چولستان پروگرام سنڌ جي زندگيءَ لاءِ ھڪ وڏو خطرو آھي جيڪو ايندڙ وقت اسان لاءِ اڃ ۽ بک جو ئي نه پر اسان جي نسل کي صحرا ڀيڙو ڪندڙ منصوبا آھي ،
ويجهڙ ئي "چولستان پروگرام” جي نالي سان جيڪو منصوبو وفاقي حڪومت سامهون آندو آهي، اهو سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهي، پنجاب جي ريگستاني علائقي چولستان کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش آهي – پر ان جو سڌو سنئون نقصان سنڌ کي پهچندو. ته ڇا اسان ايئن سمجھون ته بلڪل به غلط نه ھوندو چولستان پروگرام – ترقي يا وسيلن تي قبضو؟
چولستان پروگرام جي بنيادي دعويٰ آهي ته پنجاب جي ريگستاني علائقن کي آباد ڪري، اتي زرعي انقلاب آڻڻ، مقامي آباديءَ لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ ۽ خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ مقصد آهي. پر جڏهن ان منصوبي جي گھرائي سان جاچ ڪئي وڃي ٿي، ته اها ترقي نه پر وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي هڪ منظم منصوبي جي شڪل اختيار ڪري ٿي. سنڌو درياهه اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي، ان مان وڌيڪ پاڻي ڪڍڻ نه رڳو غير فطري آهي، پر وفاقي اصولن جي ڀڃڪڙي به آهي.سنڌو درياهه بابت 1991ع جو پاڻي ورڇ وارو معاهدو (Water Accord) صاف لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ته ڪو به صوبو، بغير ٻين جي منظوريءَ جي، ڪنهن به نئين ڪئنال يا منصوبو شروع نه ڪندو. پر چولستان پروگرام ان معاهدي جي لتاڙ آهي.
سنڌ لاءِ ھڪ وڏو خطرو پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زراعت جي تباهي سنڌ جو وڏو حصو زراعت تي دارومدار رکي ٿو. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تي اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي فراهمي گهٽجي وئي آهي، جنهن سبب بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ۽ ٿرپارڪر سميت ڪيترائي علائقا ڏڪار، زمين جي بنجر ٿيڻ، ۽ ماڻهن جي لڏپلاڻ جو شڪار آهن. جيڪڏهن نوان ڪئنال تعمير ٿيا، ته اهي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. سنڌ جون زمينون پوکڻ لائق نه رهنديون ۽ پاڻيءَ لاءِ وڏيون ويڙهيون جنم وٺنديون. ان درياهه جي فطري وهڪري ۾ مداخلت سان ڪيترائي نقصان رسندا
درياهه جي جڏهن وهڪري ۾ زبردستي تبديليون آڻبيون آهن، نوان ڪئنال ڪڍبا آهن، ته ان سان نه فقط درياهه جي حياتي متاثر ٿئي ٿي، پر ساحلي ماحول، سامونڊي زندگي، ۽ زميني توازن به بگڙجي ٿو. سنڌ جي درياهن ۾ آبي حيات، خاص ڪري مڇيون، ۽ ٻين نسلن جي خاتمي جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ھي چولستان پراجيڪٽ پروگرام ثقافتي ۽ قومي سڃاڻپ تي ھڪ انتھائي گھرو وار آھي جيڪو چولستان پروگرام جي نالي ۾ اهو به خدشو موجود آهي ته نوان آبادڪاريءَ جا سلسلا شروع ڪيا ويندا. تاريخ شاهد آهي ته وفاقي ادارا، مختلف ترقياتي منصوبن جي نالي ۾ غيرمقامي ماڻهن کي آباد ڪري مقامي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا حربا استعمال ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن چولستان علائقو آباد ڪيو ويو ته اها ساڳي روش ورجائي ويندي . نتيجي طور نقصان سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ، ٻولي، ۽ علائقائي ساڃاهه کي سخت نقصان پهچندو. ھت ته قانوني ۽ سياسي بدديانيت واضع آھي ته چولستان پروگرام کي پيش ڪرڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي طريقيڪار مان ظاهر ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت پاران ڪنهن به لاڳاپيل صوبن، خاص ڪري سنڌ سان، ڪا صلاح مشوري نه ڪئي وئي آهي. اهو وفاقي جمهوريت جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ هميشه کان ئي پاڻيءَ جي ورڇ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي رهي آهي، پر ان جي آوازن کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ، نوان ڪئنال ٺاهڻ لاءِ جيڪا رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، ان جو مقصد صرف زرخيز زمين ٺاهڻ نه آهي، ڇو ته زرخيز زمين کي ملندڙ پاڻي روڪي غير آباد زمين بنجر زمين کي ڪئنال ڪڍي پاڻي ڏيڻ جو مطلب ته ھٿ سان سرسبز سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي پئي ھڪ پل ته ايئن ٿو لڳي ته سياسي طور تي پنجاب کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، ۽ اتي جا وسيلن تي مڪمل ڪنٽرول قائم رکڻ لاءِ ئي ھھڙا پروجيڪٽ ٺاهيا ويندا آهن. ائين لڳي ٿو ڄڻ هي منصوبو واڌاري کان وڌيڪ وسيلن جي مرڪزي قبضي جو هٿيار هجي.
گذريل ڇھن مھينن کان سڄي سنڌ سراپا احتجاج ڪري رھي آھي ھت ٻار کان پڪي پوڙھي تائين سمورا ماڻھو روئي پٽي چئي رھيا آھن ھتان جو ھاري ناري شاگرد استاد مزدور سياسي سماجي ورڪر ڊاڪٽر وڪيل عورت يان ماء ۽ ٻار کير پيئندڙ ٻار سڀ چئي رھيا آھن نو مور ڪئنال آن انڊس رور اھو سنڌ جو مطالبو جيڪو اڄ سياسي ڪنن ۾ پڻ گونجي رھيو آ پر جو ٻڌي عمل اڃان ڪونهين ڏور نظر اچي پيو سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ماحولياتي حلقن پاران واضع مطالبو آهي ته ڪو به نئون ڪئنال سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڪئنال نامنظور ٻئي صورت ٺهڻ کان اڳ، بين الصوبائي معاهدي جي مڪمل طور تي پاسداري ڪئي وڃي.
سنڌ کي پاڻيءَ جي فوري فراهمي درياهه جي قدرتي وهڪري کي بحال ڪيو وڃي، ۽ ماحولياتي تباهيءَ کان بچاءُ لاءِ بين الاقوامي اصولن تي عمل ڪيو وڃي وفاقي ۽ بين الاقوامي سطح تي سنڌو درياهه کي هڪ ‘محفوظ حياتي نظام’ طور تسليم ڪيو وڃي، جيئن ان کي غير ذميوار منصوبن کان بچائي سگهجي.چولستان پروگرام جي نالي ۾ سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ جي رٿا، سنڌ جي وجود لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. اهو منصوبو ترقيءَ کان وڌيڪ سياسي بالادستيءَ، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ، ۽ ماحولي تباهيءَ جو پيش خيمو آهي. سنڌ جي عوام، سياسي قيادت، ۽ شهري سماج کي گهرجي ته هن خطري کي سنجيدگي سان وٺن، پنهنجو آواز اٿارين، ۽ پنهنجي درياهه، زمين ۽ سڃاڻپ جي بچاءَ لاءِ متحد ٿين. جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا، ته ايندڙ نسلن لاءِ رڳو بنجر زمينون، خشڪ درياهه، ۽ ناپيد تهذيبون ئي بچنديون.