فٽبال ميچ ۾ تبصري دوران ٽي وي پريزنٽر لارا ووڊز بيهوش

فٽبال ميچ ۾ تبصري دوران ٽي وي پريزنٽر لارا ووڊز بيهوش ٿي وئي.
اهو واقعو انگلينڊ ۽ گهانا جي وومين فٽبال ٽيمن جي ميچ دوران پيش آيو، ٽي وي شو دوران بيهوش ٿي ڪرندڙ پريزنٽر کي ساٿي اينڪرن سنڀالي ورتو.
لارا ووڊز کي اسپتال نيو ويو، جتي طبي امداد کانپوءِ هوءَ مڪمل طور فٽ ٿي وئي.
مڪمل صحتيابي کانپوءِ ٽي وي پريزنٽر لارا ووڊز سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ مداحن جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.