ڪوھستان واسين لاءِ هميشه ڏڪاري حالتون ڇو؟

تحرير: نظير پالاري

ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ گذريل ٻن ڏھاڪن کان سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ قبضا مافيا جي نظرن ۾ آھي، ڪوھستان ۾ ونڊ پاور پراجيڪٽ جو ڪم جيئن ئي شروع ٿيو آھي، تڏھن کان ڪوھستان ۾ ھتان جي صدين کان آباد مقامي ماڻھن جي زمينن جي کاتن جي جعلسازي شروع ٿي وئي آھي، ٺٽي جي وسيع تر ڪوھستاني پٽي ۾ ھِن وقت ڌارين جي لوڌ آباد ٿي چڪي آھي، جنھن جي ڪري مقامي ڪوھستان واسين لاءِ ڌرتي تنگ ٿي وئي آھي. روينيو کاتي جي عملدارن به ڪوھستان کي سوني جھرڪي سمجھي ان کي لٽڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آھي، غريب مسڪين ماڻھن جي زمينن جا ڪوڙا ۽ جعلي کاتا ٺاھي غير مقامي سرمائيدارن کان ڪروڙين رپيا وٺي مقامي ماڻھن جون زمينون نيلام ڪري ڇڏيون آھن. جڏھن ته 20 کان مٿي ھوا مان بجلي پيدا ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي ڪمپنيون ڪم ڪري رھيون آھن، جيڪي روزانو جي بنياد تي ھزارين ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري نيشنل گرڊ اسٽيشن وارن کي وڪرو ڪري ڪروڙين اربين رپيا ڪمائي رھيون آھن پر مقامي ماڻھن جي قسمت ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آھي.

معاھدي مطابق ڪمپنين کي ٺٽي ضلعي کي بجلي مفت ۾ مهيا ڪرڻي آھي پر حالت اھا آھي ته جتي بجلي پيدا پئي ٿئي، اتي 12 کان 14 ڪلاڪ ھر روز بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪمپنين کي معاھدي تحت سي ايس آر ( ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي) فنڊ مقامي ماڻھن جي فلاح بھبود توڙي ترقي تي خرچ ڪرڻو آھي، جيتريون ڪمپنيون ھتي ڪم ڪري رھيون آھن، جيڪڏھن اھي سي ايس آر فنڊ علائقي تي خرچ ڪن ته پورو علائقو پيرس بڻجي وڃي ھا پر بدقسمتي سان ھي علائقو اڄ به ھر بنيادي سھولت کان محروم بڻيل آھي.

جڏھن ته ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جي ڏورانھين علائقن جي ڳوٺن ۾ قائم ڪيل آر او پلانٽ به ناڪارہ بڻجي ويا آھن ۽ رھواسي پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آھن، ايئن چوڻ غلط نه ھوندو ته ڪوھستان ۾ ھِن وقت به ڏڪاري حالتون پيدا ٿيل آھن. ٺٽي جي وسيع تر ڪوھستاني پٽي ۾ ھوا مان بجلي پيدا ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي ڪمپنين ڀرمار لٿل آھي پر ان جي باوجود مقامي ڪوھستان واسين کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آھي، نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ھوا مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ صدين کان آباد ڪوھستان واسين جي لکين ايڪڙ زمين ڪمپنين حوالي ڪئي وئي آھي پر ڪمپنين نه رڳو مقامي ماڻھن کي پنھنجي اباڻي زمينن جي معاوضي کان محروم رکيو آھي پر ان سان گڏ مقامي ڪوھستان واسين کي نظرانداز ڪري روزگار به ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ گلگت بلتستان جي ماڻھن جي حوالي ڪيو ويو آھي. جڏھن ته صدين کان آباد ڪوھستان واسين لاءِ ھِن جديد دور ۾ به صحت، تعليم، صاف پاڻي، بجلي، روزگار سميت ٻيون سھولتون ھڪ خواب بڻيل آھن. جڏھن ته ڪمپنين جي آڙ ۾ سرمائيدارن روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري مقامي ڪوھستان واسين جي ھزارين ايڪڙ زمينن جا جعلي کاتا ٺاھي غير مقامي ماڻھن کي وڪرو ڪري صدين کان آباد مقامي ماڻھن کي بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، روينيو عملدارن جي جعلسازي سبب ڪوھستان واسي سراپا احتجاج بڻيل آھن پر سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائيندن ۽ ضلعي انتظاميا ڪوبه نوٽيس ناھي ورتو.

ڪوھستان واسين عوامي آواز سان ويچار ونڊيندي چيو ته ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جو وڏي آبادي رکندڙ کجين توڙي ڪينجھر ڍنڍ ڪري خوبصورتي سبب مشھوري ماڻيندڙ شھر جھمپير ھن جديد دور ۾ جتي 30 کان وڌيڪ ونڊ انرجي جون ڪمپنيون بجلي پيدا ڪري نيشنل گريڊ کي ڏيڻ سميت سي پيڪ جو حصو ھجڻ سان گڏ وڏو معدنيات جو مرڪز بڻيل آھن، جتان روزانو ھزارين ٽن ڪوئلو ملڪ جي مختلف شھرن ڏانھن وڃڻ سميت چن جو پٿر، ريتي، بجري، ڪريش جا وڏا پلانٽ موجود ھجڻ سان گڏ سنڌ جي خوبصورت نوري ڄام تماچي جي عشقيه داستان سان سلهاڙيل نيري پاڻي جي وڏي ڍنڍ ڪينجھر پڻ ھن شھر ۾ موجود ھوندي سمورن وسيلن سان مالامال ھن شھر توڙي آسپاس جي رھواسين جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري ڪوھستان واسي سمورين اھم بنيادي سھوليتن صاف پاڻي، تعليم، صحت، سوئي گئس، بجلي، روڊ، رستي، روزگار کان محروم بڻيل آھن. جھمپير شھر جو ڊرينج نظام ناڪارہ ھجڻ ڪري گٽر جو گندو پاڻي ۽ زھريلو مادو سڌو سنئون ڪينجھر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنھن جي ڪم لاءِ آيل ڪروڙين روپيا ھڙپ ٿي ويا آهن. جھمپير جي واحد بي ايڇ يو اسپتال آھي، جيڪا اڃان تائين اپ گريڊ ٿي ناھي سگھي،  جنھن ڪري ايمرجنسي صورتحال ۾ ڪيترائي مريض تڙپي تڙپي مريو ٿا وڃن. اسڪولن ۾ سھولتن جي کوٽ سميت ونڊ ڪمپنين ۽ ڪوئلي جي کاڻين مان ملندڙ سي ايس آر فنڊ مقامي رھواسين تي خرچ نٿو ڪيو وڃي، ھتان جي زمينن تي بااثر لينڊ مافيا پاران والارون ۽ قبضا ڪري مقامي ماڻھن کي بيدخل ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.