وڪيلن جو اڄوڪو ٻٻرلوءِ وارو احتجاج ڪهڙو رنگ لائيندو ؟

تحرير: اعجازممنائي

پنجاب ويندڙ قومي شاهراھ ٻٻرلوءِ ۽ شڪارپور باءِ پاس روجھاڻ مزاري وارا ٻئي رستا 18 تاريخ تي وڪيلن طرفان بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو۔ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئرسٽر سرفراز ميتلو پاران سنڌ واسين کي ڌرڻن ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي۔ هن تحريڪ جو مقصد سنڌو درياءَ مٿان ڪوبه ڪئنال نه ٺاهڻ آهي.

 هيءَ تحريڪ رڳو وڪيلن جي نه پر سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي تحريڪ بڻجي ويئي آهي ايتري تائين جو سنڌ حڪومت پڻ احتجاجن ۾ شريڪ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيئي رهي آهي ۽ پنجاب خلاف هر محاذ تي سراپا احتجاج پارٽيون اهو واضح ڪري رهيون آهن ته سنڌ جي وسيلن سميت درياهه بادشاهه تي ڪوبه ڪئنال يا ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين ڇوته سنڌوءَ کان سواءِ اسان جي نه سگهنداسين۔ پاڻي جياپو آهي مسلسل ٽن مهينن کان احتجاج بعد به پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم آهي .

 پنجاب ايريگشن ارسا کي خط لکيو آھي ته پنجاب کي پاڻي ۾ وڌيڪ کوٽ ڏيئي سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. ھن وقت پنجاب جو حصو 70100 ڪيوسڪ آھي پر پنجاب پاڻي انڊينٽ 44600 ڪيوسڪ جو آھي مطلب پنجاب خود ڄاڻي واڻي گھٽ پاڻي کڻي پيو ان کي ايتري ضرورت ناھي ۽ ھو پنھنجو پاڻي بچائي پيو.اصل ۾ پنجاب ايريگيشن ڪجهه ڏينھن اڳ پاڻ چيو ھو ته اسان کي تونسا بئراج تي سالانه بندي ڪرڻي آھي چشما ڊائون تي اسان کي پاڻي نه کپي. ھن وقت جھلم درياهه جو 45 سيڪڙو پاڻي منگلا ۾ گڏ ڪن پيا. چناب درياهه تي ڪجهه ڏينھن اڳ برساتن سبب تمام گھڻو پاڻي آيو ھو اھو به پنجاب ايريگيشن چناب تان راوي درياهه تي وھڪرا موڙي پاڻي ضايع ڪري ڇڏيو ۽ پنجاب جي حصي مان به نه ڪٽيو.ھن وقت سنڌو دريا تي تونسا بئراج جا واھ بند آھن پنجاب پنھنجي حصي جو پاڻي 4000 ڪيوسڪ ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي ٻئي پاسي کڻي پيو وڃي. ھوڏانھن ان ارسا کي چيو آھي ته اسان کي سنڌو درياهه جي ڪمانڊ تي پاڻي جي ضرورت ناھي اسان کي سنڌو مان چشما جھلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻي موڙي چناب واري پاسي پاڻي ڏيو.

پنجاب کي جيڪڏھن سنڌو دريا تي ايتري ضرورت ھجي ھا ته ھو ڪالا باغ تي ٿل ڪئنال، تونسا تي مظفر ڳڙھ ڪئنال ۽ ڊي جي ڪئنال تي پاڻي کڻي ھا. پر  پنجاب ايريگيشن جي ڊمانڊ آھي ته اسان کي حصي جو پاڻي CJ link, ۽ TP link ڪئنال ذريعي چناب واري پاسي پاڻي ڏيو جڏھن ته ھو جھلم چناب زون تي جھلم درياهه جو پاڻي کڻي سگھن ٿا پر اھو پاڻي منگلا ۾ گڏ ڪن پيا.سنڌ لاءِ ڇڏيل 35000 ڪيوسڪ مان گڊو بئراج وٽ 27900 ڪيوسڪ پاڻي پھچي پيو 20 سيڪڙو پاڻي لائن لاسز آھي اھو به پنجاب جي سر زمين تي.سکر بئراج تي 48 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 36 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آھي. کوٽ ۽ نه کڻڻ ۾ فرق آھي جيئن ھن وقٿ گڊو بئراج تي کڻت زيرو آھي ان جو مطلب اھو ناھي ته گڊو تي 100 سيڪڙو کوٽ آھي.

