مھا ڪارپوريشنون ۽ سندن واردات جو طريقو

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

آمريڪا ۾ سموري زماني جو وڌ ۾ وڌ مشھور واپاري هينري فورڊ رهيو آهي. هو دنيا جو شاهوڪار ترين ماڻهو هو. هي پھريون سرمائيدار هو جنھن مزدورن لاءِ اسيمبلي قطار (Assembly Line) جي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي.

هن مزدورن کان ڪم وٺڻ لاءِ هڪ باقاعده ضابطو تيار ڪيو. ان لاءِ هن ٻئي ڪم ڪيا، چٺ به ۽ لٺ به هن پنھنجن ڪارخانن ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي نجي فوج ڀرتي ڪئي ۽ آمريڪي صنعت ۾ جاسوسيءَ جو وڌ ۾ وڌ وسيع ۽ پراثر سرشتو قائم ڪيو.

ٻي عالمي جنگ وقت، فورڊ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ۽ وڌ ۾ وڌ طاقتور ڪارپوريشن بڻجي وئي. اها آمريڪا جي فوجي – صنعتي ڪامپليڪس جو هڪ اڻٽٽ حصو هئي. 1944ع تائين فورڊ ڪمپني آمريڪا جي B-24 جهازن جو 50 سيڪڙو ٺاهي رهي هئي ۽ 1945ع تائين انھن جھازن جو 70 سيڪڙو فورڊ موٽر ڪمپني، مشيگان ۾ قائم ڪيل پنھنجي نئين ڪارخاني مان تيار ڪري رهي هئي. 1942ع ۾ جڏهن اها فئڪٽري تعمير ٿي رهي هئي.، آمريڪي حڪومت ان لاءِ 20 ڪروڙ  ڊالر ڏنا. نه رڳو اهو پر فورڊ ڪمپني ساڳئي وقت هٽلر جي جرمنيءَ کي فوجي گاڏيون مھيا ڪندڙ وڏي ۾ وڏي ڪمپني هئي. جرمن فوج طرفان 1942ع تائين جيڪي فوجي ٽرڪون استعمال ڪيون ٿي ويون، انھن جو ٽيون حصو، فورڊ ڪمپني جو ٺاهيل هو.

جيف بيزوز اميزون ڪمپنيءَ جي مالڪ کي اڄ جي دور جو هينري فورڊ چيو وڃي ٿو. 2014ع ۾ هن کي ٽريڊس يونين ڪانگريس طرفان دنيا جو بدترين مالڪ/ باس سڏيو ويو.

اميزان ڪمپني 2022 تائين آمريڪي تجارت  جي مارڪيٽ جو 65 سيڪڙو حصو والاريو ٿي. ڪمپيوٽر ۽ ٻين اليڪٽرانڪ شين جي وڪري جو اڌ کان مٿي هن ڪمپنيءَ جي کاتي ۾ آهي ۽ ڪتابن، ميوزڪ ۽ وڊيوز جو 80 سيڪڙو وڪرو هيءَ ڪمپني ڪري ٿي. ڪمپنيءَ جي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سروسز ان جي وڌ ۾ وڌ نفعو ڏيندڙ سروس آهي، جيڪا ڪمپنيءَ جي ٽوٽل نفعي جو تقريباً 75 سيڪڙو پئدا ڪري ٿي ۽ گلوبل ڪلائوڊ انفرااسٽرڪچر جو 32 سيڪڙو ڪمائي ڏئي ٿي.

ڪجهه معاشي ماهر اميزون ڪمپنيءَ کي بطور هڪ هٽي ڪمپني  جي تسليم نه ٿا ڪن. اميزان، ٻين سمورين ڪمپنين وانگر هڪ سياسي ادارو پڻ آهي. ان جو مرڪزي مقصد، پنھنجي طاقت کي برقرار رکڻ ۽ ڦھلائڻ آهي. بيزوز جو ذاتي مقصد، دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ طاقتور ڪمپني پئدا ڪرڻ هو ۽ ان عمل ۾ دنيا جو وڌ ۾ وڌ طاقتور ماڻهو بڻجڻ هو. جيئن سرمائيدار ڪمپنين ۾ ٿيندو آهي، ڪمپنيءَ جي مالڪ (CEO) جي ڪاميابي ان جي پورهيتن جي قيمت تي ٿيندي آهي. اميزان ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت، ڪمپنيءَ مٿان اهو الزام لڳائن ٿا ته اها انهن سان ”روبوٽن“ وانگر ورتاءُ ڪري ٿي.

