پنهنجي عزت پاڻ ڪريو

جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي عزت نٿو ڏئي، مطلب ته هو پنهنجي صلاحيتن، قابليتن، شخصيت ۽ جذبات جي قدر نٿو ڪري.  اھڙي حالت ۾  ٻيا ماڻهو به کيس سنجيدگيءَ سان نه ڏسندا آهن. معاشرو انهن ماڻهن جي عزت ڪندو آهي جيڪي پاڻ کي عزت ڏيڻ ڄاڻن ٿا۔  آمريڪي ليکڪ روبرٽ ٽيو جو چوڻ آهي ته ” پنهنجي پاڻ سان ايترو پيار ڪيو ۽ اهڙين شين کان پري هليا وڃو، جيڪي هاڻ اوهان جي واڌاري، سکيا يا خوشي لاءِ فائديمند نه رهيون آهن.” زندگيءَ ۾ عزت نفس  هڪ اهڙو اهم عنصر آهي جيڪو انسان جي ذهني، جذباتي ۽ سماجي صحت لاءِ بنيادي اهميت رکندو آهي. جڏهن اسان پنهنجي عزت نفس کي اهميت ڏيندا آهيون، ته اسان پنهنجي ذات سان محبت ۽ احترام جو رستو اختيار ڪندا آهيون، جيڪو زندگيءَ ۾ سڪون، اعتماد ۽ خوشحالي جو سبب بڻجي ٿو. عزت نفس صرف هڪ نفسياتي حالت ناهي، بلڪ اها انسان جي مجموعي صحت ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. جڏهن اسان پنهنجي پاڻ کي عزت ڏيندا آهيون، ته اسان پنهنجي جذبات، خيالن ۽ عملن ۾ توازن پيدا ڪندا آهيون. اهو توازن ٻين سان مثبت ۽ متوازن تعلقات قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي۔ پاڻ کي قبول ڪريو، پاڻ کي سنڀاليو، پهريان پاڻ لاءِ جيئڻ  سکو۔  پنهنجي تقدير جو پڻ فيصلو ڪريو،  ها!   ڪيتريون ئي ڳالهيون آ آهن جيڪي قدرت جي هٿ ۾ آهن جهڙوڪ عزت، ذلت، ززق، زندگي موت وغيره پر ڪائنات جي خالق  جيتري توهان کي ڪرڻ  طاقت ڏني آهي، اوترو ضرور ڪيو يعني توهان پنهنجي حصي جو ڪم ڪريو باقي قدرت ٿي ڇڏي ڏيو. باقي ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ پاڻ کي نيچ ڪرڻ پاسو ڪريو. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته "اهڙو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني’  اسان ٻين کي خوش رکڻ لاءِ زندگي م اهڙا ڪم به ڪري ويندا آهيون جنهن سان اسان جي عزت مجروح  ٿي ويندي آهي ۽ اسان کي خبر ئي نه پوندي آهي. اسان ٻين جي خوشين خاطر  استعمال ٿي ويندا آهيون ۽ پنهنجي عزت نفس کي وساري ڇڏيندا آهيون. اسلام ۾  به عزت نفس کي اهميت ڏني وئي آهي۔ حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته "پنهنجي غلطين کي  تقدير تي الزام نه وجهو، ڇو ته تقدير به همت جي محتاج هوندي آهي۔”حقيقت ۾ همت خود اعتمادي جي علامت آهي. جيڪو پنهنجي پاڻ سان عزت وارو سلوڪ ڪندو آهي، هو پاڻ تي ڀروسو ڪندو آهي۔ اهڙو ماڻهو ٻين تي به سٺو اثر ڇڏي ٿو  انڪري معاشري ۾ عزت حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين پاڻ کي عزت ڏيڻ ضروري آهي. زندگيءَ ۾ جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ماڻهو اوهان جي عزت ڪن، ته ان لاءِ ضروري آهي ته توهان پاڻ کان شروعات ڪريو۔ پاڻ کي عزت ڏيو، پنهنجين حدن کي ڄاڻو، پنهنجين ڪاميابين تي فخر ڪريو، ۽ پنهنجي خامين تي ڪم ڪريو۔ ڇو ته جيڪو ماڻهو پاڻ کي عزت نه ٿو ڏئي، دنيا به ان کي عزت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي هوندي۔

                         نذير ٻٻر

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.