سنڌ کي وونئڻن جي پوکائي ته ٺھيو پر بيٺل فصل کي بچائڻ لاءِ به پاڻي پورو نٿو ملي.ان ظلم خلاف پوري قوم سراپا احتجاج رهي پر وري چيائون سنڌ جو پاڻي سمنڊ ۾ وهي زيان پيو ٿئي۔ ان جو جواب به کين ملي ويو ته سمنڊ ۾ ڪرندڙ هڪ ڪيوسڪ به ڊيلٽا لاءِ اهم آهي۔ سڄي دنيا ۾ درياهن جو پاڻي سمنڊ يا ڍنڍن ۾ ڪرندو آهي پر هتي ارباب اختيار ان غلط فهمي ۾ آهن ته سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي زيان ٿو ٿئي۔ اها سوچ ئي سڄي فساد جي جڙ آهي۔ان فساد خلاف وڪيل برادري اڄ پنجاب جا رستا بند ڪري ڪئنال منصوبي کي مڪمل طور رد ڪرڻ تائين احتجاج جو سڏ ڏنو آهي ان ۾ قومپرست ۽ سياسي سماجي جماعتن شرڪت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي۔وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ موجب ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو قافلو 17 ڪالهه سٽي ڪورٽ ڪراچي کان ٻٻرلو باء پاس خيرپور سکر روانو ٿي چڪو آهي جنھن ۾ حيدرآباد ميرپور خاص نوابشاه لاڙڪاڻي سکر ڊويزن جي سمورن ضلعن جا وڪيل قافلي ۾ گڏجندا ويندا ٻٻرلو وٽ روڊ بند ڪندا. جيستائين ڪينال بند ڪرڻ جو اعلان نه ٿو ٿئي عوام سياسي. مذهبي. سماجي ڪارڪن. هاري. شاگرد. ڊاڪٽر. استاد. شاعر. اديب.  دڪاندار صحافي. مزدورن  سميت سڀ اچو گڏجي همت ڪيون.

 وڪيلن جو اهو وقتائتو فيصلو سنڌو بچائڻ جو آهي ته سنڌ حڪومت کي به انهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ڇوته سنڌ جي عوام سنڌو بچائڻ جو وچن ڪندي قومي غلامي کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. هن وقت سنڌ جو مقبول ترين نعرو آھي ته” ڪينال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور“.ته پوءِ سنڌ سرڪار کي پنجاب جي ظلم خلاف اٿندڙ هر آواز سان آواز ملائڻ گهرجي هي جنگ سنڌ جي اجتماعي جنگ آهي ان تي پنهنجي پنهنجي سياست نه چمڪائڻ گهرجي هن قومي ڪاز تي جماعتون ۽ پارٽيون قربان ڪري ڇڏجن۔ ايس يو پي، ايس، ٽي، پي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ ، جي ڊي اي، پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو، پ پ پ ورڪرز، تحريڪ انصاف، عوامي جمھوري پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جا سڀئي حصا، عوامي ورڪرز پارٽي، پورھيت مزاحمت ۽ انھن سڀني سان گڏ سنڌ جو ھاري، مزدور، شاگرد، سماجي ڪارڪن، انساني حقن جون تنظيمون، وڪيلن جون تنظيمون، صحافين جون تنظيمون، دوڪاندار، ريڙهي وارا ۽ ٽيڪسي ھلائيندڙ سڀ گڏجي سنڌ سنڌوءَ جي وارثي ڪيو جيڪڏهن هن وقت ناڪام ٿياسين ته ڪڏهن به پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرار نه رکي سگهنداسين.

سنڌ کي وونئڻن جي پوکائي ته ٺھيو پر بيٺل فصل کي بچائڻ لاءِ به پاڻي پورو نٿو ملي.ان ظلم خلاف پوري قوم سراپا احتجاج رهي پر وري چيائون سنڌ جو پاڻي سمنڊ ۾ وهي زيان پيو ٿئي۔ ان جو جواب به کين ملي ويو ته سمنڊ ۾ ڪرندڙ هڪ ڪيوسڪ به ڊيلٽا لاءِ اهم آهي۔ سڄي دنيا ۾ درياهن جو پاڻي سمنڊ يا ڍنڍن ۾ ڪرندو آهي پر هتي ارباب اختيار ان غلط فهمي ۾ آهن ته سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي زيان ٿو ٿئي۔ اها سوچ ئي سڄي فساد جي جڙ آهي۔ان فساد خلاف وڪيل برادري اڄ پنجاب جا رستا بند ڪري ڪئنال منصوبي کي مڪمل طور رد ڪرڻ تائين احتجاج جو سڏ ڏنو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.