سرزمين سنڌ جي تاريخ شروعات کان ئي تھذيب ۽ واپار جو مرڪز رهي آهي. تاريخ جي پنن مان اهي ثبوت ملن ٿا ته سنڌ جا قديم زماني ۾ دنيا جي مختلف ملڪن سان واپار رهيو آهي. موهن جو دڙو 5000 سال پراڻي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته هي علائقو علم، فن ۽ زراعت ۾ اڳڀرو رهيو آهي دولت ۽ جاگرافيائي اهميت جي ڪري سنڌ هميشه ٻاهرين قوتن جي نظر ۾ رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ خوشحال هجڻ ڪري حملن جي زد ۾ رهي آهي سڀ کان پهريون وڏو حملو 518 قبل مسيح ۾ ايڪيمينيڊ فارس جي بادشاهه دارا اول طرفان ڪيو ويو جنهن سنڌ کي پنهنجي سلطنت جو حصو بڻايو. ان کان پوءِ 326 قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم سنڌ جي ڪناري سان لنگهيو ۽ هتي جي مقامي راجائن يا حڪمرانن سان جنگون ڪيائين. ڪيترائي ماڻهون پنهنجي وطن تان وار جي ويا وري
7 صدي عيسوي ۾ عربن جو حملو هڪ نئون موڙ هيو. 712ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪري قبضو ڪيو. اهو حملو رڳو مذهبي، نه هيو پر سنڌ جا لکين انسان قتل ڪيا ويا هزارين مرد عورتون قيد ڪري کڻي ويا رڳو اهو نه پر ان سان گڏ علم، ٻولي ۽ سماجي نظام ۾ به وڏيون تبديليون آيون،پوءِ غزنوي، غوري، مغل به حملي آور ٿيا ۽ ڪلهوڙا-ٽالپور دور ۾ به سنڌ تي مرڪزي حڪومتن جي اثر ۽ مقامي مزاحمت جو ٽڪراءُ هلندو رهيو.
1843ع ۾ برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جنرل چارلس نيپيئر جي اڳواڻي ۾ ميانپور جي جنگ ۾ ٽالپورن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو. برطانوي راڄ دوران سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ملائي ڇڏيو، جنهن سان سنڌ جي الڳ سڃاڻپ ۽ معيشت کي نقصان پهتو. سنڌي ٻولي ۽ زمين جي مالڪي واري نظام تي به اثر پيو. اهو سلسلو هڪ سو سال کان مٿي عرصو هليو جنهن کان پوءِ هڪ نئون دور شروع ٿيو 1947 ۾ پاڪستان ٺهيو ٿيڻ ته ايئن کپندو هيو ته انگريزن جيئن آزاد خودمختيار سنڌ تي قبضو ڪيو هيو ان کي ان صورت ۾ بحال ڪيو وڃي ها پر ايئن نه ڪيو ويو ان جو سبب ته انگريزن کي 1843ع کان وٺي سنڌ ۾ وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو ان جي پلاند ۾ نئين نالي سان ٺهيل پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو پر ان کان پوءِ واري دور ۾ سنڌ کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو هندستان جي تقسيم وقت لکين مهاجرن جي آمد ۽ پوءِ اندروني لڏپلاڻ سبب سنڌ جي شهري علائقن، خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر جي آبادي جي توازن ۾ تبديلي آئي. ان سان گڏ زمين ۽ وسيلن جي حقن بابت تڪرار پيدا ٿيا. غير سنڌي ملڪيتن ۽ ڪاروبارن جا وارث بڻجي ويا ۽ ٻيو وفاق جي نالي تي سنڌ جي وسيلن جي لٽمار جاري ڪئي وئي سا اڃان جاري ساري آهي توڙي جو سنڌ پاڪستان جي زراعت ۽ بندرگاهن جي آمدني ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پر پاڻي جي ورڇ، خاص ڪري سنڌو درياهه مان ڏاڍ جي بنياد تي پنجاب پاڻي کڻندو رهي ٿو زبردستي ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن ان جي ڪري پاڻي جي کوٽ آهي ان منصوبن بابت سنڌ ۾ هميشه شڪايت رهي آهي. ڪالاباغ ڊيم باشا ڊيم جهڙا منصوبا ٺاهي سنڌ کي زرعي طور تباهه ڪيو پيو وڃي سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري زرعي زمين ۽ ڊيلٽا تباهه ٿي ويندي.