مزدور يونين جي خلاف وڏا اپاءَ وٺي ٿي. هڪ نيو يارڪ ڊسٽرڪٽ جج اميزان ڪمپنيءَ کي مزدورن جي يونين خلاف ڪم ڪرڻ کان روڪيو ۽ منع ڪيو آهي. يونين خلاف ڪمن ۾ مزدورن تي ڪڙي نظر (Surveillance) رکڻ ۽ انھن مزدورن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ شامل آهي، جيڪي يونين جي سرگرميءَ ۾ ملوث هوندا آهن.

ڪمپنيءَ جي ڪاميابي ان ڪري به آهي ته اها ٽئڪسون نه ٿي ڀري ۽ فطري ماحول کي تباهه ڪري ٿي. اميزان جي برطانيه شاخ ٻن سالن تائين ڪابه ڪارپوريشن ٽئڪس ادا نه ڪئي آهي. يورپ ۾ ڪمپنيءَ 44 ارب يورو جو ڪاروبار ڪيو ۽ ڪابه ڪارپوريشن ٽئڪس ادا نه ڪئي. قدرتي ماحول جي بگاڙ ۾ ڪمپنيءَ 2021 ۾ 71.54 ملين ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ماحول ۾ ڇڏي.

اميزون جو مالڪ بيزوز 2013 ۾ واشنگٽن پوسٽ – آمريڪي گاديءَ جي شھر جي اهم اخبار خريد ڪئي. هو پنھنجا نجي چندا ۽ ڪمپنيءَ جو معاشي اثر – ٻنهي کي پنھنجين ترجيحي پاليسين جي تڪميل لاءِ سياستدانن مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. ميڊيا ۾ هڪ طاقتور آواز هئڻ طور هو پاليسي ٺاهيندڙن ۽ عام پبلڪ جي خيالن کي تشڪيل ڪرڻ جي قابل آهي. مارڪيٽ تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ هن ”نجي قانون“ جو هڪ پنھنجو سرشتو جوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو ٽين ڌر وارن وڪرو ڪندڙن  کي ڪمپنيءَ خلاف ڪوبه قانوني قدم کڻڻ کان روڪي ٿو. ان کي ’آمريڪا ۾ وڏي ۾ وڏو نوڪريءَ تي بيٺل ٽياڪڙي ٺاهه‘ قرار ڏنو ويو آهي. (مونوپولائيزڊ: ڊَيئن)

ڪارپوريشنون، ”آمراڻي نجي حڪومت جو هڪ روپ هونديون آهن“. (ڪِلنگ دِي هوسٽ: هڊسن).

هڪ جديد ڪارپوريشن هڪ سياسي هستي هوندي آهي، حقيقت ۾ اها هڪ ’نجي حڪومت‘ هوندي آهي پر اها جمھوريت بدران مرڪزي ڪنٽرول ۽ طبقاتي درجه بندي/ اوچ نيچ  جي اصول تي بيٺل هوندي آهي.

اڪثر معاشي ماڊلن ۾ واپارن/ ڪاروبارن کي بطور ’ڪارن دٻن‘جي ليکيو وڃي ٿو، وسيلا ان ڪاري دٻي ۾ اندر وڃن ٿا، ڪمپنيءَ جي پُراسرار اندروني عملن ۾ اهي تبديل ٿي، دٻي جي ٻئي پاسي کان مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ ٻاهر نڪري اچن ٿا. (دي ٿيوري آف دي فرم: واڪر).

