ادبي دنيا ۾ کوڙ ساترا سدابھار گل آھن ۽ سدائين پيا ايندا رھندا پر اڄ آئون ھن پنھنجي ادبي ڪرت يا ھن اڄوڪي ليک ۾ جنھن سدا بھار گل جهڙي صورت ۽ سدا بھار گل جهڙي سيرت رکندڙ گل جي ادبي ادائن جي ڳالهھ يا ذڪر ڪندس اھو ادبي گل آھي . ماکي کان به وڌيڪ مٺي منھنجي مٺڙي ادي سيما عباسي ۽ سندس ڪتاب آھي ،،،لاشا لڙڪن جا،،، ڀيڻ سيما عباسي جو ھي ٻيو نمبر ڪتاب آھي جيڪو سارو جو سارو غزل جي صنف تي آڌاريل ڪتاب آھي. ھن ڏات ڌياڻي پنھنجي تخليقي ادائن سان سچي پڙھندڙن جو ڌيان ۽ گيان پنھنجي رچنائن جي طرف روح سان ڇڪائي ورتو آھي.
ظاھري شمع ڀل ٻري نه ٻري ،
روح جي روشني وڏي شئي آ.
ڀيڻ سيما عباسي جي ھنن رچنائن جي خيال جي اڏام ڏسندي مونکي ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ ته منھنجو گھر ايئرپورٽ جي ڀرسان ھجي ۽ آئون جھازن جي اٿڻ ۽ لھڻ جا حسين منظر ڏسي رھيو آھيان ۽ دل ئي دل ۾ اھيو سوچي رھيو آھيان ته اجھو ٿو اچي منھنجو محبوب پر ڏيهھ مان مونسان ملڻ ڪنھن نه ڪنھن ايندڙ جھاز ۾.
ڏات ساراھ پنھنجي چاھي ٿي،
داد ڏي دلڪشي وڏي شئي آ.
انسان جڏھن به ڪنھن نه ڪنھن ميدان ۾ يا وري ڪنھن نه ڪنھن اداري ۾ سٺو ڪم ڪندو آھي ياسٺو پاڻ ۾ ڪردار پيدا ڪندو آھي ته سندس ادي سيما عباسي جي ھنن مصرعن جھڙا احساس سندس من۾ پيدا ٿيندا آھن. ۽ پنھنجي دوستن کي چئي ويھندا آھن ته داد ڏي دلڪشي وڏي شئي آ. ايمان سون آئون به سندس رچنائن جي اڏار ڏسي سندس احساسن کي داد ڏيڻ لئي اڏري ملندو آھيان. سڌريل قومن جا فرد صرف پاڻ کي نه پر ٻين کي خوشي ڏيڻ لاءِ جئيندا رھندا آھن. يا ھي چوڻ به وڌاءُ ناھي ته جو گھڻو ڪري ٻين جي پيٽ خاطر چڙڻ ۾ پنھنجي زندگي جي سعادت سمجھندا آھن. ۽ اڻ سڌريل قومن جا فرد صرف ئي پنھنجي پنھنجي پيٽ ۽ پنھنجي پنھنجي خوشين لئي وتندا ھيڻن کان وڌ پنھنجي ڌرتي جي ھيڻن اٻوجھه انسانن کي ڦريندا لٽيندا ۽ ان ڦر لٽ ۾ ئي پنھنجي زندگي جي سعادت سمجھندا رھندا آھن ادي سيما عباسي جي ھن ،،،، ڪتاب لاشا لڙڪن جا،،،، جي رچنائن ۾ ۽ سندس ادبي سفر ۾ ۽ ادبي اٿڻي ويھڻي ۾ اھي گڻ ۽ گس موجود آھن جيڪي ٻين کي خوشبو ۽ خوشيون ڏيڻ ۾ پنھنجي طرفان ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏيندا آھن. ڏسو ۽ پڙھو ادي سيما عباسي جا مڌ ڀر يا ھي مڌري احساس ۽ ارمان.
وري احساس سيما جا،
مونکي ناياب ٿاڏسجن.
جاڳ جا سپنا سجايا ،
شاعري ٿيندي وئي.
