نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ريچا چڊا دهلي ۾ وڌندڙ گدلاڻ ۽ خطرناڪ حد تائين خراب فضائي معيار تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
ريچا چڊا 2010 ۾ دهلي کان ممبئي منتقل ٿي وئي هئي پر اڄ به اڪثر پنهجي شهر ويندي رهندي آهي.
پنهنجي تازي بيان ۾ اداڪارا چيو ته سياري جي مند ڪنهن دور ۾ دهلي جي ماڻهن جي پسنديده مند هوندي آهي پر اڄ حالتون ڏسي ڏک ٿيندو آهي.
هن چيو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به فضائي معيار بهتر ناهي، ترقي جي هن ڊوڙ ۾ اسان ڪهڙي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون؟ عام ماڻهو ساهه به نٿو کڻي سگهي ته پوءِ وڏا وڏا منصوبا ڪهڙي ڪم جا آهن؟
سندس چوڻ هو ته مئل زمين تي ڪا ترقي ممڪن ناهي ۽ نه ماحول بنا معيشت قائم رهي سگهي ٿي.
واضح رهي ته دهلي ۽ ان جي ويجهن علائقن جو فضائي معيار صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار قرار ڏنو ويو آهي.
You might also like