ڪارل مارڪس اهو پھريون معاشي ماهر هو جنھن ان بليڪ باڪس کي کوليو. مارڪس اهو ٻڌايو ته سرمائيداراڻي پئداوار جي سڃاڻپ ’آزاد مارڪيٽ‘ نه آهي پر پورهئي جي سماجي ورهاست آهي يعني سرمائيدارن (جيڪي ان سامان جا مالڪ هوندا آهن، جنھن جي وَکر / ويڪائو شيون پئدا ڪرڻ لاءِ اسان کي ضرورت هوندي آهي) ۽ مزدورن (جن کي زندگي گهارڻ/ پيٽ پالڻ لاءِ پنھنجي محنت وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي) وچ ۾ طبقاتي ورهاست هوندي آهي.

مارڪس نتيجو ڪڍيو ته سرمائيداري نظام، سرمائيدارن طرفان رڳو پورهيتن جي استحصال معرفت ئي هلي سگهي ٿو.

اڄ جون مھا ڪارپوريشنون ۽ انھن جا سرمائيدار مالڪ جيئن راڪفيلر، بل گيٽس، مارڪ زڪر برگ، جيف بيزوس، ايلن مسڪ اسان لاءِ ڪھڙي دنيا اڏڻ ٿا چاهن، ملاحظه فرمايو:

  • راڪفيلر ۽ بل گيٽس هن دنيا جي آبادي گهٽائڻ لاءِ خانداني منصوبه بنديءَ جي ڪيترن ئي منصوبن تي سيڙپ ڪري رهيا آهن.
  • جانورن مان خارج ٿيندڙ ميٿين گئس جي نعم البدل طور هو اسان کي جينيٽڪلي ماڊيفائيڊ گوشت، ڪينئان ۽ جيت کارائڻ جو درس ڏئي رهيا آهن.
  • هنن جا دانشور (يووال نوح هراري) اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته سمورا انسان برابر نه آهن، رڳو مذهب ۽ خدا آڏو اهي برابر ٿي سگهن ٿا. ٽيڪنالاجي مستقبل ۾ انسانن جون ٻه ذاتيون سپر هيومنس ۽ عام هيومنس پئدا ڪندي. سپر هيومنس ۽ الگوردمس، ٻين سمورن عام انسانن مٿان حڪمراني ڪندا.

مھا ڪارپوريشنن جي حڪمت عملي

(1)ٽئڪس کان بچڻ لاءِ فلاحي ڪمن  ۾ پئسا ڏيڻ.

(2)بين الاقوامي يا گلوبل سطح جي مسئلن کي نشانبر ڪرڻ ۽ انھن لاءِ جديد ٽيڪانلاجين جي مدد سان حل تجويز ڪري، انھن ۾ مالي فائدي لاءِ سيڙپ ڪرڻ.

  • آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جا طريقا.
  • پروٽين (گوشت) جا نعم البدل ڳولڻ
  • گرين انقلاب
  • بل گيٽس هر هڪ ڊالر تي، جيڪي هو خيرات ۾ ڏيڻ جو واعدو ڪري ٿو، گهٽ ۾ گهٽ 2 ڊالر ڪمائي ٿو. ڇا اهو ڪو جادو آهي؟

(3)سرڪاري ٺيڪا حاصل ڪرڻ

(4)بئنڪن ۽ سرڪار کان ورتل قرض معاف ڪرائڻ.

(5)سرڪار کان مالي رعايتون  حاصل ڪرڻ.

(6)مالي نقصان جي صورت ۾ ماڻهن کي بي روزگار ڪرڻ

(7)مارڪيٽ ۾ هڪ هٽي (Monopoly) حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.

ڪارل مارڪس اهو پھريون معاشي ماهر هو جنھن ان بليڪ باڪس کي کوليو. مارڪس اهو ٻڌايو ته سرمائيداراڻي پئداوار جي سڃاڻپ ’آزاد مارڪيٽ‘ نه آهي پر پورهئي جي سماجي ورهاست آهي يعني سرمائيدارن (جيڪي ان سامان جا مالڪ هوندا آهن، جنھن جي وَکر / ويڪائو شيون پئدا ڪرڻ لاءِ اسان کي ضرورت هوندي آهي) ۽ مزدورن (جن کي زندگي گهارڻ/ پيٽ پالڻ لاءِ پنھنجي محنت وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي) وچ ۾ طبقاتي ورهاست هوندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.