سکر (پ ر) پاڻيءَ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان عوامي تحريڪ طرفان سنڌوء ڪناري احتجاجي مظاهرو، سکر جي ساڌ ٻيلي وٽ سنڌو کي ڀيٽا پيش، گلن جي ورکا ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سرواڻ جتوئي، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، اياز ڪلوئي، سرويچ سنڌي، فياض سومرو، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر شمشاد ٻپڙ، پارس ڀٽي، حنا بلوچ، نور بانو بروهي، فضا ڦلپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جي سهڪار سان مريم سرڪار چولستان ڪئنال جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي، مراد علي شاھ کي 8 مهينا اڳ ۾ خبر هئي ته پنجاب چولستان ڪئنال ٺاھي رهيو آهي پر مراد علي شاھ ميڊيا تي ڪئنال نه ٺهندا جا ڪوڙا بيان ڏئي پنجاب سرڪار جي سهولتڪاري ڪئي. پيپلز پارٽي ڪئنالن جي مخالفت جو ڍونگ ڪري، ڪئنالن خلاف سنڌي عوام جي جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اڄ سموري دنيا پاڻيءَ جو ڏينهن ملهائي رهي آهي پر پاڪستان جا حڪمران پاڻيءَ کي گدلو ڪرڻ وارا منصوبا آڻي رهيا آهن، انڊس ڊيلٽا جو پاڻي بند ڪري تمر جي ٻيلن کي تباهه ڪيو ويو آهي، جنهنڪري ماحولياتي تباهي آئي آهي