رڳو اهو نه پر سنڌ سان هر سطح تي ڏاڍ ۽ ظلم ڪيو وڃي ٿو سنڌي هر ظلم خلاف آواز اٿاريندا رهن ٿا 1972ع ۾ ٻولي بل واري تحريڪ ان ڳالهه جو مثال آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ سنڌي عوام ڪيئن متحد ٿيو. قدرتي وسيلن گئس، ڪوئلو ۽ بندرگاهن جي آمدني جي باوجود سنڌ جي اندروني علائقن ۾ ترقي، صحت ۽ تعليم جون سهولتون ٻين صوبن جي مقابلي ۾ گهٽ آهن. اهو معاشي عدم توازن سياسي بيچيني جو سبب بڻيو آهي.هن ملڪ جا حڪمران ڪرپٽ لاچي ۽ ڊيڄو آهن هتي اڪثر حڪمران عوامي ووٽ ذريعي نه پر هن ملڪ جي طاقتور قوتن سان اصولن جي سوڌي بازي ڪري اقتدار جي ڪرسي تي ويهڻ ٿا اڳي حملا لشڪرن سان ٿيندا هيا پر هاڻي 21 صدي ۾ سازشن جو تصور تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي اهو رڳو فوجي حملن تائين محدود ناهي. ماحولياتي تبديلي، سمنڊ جي پاڻي جي وڌڻ سان ٺٽو ۽ بدين جي ڊيلٽا جو ٻڏڻ، غير قانوني قبضا، ۽ نوجوانن جي بيروزگاري اهي نوان مسئلا آهن جن کي سنڌ خلاف ڏاڍ ۽ ناانصافي جي تسلسل طور ڏسجي ٿو
ان باوجود سنڌ جي عوام جي مزاحمت جو روح ختم نه ٿيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي صوفياڻي فلسفي کان وٺي سائين جي.ايم. سيد جي جديد سنڌي قومپرستي ذريعي سنڌ هميشه پنهنجي سڃاڻپ کي زنده رکيو آهي. سنڌي ادب، موسيقي ۽ صوفياڻي روايت اڄ به برداشت ۽ محبت جو پيغام ڏئي ٿي. پاڻ جيڪڏهن ليڪو ڪڍي سوچيندا سين ته هڪڙا آهن حڪمران جن کي سنڌ جا قدرتي وسيلن لٽجڻ سامونڊي ٻيٽ کسجڻ. زمينون کسجڻ تي ڪا پرواهه ناهي ٻئي طرف قومي تحريڪ آهي جيڪا سنڌ جي وحدت جي بقا کان وٺي وسيلن جي وارثي قانون جي حڪمراني آزادي ۽ خوشحالي لاءِ ميدان عمل ۾ آهي توڙي جو سنڌ جي وسيلن جي وارثي ۽ وجود جي بقا لاءِ هلندڙ قومپرست تحريڪ کي ڪيترين ئي اندروني ۽ ٻاهرين رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهن رڪاوٽن جي ڪري تحريڪ جو اثر محدود ٿي وڃي ٿو. قومپرست پارٽين ۽ اڳواڻن کي اڪثر رياستي دٻاءُ هيٺ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ڪيترن ئي پارٽين تي پابنديون آهن. ڪارڪنن جي گمشدگين، گرفتارين، ۽ ڪيسن جو خوف نوجوانن کي تحريڪ کان پري ڪري ٿو. احتجاج ڪرڻ، جلسو ڪرڻ يا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ به ڪيترين ئي قانوني ۽ انتظامي رنڊڪن مان گذرڻو پوي ٿو. ان ڪري تحريڪ عوام تائين کليل نموني پهچي نٿي سگهي. ان باوجود ڪا به تحريڪ هلائڻ لاءِ پئسو، آفيس، ميڊيا ۽ تنظيمي ڍانچو گهرجي. قومپرست پارٽين وٽ وڏا فنڊ نه آهن. انهن جو دارومدار اڪثر چندي ۽ ميمبرن جي مدد تي آهي. ان جي ابتڙ انهن جي مخالف قوتن وٽ وسيلا، ميڊيا ۽ رياستي مشينري موجود آهي. معاشي ڪمزوريءَ جي ڪري تحريڪ پنهنجو پيغام ڳوٺ ڳوٺ تائين نٿي پهچائي سگهي. ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به مسئلي کي هاءِ لائيٽ ڪرڻ لاءِ ٽي وي چينلن ۽ اخبارن ۾ قومپرست تحريڪ کي يا ته جاءِ ئي نه ٿي ملي، يا ان کي فتني باز طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ان سان عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ تحريڪ لاءِ همدردي پيدا ٿيڻ بدران خوف پيدا ٿئي ٿو. سوشل ميڊيا تي ڪم آهي، پر ان تي به پابنديون ۽ نگراني آهي. ٻيو ته قوم پرست تحريڪ به ورهايل آهي ذاتي اختلاف، انا ۽ گروپ بنديءَ جي ڪري گڏيل ايڪشن پلان نٿو ٺهي. ان ورهاست جو سڌو فائدو مخالفن کي ٿئي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن تحريڪ رڳو نظرياتي نعرن تائين محدود ٿي وڃي ٿي. عام سنڌي ماڻهوءَ جا روزمره جا مسئلا آهن: پاڻي، بجلي، نوڪري، صحت، تعليم. جيڪڏهن تحريڪ انهن مسئلن سان پاڻ کي نه ڳنڍيندي ته عام ماڻهو ان کي پنهنجي نه سمجهندو. نعري ۽ عمل ۾ فرق هجڻ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. ان جو مثال جيڪي پارليامينٽ جي سياست ڪن ٿا اهي هڪ ئي تڪ تي هڪ کان وڌيڪ قوم پرست پارٽين جا اميدوار بيهن ٿا جنهن ڪري ان جو فائدو سنڌ دشمن قوتن کي پهچي ٿو. سنڌ جي اندروني علائقن ۾ تعليم جو معيار اڃا گهٽ آهي. جڏهن ماڻهوءَ کي پنهنجي تاريخ، وسيلن جي اهميت ۽ سياسي حقن جي خبر ئي نه هوندي ته هو ڪنهن تحريڪ جو حصو ڪيئن بڻجندو؟ شعور جي کوٽ تحريڪ جي وڌڻ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي.
دنيا جون وڏيون طاقتون ۽ ادارا اڪثر موجوده رياستي ڍانچي کي تسليم ڪن ٿا. سنڌ جي قومپرست تحريڪ کي اڃا تائين ڪا وڏي عالمي اخلاقي يا سفارتي حمايت حاصل نه ٿي آهي. ان ڪري مسئلو اندروني ئي رهي ٿو ۽ بين الاقوامي فورمن تي نٿو اٿي. ان باوجود اسان کي مايوس ٿيڻ نه گهرجي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪا به تحريڪ رڪاوٽن کان سواءِ ڪامياب ناهي ٿيندي. سنڌ جي قومپرست تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو راز ان ڳالهه ۾ آهي ته اها اندروني ورهاست ختم ڪري، عوامي مسئلن سان جڙي، نوجوانن کي تعليم ۽ شعور ڏئي، ۽ پرامن جمهوري رستو اختيار ڪري. جڏهن مقصد صاف، قيادت ايماندار ۽ حڪمت عملي سٺي هوندي ته رڪاوٽون آهستي آهستي ڪمزور ٿينديون وينديون.سنڌ خوشحالي طرف پنڌ ڪندي ۽ 1843کان اڳ واري حيثيت حاصل ڪري سگهندي