؟”مون سمجهيو ته انڪل پنھنجي پٽ کي گھرائي ورتو آھي.پر هو به آيو تھ انهن تي ئي چڙھائي ڪرڻ لڳو. ايئن ھڪ  ٻيو پهلوان به اچي نڪتو . ٻئي چوڻ لڳا : ” توهان کي خبر آهي ته توهان ڪنهن سان جهڳڙو ڪيو آهي؟ اسين ان  جا گن مين آهيون! اسين الائي ڇا ڇا  ڪري ڇڏينداسين.”

هاڻي ويڙهه صرف لفظن جي نه رهي هئي، بلڪھ طاقت جي مظاهري جو ميدان بڻجي چڪي هئي. انھن ٽنھي ڄڻن جنهن طريقي سان انڪل ۽ آنٽي کي تذليل جو نشانو بڻايو. اهو منظر برداشت جوڳو نھ ھو.

اسان سڀ ماڻھون  وچ ۾ پئي انھن موٽرسائيڪل سوارن کي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. انهن جي وڃڻ کان پوءِ، هڪ پهلوان ڇوڪري جي پيءُ جي ڪار جو دروازو کوليو ۽ هو وڏي چوڌرائپ سان ڪار ۾ ويٺو. پوءِ مون انھن ٽنهي کي کلندي ڏٺو. مان اھا کل نٿو وساري سگھان.جيڪا انھن”طاقتور” ماڻهن جي چهري تي ڏٺي. ڄڻ  اهي پنهنجي ان درندگي تي خوش ٿي رهيا هئا. سندن رويي مان ائين لڳي رهيو هو ته هي سڀ ڪجهه انهن لاءِ عام هو.

مان هي سڀ منظر ڏسي ڳڻتي ۾ وٺجي ويس. اھو سڀ ڪجھ صرف "معاف ڪريو” سان  بچڻ جوڳي ڳالھھ ھئي.اسين  ڪھڙي پاسي وڃي رهيا آهيون؟ اسان جا روڊ هاڻي خطرناڪ رستا بڻجي ويا آهن، جتي هڪ ننڍڙي چنگاري سڄي ماحول کي ساڙي ڀسم ڪري سگهي ٿي. اهي روڊ صرف رستا نه آهن، اهي اسان جي  سماجي روين جو عڪس بڻجي چڪا آهن، عدم برداشت، انا پرستي ۽ طاقت جو نشو.ائين محسوس ٿئي ٿو ته  ڄڻ هر ماڻهوءَ جي اندر هڪ آتش فشان لڪيل آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهي ٿو. ڪاوڙ، خود پسنديءَ ۽ ڪوڙي وقار جو هڪ خوفناڪ ميلاپ اسان جي سڄي سماج کي اڏوھي وانگر کائي رهيو آهي.

انھيءَ ڏينهن، مون هڪ مشهور اينڪر جي پوڊ ڪاسٽ ڏٺي، جنهن ۾ هن پاڪستان کان دبئي منتقل ٿيڻ جو مکيه سبب سيڪيورٽي قرار ڏنو. ان وقت تھ  مون کي اھا ڳالھھ عام لڳي رهي هئي، پر هن واقعي کان پوءِ،سندس  ڳالهه تي جھڙوڪر يقين اچي ويو.سيڪيورٽي جو تھ مسئلو اسان جي ملڪ ۾آهي ئي آهي. جيڪڏهن سڀاڻي  مون يا توھان کي اهڙي صورتحال مان گذرڻو پوي ته ڇا اسان پاڻ کي محفوظ سمجهنداسين؟ ڇا اسان جون ڀينرون، ڌيئرون يا والدين اهڙن جنوني ماڻهن جي رويي کي برداشت ڪري سگهندا؟

اھڙي ريت  ان واقعي بعد مون کي جيل ۾ رڪارڊ ٿيل هڪ پروگرام ياد آيو. جنهن ۾ رپورٽر قيدي کي ڪجهه ھدايت ڏيڻ لاءِ چيو، جنھن تي هن صرف ايترو چيو: "جيڪڏهن  ماڻهو ٻن منٽن لاءِ پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو رکي سگهي ، ته دنيا دوزخ ٿيڻ کان بچي سگهي ٿي.”ان هڪ جملي ۾ ڪيتري گھرائي  آهي، پر افسوس، اسان مان اڪثر ماڻھو ان ڳالھھ کي سمجهڻ کان قاصر آهن.

اسان جو مسئلو اهو ناهي ته اسان وٽ گهٽ وسيلا آهن. اصل مسئلو اسان جي روين جو آهي. اسان تهذيب ۽ اخلاقي قدرن کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. اسين سکڻ نٿا چاهيون، اسين ٻڌڻ نٿا چاهيون، برداشت ڪرڻ ته اڃان پري جي ڳالھھ آھي.منهنجا ڪيترائي ويجها دوست  ڪجھھ  وقت اڳ کان پاڪستان ڇڏي ويا آهن. جڏهن به مون کانئن سبب پڇيو ته، سڀني جو لڳ ڀڳ ساڳيو جواب  هو: "هن ملڪ ۾ ڪجهه به ناهي بچيو” يا "هي ملڪ هاڻي رهڻ لائق ناهي رهيو.”

۽ مان، جيڪو هميشه انهن سان بحث ڪندو هوس، انهن ۾ اميد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، اڄ پاڻ سوچڻ تي مجبور آهيان… اھي شايد ٺيڪ چوندا ھئا.”هي ملڪ واقعي رهڻ لائق نه رھيو آهي.”

پر ڇا ان جو حل رڳو لڏي وڃڻ  ئي آهي؟ يا  اسان هن ملڪ کي اهڙو بڻائي سگهون ٿا جتي عزت، امن ۽ انسانيت سڀني لاءِ ھتي هجي؟ اھو فيصلو اسان سڀني کي ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اسان سڀني گڏجي ھن کي رهڻ لائق نھ بڻايو، ته پوءِ هڪ ڏينهن، ڪنهن ڏينهن… واحد حل "لڏپلاڻ” ئي هوندي.

(تعارف: احمد نبيل نيل گذريل پنجن سالن کان ميڊيا ۽ پبلڪ رليشنز سان لاڳاپيل  آهي.ڪئميرا  جي سامهون ۽ پردي پٺيان ڪم ڪرڻ جو تجربو اٿس، جنهن ۾ڊاڪيومينٽريز، ويلاگز، انٽرويوز، ميزباني، نثر ۽ نظم شامل آهي. لفظن سان ڳالهه رکڻ ۽ ان جي اظھار جو طريقو ڄاڻي ٿو۽ سماجي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ سندس دلچسپي آهي. جڏهن ڪو منظر يا تجربو دل کي ڇُهي ٿو، ته ھو ان کي شاعري، نثر، يا وڊيو جي صورت ۾ ٻين تائين پهچائي ٿو)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.