هر باشعور ذهن پنهنجي آس پاس موجود حالتن ۽ پيش ايندڙ واقعن کان لاتعلق رهي نٿو سگهي، اهڙي صورتحال دوران سندس سوچ، احساسن ۽ خيالن جي عميق سمنڊ ۾ لهرون پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي ۽ جڏهن ڪو ماڻهو سوچن ۽ احساسن جي اهڙي طوفان ۾ گهيرجي ٿو وڃي ته هو پنهنجي اندر مان اٿيندڙ جذبن کي هڪ آواز يا شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ليکڪ پڻ انهن منجهان هڪ آهي، ادب توڙي سماجيات تي لکندڙن لاءِ الڳ الڳ رستا هوندي به تخليقي تجرباتي راھ ساڳي هوندي آهي. هڪ ڪالم نگار يا مضمون لکندڙ پنهنجي آس پاس ٿيندڙ لقائن ۽ مظهرن جي پنهنجي تخليقي اک ۽ تجزياتي شعور سان اهڙي تصوير ڪشي ڪندو آهي جو ماڻهن جي سامهون ماضي حال ۽ مستقبل هڪ ئي وقت چٽو ٿي بيهندو آهي. مضمون يا ڪالم لکڻ پويان ڪارج يا مقصد نه صرف سماج کي آگاهي يا رهنمائي ڏيڻ هوندي آهي بلڪه موجوده حالتن کي سميٽي تاريخ جا ورق ٺاهڻ جو پڻ ڪم ايندا آهن.
تمام گھڻي پڙھيل ۽ ڪڙھيل ڊاڪٽر حسين مسرت جو ڪتاب ”ھي سين نـ ڏيندي چين“ پڻ اھڙن ئي پُر مغز ڪالمن يا مضمونن تي مشتمل آھي جنهن ۾ ھن انتھائي ديانتداري سان پنهنجي مشاھدي ۽ مطالعي کي سھيڙي تاريخ لاءِ تمام گھڻو مواد گڏ ڪيو آھي. هوءَ لکي ٿي تـ ”ملڪ ۾ صوبائي خودمختياري ۽ مذهب جو رياست کان ڌار ھجڻ شروعات کان ئي هڪ سوال رهيو آهي قائد اعظم نئين رياست لاءِ واضح نظريو پيش ڪيو هو پر اقتدار جي حصول جي ڊوڙ ۾ ان نظريي تي مختلف ٻيا نظريا ۽ نالا مڙهي ان جي شڪل مسخ ڪئي وئي اهي، سياسي جماعتون جيڪي قيام پاڪستان جون مخالف هيون، مذهبي پناهه حاصل ڪري اقتدار تائين پهتيون ۽ اهي محافظ جن جو پاڪستان جي حصول جي تحريڪ ۾ ڪو به حصو ڪونه هو، عوام کي حفاظت جا سبز باغ ڏيکاري طاقت جي علامت بڻجي عوام تي حڪومت ڪرڻ لڳا، جڏهن ته قائد اعظم پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن وسيلي واضح طور چيو هو ته نئين رياست آزاد خودمختيار ۽ جمهوري هوندي،“ هوءَ ھڪ ھنڌ پنهنجي تجربي جي آڌار تي لکي ٿي ته ”دريا ڪناري اڃ وگهي موت قبول ڪجي، دسترخوان تي قسمين قسمين کاڌا هجن ۽ خوراڪ جي ڪمي جو شڪار ٿي اجل کي قبول ڪجي، پنهنجي ڪمائي تي ٻين کي عيش آرام واري زندگي گذاريندو ڏسجي ۽ پاڻ تتل زمين تي پيرين پيادو هلجي ۽ آخرڪار آزمائش وقت ڪيستائين آزاد خودمختيار زندگيءَ جي اميد جي ڏيئن کي بچائجي؟ فيصلو رياست جي هٿن ۾ آهي ته ٽڙيل پکڙيل طاقت ۽ اختيار کي هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪري صوبائي خودمختياري ذريعي معاشي مضبوطي ۽ ترقيءَ ڏي سفر شروع ڪجي يا بيوس بي اختيار صوبن سان گڏ هڪ ڪمزور وفاق کي کڻي بي منزل سفر ڏانهن هلجي.“ ڪٿي ڪٿي محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ لکندي عجيب قسم جي بيچيني ۾ گهيرجي وڃي ٿي، جيئن پاڻ لکي ٿي تـ ”لفظ ۽ آواز ڪڏهن به نه آهن مرندا آواز جو موت ٿيڻو نه آهي، هوءَ آواز جيان گونجندي رهندي ابد تائين انت تائين هن جا لفظ زنده سچ جيان ٻرندا رهندا، ٽانڊن جيان ساڙي رک ڪندا رهندا ۽ ان رک مان اهي سوال ٿا اڀرن ته اسان ڇا سکيو؟ اسان ڇا وڃايو؟ اسان ڇا حاصل ڪيو؟“
