عمرڪوٽ ۾ شهرين جو ڪئنالن خلاف احتجاج

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ شھرين ۽ سماجي حلقن طرفان سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف پريس ڪلب عمرڪوٽ ٻاهران جي ايم ڀڳت، رميش کتري، کيمچند کتري، ڪارتڪ کتري، ڀڳت چيتن مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي  ريلي ۾ شريڪ مظاھرين سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور سنڌ سُڪائڻ بند ڪريو جا زوردار نعرا هنيا ويا احتجاج دوران اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ گهڻي وقت کان برقرار آهي مٿان وري ارسا ايڪٽ ۾ غيرقانوني ترميمون ڪري سنڌو درياءَ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سُڪائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪو سازشون ناڪام بڻائينداسين،

  • دوڙ ڀرسان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 7 زخمي

نوابشاهه/ دوڙ (نمائندن وٽان )دوڙ ٿاڻي جي حد لياري ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ دبئي ۾ ھلندڙ ڪاروبار جي ڏيتي ليتيءَ سبب جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ نئوتڙ لاشاري تعلقو قاضي احمد سان تعلق رکندڙ سھراب لاشاري ،محراب لاشاري ، مجيد  لاشاري ، ڪريم بخش لاشاري جڏهن ته ٻئي ڌر غلام قادر لاشاري ، معروف لاشاري ۽ لطيف لاشاري زخمي ٿي پيا، جڏھن ته دوڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو آھي، رابطي ڪرڻ تي دوڙ پوليس ٻڌايو ته ڪاروبار جي ڏيتي ليتيءَ سبب ٻنھي ڌرين ۾ اڻبڻت ھئي،  ٻنھي ڌرين وچ ۾ اڄ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ فائرنگ سبب ٻنھي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿيا،جن مان محراب لاشاري نوابشاھه اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول ڪجهھ ڏينهن اڳ دبئي کان پنهجي ڳوٺ آيو هو جيڪو اڄ مارجي ويو، مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.