وفا صالح راڄپر جي ڪتاب ” سورهن نومبر “ جو اڀياس

تحرير: نادر ڪولاچي

وفا جي اِنشاپردازي کي ڏِسي محسوس ٿئي ٿو، هن پنهنجي داخلي ڪيفيت کي ڪوبه هٿرادو غلاف اوڍڻ ۽ لفظن جو بيجا واهپو ڪرڻ کان پرهيز ڪندي،  هر نظم کي سادي سلوڻي لهجي ۾ ائين اظهاري ڇڏيو آهي، جنهن کي عام پڙهندڙ به سولائي سان سمجهي سگهي ٿو.

جيسيتائين منهنجي پرک آهي ته شاعري رُڳو اجاين لفظن جي جم غفير کي ناهي چئبو، پر شاعري، اُڃايل جذبن ۽ داخليءَ ڪيفيت ۾ برپا اُڌمن جي رقص طائُوس کي چئبو آهي. هڪ مُصَورُ جهڙي طرح ظاهري لقائن جا عڪس چِٽي ٿو، ايئن شاعر انسان جي نفسيات منجهان گُذري ٿو ۽ انسان جي اندرونيءَ ڪائنات جي گُوناگُون لقائن ۽ ڀاوَنائُن جا ليئا قلمبند ڪري ٿو.

هڪ شاعر جا نيڻ پسگردائي ۾ جيڪي منظر پسي سگهن ٿا، سي عام اک نٿي پسي سگهي. وفا جتي دوستن کي آرهڙ جي مُند ۾ گهاٽي بڙ جهڙي ڇانوَ ڏِني آهي، اُتي ڪنهن دوست ڪڪر جهڙي ڇانوَ جو دولاب ڏئي کيس سرابن ۾ ئي ڇڏي  ڏنو آهي.

تڏهن ته وفا پنهنجي ڪنهن بيوفا دوست جي سنگدلي جو اعتراف، ” وقت جو زيان “ نظم ۾ هينئن بيان ٿو ڪري ته؛

توکي،

پنهنجو سٺو دوست سمجهي،

توسان،

گڏجي جيڪي پل گهاريم،

اُهي سمورا پل،

وقت جو زيان ٿا لڳن.

يا سندس نظم، ” وفا جي دعوا “ ۾ چئي ٿو.

دوستيءَ ۾

وفا جي دعوا،

اُهي ئي ڪندا آهن.

جن ڪڏهن،

پاڻ سان به وفا ناهي ڪئي هوندي.

وفا هن ڪتاب ۾ پنهنجي اندر جي ڏُک جو ڏيئو لفظن جي بحرِ ظُلمات ۾ تارڻ جي هڪ نمايا ڪوشش ڪئي آهي.

 

مون وفا کي جيستائين پڙهيو ۽ پُرجهو آهي، مونکي سندس هر لکڻيءَ سندس شخصيت جيان ماٺيڻي مزاج ۾ ڪنهن مصنوعيت ۽ ميڪ اپ کانسواءِ سادگيءَ جو هڪ پويتر روپ پسايو آهي. وفا هڪ مخلص من رکندڙ پورهيت ليکڪ آهي، جنهن ڪهاڻي کيتر ۾ به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. هو بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي. ۽ منهنجي سوچ موجب ڪهاڻيءَ ادب جي سڀني صنفن کان وڌيڪ نفيس ۽ ڏُکي صنف آهي. ۽ هن صنف سان نڀائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، شايد تڏهن ئي هينئر سنڌي ڪهاڻي جي رفتار تمام سُست آهي، سِنڌي ادب ۾ جيترو زور شاعري لکڻ تي ڏِنو ويو آهي، ايترو ڪهاڻي تي نه، اُن جو بنياديءَ سبب هر ساڃهه وند اديب ڄاڻي ٿو. ڪهاڻي لئه جيڪو وقت درڪار آهي، اُهو هن تيز ترين دؤر ۾ ڪنهن وٽ به نه آهي ۽ ٻيو ڪهاڻي لکڻ لئه ڪيفيت جو موزون هجڻ به ضروري آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻي پاڻ کي پاڻ لِکرائي ٿي ۽ ڪڏهن اُها لِکڻي پوي ٿي.

نثريءَ نظم هڪ جديد صنف آهي، ڪيترن ڪهاڻيڪارن نثري نظم ڪهاڻيون به لِکيون آهن. رسول ميمڻ نثريءَ نظم ۾ تمام بهترين ڪهاڻيون لِکيون آهن. نثريءَ نظم ڪهاڻيڪارن جي پسنديده صنف آهي، ( ڪجهه ڪهاڻيڪارن کي ڇڏي ) ڪيترن ئي نثري نظم لکيا آهن، پر هر ڪنهن جي لکڻ جو اصلوب ۽ رنگ ڍنگ جُدا جُدا آهي.

وفا جي نثر جو رنگ ۽ ڍنگ به پنهنجو آهي، جيڪو ڪنهن مصنوعي رنگت کي نٿو قبولي،

هوءَ رنگ جي عنوان سان نظم ۾ چئي ٿو؛

تُنهنجي

چپن تي لڳل سُرخيءَ جو رنگ.

مُنهنجي،

نظم جي ڪلائيمڪس جهڙو آهي.

وفا جا نظم رنگين شيشن جو چورس باڪس شمعدان نه سهيءَ، پر گُگهه اوندهه ۾ ڪنهن واٽهڙو جي هٿ ۾ جهليل لالٽين ضرور آهن، جنهن جي شفاف شيشي اندر وفا جي ڏات جي شمع جو شعاع آب تاب ۽ اوجلتا سان جهرڪي ٿو.

هتي شينهن جو روپ ڌاري هلندڙ هرولا گهڻا آهن. پر شاعري ۾ جيڪر فلسفو ناهي ته اُها شاعري ئي ناهي، ۽ ڪهاڻي ۾ جيڪر ڪهاڻي پڻو ناهي ته اُها ڪهاڻي نه آهي. وفا صالح راڄپر جو دل جي گهراين سان لکيل ڪتاب، ” سورهن نومبر “ سنڌي ادب جي جهول ۾ هڪ خوبصورت گُلدستي جو واڌارو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود مختلف موضوعاتي  نثري نظمن ۾ هڪ بي ساخته آهنگ آهي، ۽ هر نظم جو ٻئي نظم سان اهڙو سٻنڌ آهي جو پڙهندي ڪنهن رومانٽڪ ناول جهڙو حَظ محسوس ٿئي ٿو. جيڪر هنن نظمن وچ ۾ وسيع پلاٽ ۽ منظر نگاري جو واڌارو ڪيو وڃي ها ته هي هڪ خوبصورت ناول بڻجي پوي ها.وفا، جو هي ڪتاب دل جي تارن کي ڇهندڙ آهي، نثري نظم جي شائق دوستن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. وفا صالح راڄپر لئه کوڙ دعائون شال سندس قدم پنهنجي منزل طرف ائين رفاقت ڪندا رهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.