دوستن جون ھي مھربانيون ھن،
دشمنن جو رھيو آ وارڪٿي.
رلي تعبير لئي جئي ڪا ،
اکين جي جاڳ رستي ۾ .
ھو پر کي ٿو ضميرن کي ،
اھا طاقت قلم جي آ .
قلم قومن جون صورتون سنواريندو به آھي ته وري قلم قومن جون صورتون بگاڙيندو به آھي. ھاپر قلم جو صورتن سنوارڻ ۽ صورتون بگاڙيندڙ ڪم قلم کان وڌيڪ کيس وھائڻ واري جي ھٿ ۾ ھوندو آھي. صورتون سنوارڻ ۽ بگاڙڻ وارو ڪم انسان پاڻ ڪندو آھي. پر وري پنھنجي عادت آھر اھو ڏوھي ويچاري قلم کي ڪندو آھي. مون ادي سيما عباسي جي اندر جي اور جنھن ادبي ايمانداري سان ڏٺي يا پڙھي آھي . اھڙي ادبي ايمانداري واري اور سڀ جو سڀ فيميل شاعرائن کي نه پر وڏي جگر واري قلمڪارن کي نصيب ٿيندو آھي. ھي ڪم اڪ مان ماکي لاھڻ واري عمل جھڙو عمل ناھي ھوندو. ھھڙن عملي ڪمن لاءِ رڪ جا چڻا چٻاڻڻ جھڙو عمل ھوندو آھي.
توڏي اچڻ جا پنڌڙا ،
زخمي وڃن ٿا ٿيندا.
ڪنڊن سان گڏ رھيا سيما ،
صبر دل جي گلابن جا .
ڪراھت جوڳي فڪر کي ڊاھڻ لاءِ اوھان پنھنجي حافظي جي خاني ۾ ھي احساس سجائي ۽ سانڍي رکو اوھان جي ادبي احساسن کي ھي ادبي خيال شاد ۽ آباد رھڻ جھڙا ويس ۽ وڳا پنھنجي وقت اچڻ تي ضرور پارائيندا ۽ غير مثبت احساسن کي اوھان جي ذھن مان ھميشا جي لئي ڀڄي ڀورا ڪري ڇڏيندا. ھماليا جبل جيڏا يا ھماليا جبل جھڙا حاصلا ڏيندڙ ادي سيما عباسي جون ھي رچنائون سچ پڇو ته پنھنجو مٽ پاڻ ئي آھن. ۽ ھا دنيا جو سچو پچو ڪوبه انقلابي ادي سيما عباسي جي ھنن آردشي اڏول ارادن کان ڌارھڻ ۾ يا ڌار حياتي گذارڻ ۾ پنھنجي انقلابي حوصلن جو ۽ پنھنجي انقلابي اکرن جو موت ڀائيندو ئي ڀائيندو رھندو.
دوکو جنھن جو منصب آھي،
ٿينداسي غمخوار نه ڪنھن جا.
ساٿ جون اکڙيون سڏڪن سيما ،
ڪوڙا پر سھڪاري نه ڪنھن جا.
خنجرن سان ڄڻ ڪٽيو ويو فن کي ،
قتل ڪنھن جو ٿيو ھئو تنقيد ۾ .
ادي سيما عباسي جي ھنن روحي رچنائن ۾ ۽ سندس ابدي زندگي جي گذارڻ جي دائري ۾ اوھان کي ڪٿي به نااميدي جھڙا احساس،ناميدي جھڙا ٻول ۽ خوشامندي جاڪلما اٽي ۾ وار برابر نظر ايندا. ادي سيما عباسي جو لڳاتار لکڻ ۽ لڳاتار روح سان ادبي رياضتون ڪرڻ تي مولا گواھ آھي ته مونکي سندس ادبي زندگي گذارڻ تي يا ادبي زندگي ۾ عزتون ملڻ تي ۽ سندس حو صلي وڌڻ تي بي انتھا ۽ بي لوث خوشي ٿي رھي آھي. اڄ اديءَ جو جنم ڏينھن آهي ڀيڻ کي جنم ڏينھن جون گهڻيون گهڻيون مبارڪون هجن۔