ان قسم جا ڪيترائي سوال لکڻ دوران هن جي ذهن ۾ اچن ٿا، هڪ مضمون ۾ لکي ٿي ته ”سيل فون جي اسڪرين تي اڀرندڙ لفظ متوجهه ڪندڙ هئا پر ان کان پوءِ لڳاتار ايندڙ مئسجز ۾ ڪو درد جو لڪل دريا وسندڙ هو جنهن مون کي ڪال ڪرڻ تي مجبور ڪيو ڇڏيو، هن جي عمر 21 سال هئي، هوءَ عام ڇوڪري هئي، هن جو مسئلو به صفا عام هو، بنا ڪنهن قانوني داو پيج جي، هن پسند جي شادي ٿي ڪرڻ چاهي، مائٽن جي مخالفت جي باوجود، موت جي ڌمڪين ملڻ جي باوجود به هوءَ پنهنجي موقف تان ھٽڻ لاءِ تيار نه هئي، جهدوجهد ۽ عورت هڪ ٻئي سان سلهاڙيل لفظ آهن جن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي پر کٽيل جاکوڙ ڪرڻ به ڪنهن امتحان کان گهٽ ڪونهي. حفاظت جي نالي تي استحصال پيار جي نالي تي ڌوڪو غيرت جي نالي تي موت عورت جو مقدر بڻايو ويو آهي.“
هوءَ پنهنجن ڪالمن م اهو تسليم ٿي ڪري ته هن وقت اسان جي سماج لاءِ عورت جي سماجي ۽ معاشي حثيت هڪ سوال بڻيل آهي، عورت پنهنجي وجود ۽ ذات کي فرد جي حيثيت سان مڃايو آهي عورت جي ذهني قابليت هاڻي لڪل نه آهي پر انهن جي سماجي مڃتا نظر نٿي اچي، هڪ مضمون ۾ مائي جوري جمالي تي لکندي چوي ٿي ته ”مائي جوري چوندي هئي، موت ملاقات آهي، مائي جوري جو پيغام سڄي دنيا جي عورتن لاءِ اهو آهي ته اٿو پنهنجا حق وٺو موت ته برحق آهي موت کان ڊڄڻ اجايو آهي هي مائي جوري جمالي بي خوف قيادت جو اهڃاڻ آهي، هن جي خود اعتمادي هن جي ڪاميابي آهي، جمهوريت ۾ ويساهه رکندڙ جوريء جي هي جدوجهد صرف ايوانن تائين رسائي لاءِ نه آهي، هن جي منزل سندس عوام جي خوشحالي آهي“، هڪ ڪالم ۾ لکي ٿي ته ”وڌندڙ لاقانونيت ٻڌائي ٿي ته ايندڙ وقت قانون انصاف جو نه پر ظلم ۽ جبر جو ئي آهي هت ڏوهن جو ڊگهو سلسلو ٿو هجي جنهن ۾ هر ڪڙي ٻي ڪڙيء سان مضبوطي سان جڙيل آهي، بااثر ماڻهو، پوليس سڀئي گڏجي انسانيت دشمن سماجي نظام کي هٿي ڏيندا ٿا رهن عام ماڻهو انهن سڀني جي وچ ۾ اهڙي شيء آهن جن جو ڪم برداشت ڪرڻ ۽ سهڻ آهي ان جو ردعمل ڪا معنيٰ نٿو رکي، انساني طبقن جو شعور انهي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙي نه پيو سگهي،“
ليکڪا پنهنجن ڪالمن ۾ اسان جي آس پاس ٿيندڙ ڏوهن تي به نظر رکي آهي، لکي ٿي ته ”ڏوهن جو به طريقي ڪار طئه ٿيل ٿو هجي، ڪٿي ڪٿي با اثر ماڻهن پاران ٿيندڙ ڏوهن تي پوليس چشم پوشي اختيار ڪندي آهي ڇو ته جنهن بااثر جي چوڻ تي هن کي نوڪري مليل هوندي آهي هو ان جي خلاف ڪيئن ٿو وڃي سگهي؟ ڏوهن جي دنيا ڏاڍي سگهاري آهي عام ماڻهو جو جياپو سواءِ خاموشي جي ڪجهه نه آهي“، ھن وٽ جتي سماجي مسئلن تي لکيل آهي اتي اڄ جي دور جي رشتن ناتن تي به هن پنهنجي قلم کي هلايو آهي هوء لکي ٿي ته ”رشتا پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا آهن پٽ ماءُ کي قتل ڪريو ڇڏي ڀاءُ ڀيڻ کي قتل ڪريو ڇڏي،“ هن پنهنجي ڪالمن ۾ مزدور طبقي جي تڪليفن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪي ڏهاڙي تي مزدوري ڪن ٿا جن جي گهر ۾ هڪ ويلو جو راشن به رکيل نه هوندو آهي جو مزدوري ڪنهن ڏينهن نه ملي ته ويلي جي پريشاني نه هجي هزارين ڪٽنب سنڌ ۾ اهڙا رهن ٿا جيڪي هن مهانگائي جي دور ۾ عيد تي به چڱو چوکو کاڌو رڌڻ جي حسرت دل ۾ رکن ٿا، روز مرھ جي زندگي ۾ هر ماڻهو جي نظرن اڳيان اهڙا ڪيترائي منظر گذرن ٿا جيڪي ڏسي ماڻهو بيوسي مان ڏکارو ٿئي ٿو. حسين مسرت جي هن ڪتاب "هي سئين نه ڏيندي چين” جي مطالعي ۾ اهي سڀئي گڻ نظر اچن ٿا جيڪي ڪنهن به حساس دل ماڻهو تان دردن تڪليفن جي دنيا ۾ بيچيني پيدا ڪريو ڇڏين.