انڊس ڊيلٽا جي اجڙڻ جا ماحول تي پوندڙ اثر

تحرير: يوسف سيف

جڏهن  بھ ڪو درياهه سمنڊ يا ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ته پوءِ ان ۾ تيزي ناهي رهندي.ھر وھندڙ درياهه پاڻ سان گڏ مٽي،پٿر.لوڻياٺ ۽ لٽ آڻيندو آھي. پاڻ سان آڻيندڙ ان بار يا ٻوجھھ کي ڪنارن تي ڇڏڻ شروع ڪندو آھي. پهرين وڌيڪ وزني شيون پوءِ ان کان گهٽ وزني ۽ پوءِ مٽيءَ توڙي واريءَ جا ذرڙا سمنڊ جي ڪناري جمع ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. درياهه جي ڇوڙ واري حصي وٽ درياهه جي ڇڏيل بار ۾ به هڪ ترتيب نظر ايندي آهي. اهي سڀ شيون هڪ ٻئي مٿان سٿيل، هڪ مٿان ٻيو تهه چڙهيل، هڪ مٿان ٻيو ڏاڪو رکيل نظر اينديون آهن، اهو مسلسل عمل آهي، جنهن سان ھڪ حسين نظارو جڙي ٿو. انهن ٺهندڙ تهن سان زمين مٿي ٿيندي ويندي آهي ۽ پاڻي لاءِ رستو رڪجي ويندو آهي. درياهه وري ڀرپاسي کان ٻيو رستو ٺاهيندو آهي اتي به ساڳي صورتحال ورجائبي اتي پڻ ائين اهي تهه ڄمي پڪا ٿي ويندا آهن عام طور تي درياهه جي ڇوڙ وٽ ٽڪنڊي شڪل ٺهي ٿي. يوناني زبان جو هڪ اکر ڊيلٽا آهي، جنهن جي شڪل ٽڪندي جهڙي آهي، ان ڪري ان کي ڊيلٽا چيو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ ان لاءِ هڪ حد تائين نعم البدل لفظ ڇوڙ وارو علائقو آهي دنيا ۾ گنگا، سنڌو ۽ نيل درياهه وڏا وڏا ڊيلٽا ٺاهيا آهن.

ڊيلٽا ٺھڻ جو  اھو عمل صدين کان جاري آهي.درياھ جو پاڻي مٺو ۽ سمنڊ جو پاڻي کارو ھوندو آھي. انھن ٻنھي جي ميلاپ سان وري وچ واري پاڻي جو ذائقو ٻاڙو ٿي ويندو آھي.انگريزي ۾ ان لاءِ بريڪش واٽر جو لفظ ڪتب آيو آھي.ڊيلٽا جي جڙيل زمين ۽ تھن مٿان چڙھيل تھھ وري ھڪ نئين دنيا آبادي ڪري ٿي.

 ان نئين دنيا ۾ جانور،آبي جيوت ۽ ٻوٽا ٿين ٿا.اھي سڀ شيون ھڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿيون.ان خاص ڊيلٽائي ڀاڱي يا ڇوڙ واري علائقي جي ٻوٽن،جانورن ۽ انسانن جي ھڪ ٻئي سان ڳنڍجڻ سان ھڪ نظام ٺھي ٿو.جيڪو حياتي جو ھڪ ٻيو پاسو پڌرو ڪري ٿو.

سنڌ جي ڊيلٽا جي ڪُل ايراضي ڇهه لک ايڪڙ ڄاڻائي پئي آهي، جڏهن ته تمر جا ٻيلا فقط هڪ لک ڇاهٺ هزار ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل هئا. تمر  ٻيلن  جي ڊيلٽا جي ڀاڱي ۽ماحول جي بسنت سان وڏي اھيمت آھي.تمر جي ٻيلن ھيٺ مختلف قسم جا جيت جڻا،پکي پکڻ ۽ ننڍيا وڏا جانور ساھ پٽين ٿا. مڇي آنا لاهي ٿي.ٻيلن اندر گانگٽ،سانا، سيانتو يا کيکڙا  پلجن ٿا.اھي سمورا جاندار ٻيلي جي سونھن کي سرس ڪن ٿا تھ وري ان ڀاڱي جي سموري حياتيءَ جي ڦيري يا سائيڪل کي يقيني بڻائين ٿا. تمر جي ٻيلن جي ئي ڪري سمنڊ جو چاڙھ رڪجي ٿو.زمين ۽ سمنڊ وچ ۾ تمر جي ٻيلا ھڪ قدرتيءَ بفر زون قائم ڪن ٿا.جنھن سان سمنڊ جي زمين کي پائڻ جو عمل رڪجي ٿو.ٻيلن ۽ زمين جي وچ واري خلا ۾ آڪيسجن ھوا جو خاصو مقدار پيدا ٿئي ٿو. اھا آڪيسجن گرمين جي موسم ۾ سمنڊ جي گرمي کي جذب ڪري ٿي.جنھن سان ماحول وچٿرو بڻجي ٿو.جنھن ڪري چئي سگھجي ٿو تھ تمر جا ٻيلا سمنڊ جي تباھي کي روڪڻ جي لاءِ ھڪ قدرتيءَ حفاظتي ڀت آھي ۽ ان سان گڏ اھا مڇين ۽ آبي جيوت جي حياتيءَ جي بقا ۽ پرورش جي نرسري ۽ ھيچري آھي.

ڊيلٽا ۾ درياهه انيڪ درياهي ڦاٽن ۾ ورهائجي ويندو آهي ۽ انهن سان سمنڊ ۾ هڪ ڄار اُڻي ڇڏيندو آهي. درياهي ڊيلٽا  يعني کاري ۽ مٺي پاڻي جي گڏجڻ سان اھا گھڻي زرخيز ٿي پوندي آھي.جنھن ڪري اتي گھڻن ئي نمونن جي پوک ٿيندي آهي، جنھن ۾ ڪيلو، پان، ڪمند، ناريل ۽ ٻيا  ناڻو ڏيندڙ فصل (Cash crop) يعني ڀاڄيون ٿينديون آھن.ڊيلٽائي ماڳن جي اهم پيداوار آهن، پرديسي پکي، مڇي ۽ ٻيا جانور به ڊيلٽا تي ئي تڳندا آهن.

درياهي سامونڊي پاڻيءَ واري ميلاپ واري هنڌان (Estuaries) درياهي پاڻيءَ جي کوٽ سبب سامونڊي پاڻي درياهي ڦاٽن (Channels) مان چڙهي مٿي ايندو آهي ۽ درياهي مٺي پاڻيءَ کي ٻاڙي پاڻي (Brackish Water) ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. اهو انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي، جتي درياهه جي مٿين علائقن يا وچولي ماڳن ۾ مٺي پاڻيءَ جي گهڻي واهپي سبب، ڊيلٽا کي گهرج جيترو پاڻي نه ملندو آهي. ان ڪري اتي جي آبي جيوت، مڇين جا قسم، پکين جا نسل ويندي تمر جا وڻ به متاثر ٿيندا آهن.ان لاءِ سنڌ بهترين مثال آهي.

عرصي کان سمنڊ کي مٺي پاڻي نھ ملڻ جي ڪري  اٽڪل 30 لک ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ڇڏي آهي.( سمنڊ جي زمين پائڻ بابت مختلف ادارن جا جدا جدا انگ اکر آھن.وڌ ۾ وڌ 40 لک ايڪڙ زمين جو سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ ڄاڻايو ويو آھي) 2009ع ۾ ڪيل هڪ سروي موجب سنڌ جي ساحلي پٽي، خاص ڪري ضلعي ٺٽي ۽ بدين ۾ سمنڊ روزانو 80 ايڪڙ کن زمين ڳڙڪائي رھيو آھي.(تازن انگن اکرن موجب اٽڪل ھڪ سئو ايڪڙ زمين روز سمنڊ غرق ڪري رھيو آھي) ماهرن موجب تمر جا ٻيلا پوکڻ سان سمنڊ جي پاڻيءَ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي ٿو.

شروعاتي طور سنڌو ڊيلٽا جون ڪل 17 ڇاڙن  ھيون.انھن وھڪرن جا واهڙ ۽ ڍورا ڪنھن وڻ جي شاخ جيان سمنڊ ۽ زمين ۾پکڙيل ھئا.انهن ۾ اٽڪل 6 لک هيڪٽرن تي ٻَڌل ايراضيءَ تي تمر جا ٻيلا موجود رهيا آهن. اهي تمر جا ٻيلا دنيا جي ڇهين نمبر وڏي تمر جي ٻيلن جي سلسلي ۾ شمار ٿين ٿا.مٺي پاڻي جي کوٽ، تمر جي ٻيلن جي واڍي، سمنڊ ۾ بنا ٽريٽيمنٽ جي داخل ٿيندڙ پاڻي ۽ لاڳاپيل اختيارين پاران ڪنھن بھ جوڳي قدم نھ کڻڻ سبب سنڌ جو ھي ڇوڙ وارو ڀاڱو مسلسل تباھي ڏانھن وڌي رھيو آھي.جنھن سان ڪراچيءِ سميت سمنڊ سان لاڳاپيل ضلعن جي ماحول، مڇي جي شڪار، زراعت توڻي ماڻھن جي زندگيءَ تي خطرناڪ منفي اثر ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا آھن.نتيجي ۾ ھزارين خاندان لڏپلاڻ ڪري ويا آھن.اھڙي صورتحال ۾ سنڌو درياھ مٿان وڌيڪ ڊيميا ڪينال ٺاھڻ سان ڊيلٽا جي فطري ماحول ۽ ان سان لاڳاپيل لکين ماڻھن جي مستقبل سان کيڏڻ ھوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.