ڪاش! عالمي ريڪارڊ، يافته نصير سومري کي حڪومت عالمي معيار جون سهولتون مُهيا ڪري ها

ڊگهي قد سبب عالمي شهرت ماڻيندڙ شڪارپور واسي نصير سومري جي لاڏاڻي  تي اسين سڀ سوڳوار آهيون. نصير سومري کي دنيا جي ٻئي نمبر ڊگهي قد واري ماڻهو هئڻ جو اعزاز حاصل هو. جڏهن ته  ملڪ جو نمبر ون ڊگهي قد وارو ماڻهو هو.دنيا اندر بي شڪ جسماني طور ماڻهو منفرد ٿيندا آهن ۽ ڪي وري ان جسماني انفراديت ۾ نه رڳو عام ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز هوندا آهن پر ريڪارڊ يافته به ٿيندا آهن. مثال طور ڪي ماڻهو قد ۾ حد درجي جا ڊگها  ٿيندا آهن. ڪن جا قد  وري تمام گهٽ يعني ڊينڊڙا ٿيندا  آهن  ته ڪي وري جسماني طور تمام گهڻا ٿلها ٿيندا آهن.

شڪارپور جو رهواسي نصير سومرو وري نه رڳو شڪارپور، سنڌ، پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ پنهنجي ڊگهي قد طور مشهور ٿيو. اهڙن ماڻهن کي جتي انفراديت ۽ مشهوري ملي ٿي اتي سندن زندگي به عام زندگين کان تمام مختلف به ٿينديون آهن ته بيحد تڪليف واريون به. نصير سومري برابر عزت ۽ مقبوليت ماڻي پر ڊگهي قد سبب کيس تڪليفون به تمام گهڻيون پلئه پيون جن جو اظهار هن مختلف انٽرويوز ۾ ڪيو به هو.

رپورٽن موجب نصير سومرو 1974ع ۾ شڪارپور شهر جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. جڏهن اٺن سالن جي عمر ۾ هو ته هن جي قد ۾ غير معمولي اضافو ٿيندو رهيو، جيئن جيئن سندس قد وڌندو رهيو تيئن تيئن سندس زندگي ۾ مشڪلاتون به وڌنديون رهيون. وڏي قد سبب اسڪول ۽ ڪاليج ۾ کيس سدائين پوئين بينچن تي ويهاريو ويندو هو. ايترين تڪليفن باوجود تعليم ۾ گريجوئيشن ڪيائين. چون ٿا ته گهر ۾ ننڍي کٽ سبب سمهڻ ۾ به کيس تڪليف ٿيندي هيس جنهن ڪري گهر وارن سندس لاءِ ڪاٺ جو صندل ٺاهيو. نصير سومرو شلوار قميص  14 ميٽرن جي ٺهرائيندو هو، هن جي بوٽ جي سائيز 19 انچ هئي جيڪو اسپيشل آرڊر تي ٺهرائيندو هو.

نصير سومري 1999ع ۾ ڪنهن ماڻهو جي مدد سان پاڪستان ۾ موجود گنيز بڪ وارن سان رابطو ڪيو ته  هو دنيا جو هن وقت وڏي قد وارو ماڻهو آهي. کيس پوءِ انگلينڊ موڪليو ويو جتي اڳ ۾ ئي تيونس جو هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو آيل هو جنهن کان نصير جو قد ڪجهه گهٽ هو پوءِ کيس پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي قد واري ماڻهو جو اعزاز  مليو. سندس قد 7 فوٽ 9 انچ هو.

نصير سومري کي پهريون سيد عبدالله شاهه چيف منسٽر هائوس ۾ نوڪري ڏني. اڳتي هلي پي آءِ اي ۾ به کيس ملازمت ڏني وئي پر نصير سومرو جيڏو دنيا ۽ ملڪ لاءِ فخر جو اسپيشل حوالو هو اوڏو پوءِ به سندس خيال نه ڪيو ويو. اسان جو خيال آهي ته جيڏو اسپيشل نصير سومرو هو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي سندس اوڏو ئي اسپيشل خيال  ڪرڻ گهربو هو. هن جو لائيف اسٽائيل قد جي حساب سان جيئن ته منفرد هو ته ان حساب سان کيس زندگي جون سب سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت جو فرض هو. ان اسپيشل شخص مان حڪومتون ڪهڙو فائدو وٺي سگهن پيون ۽ ملڪ توڙي سنڌ جو نالو سڄي دنيا ۾ جيڏو متعارف ۽ مقبول ڪري سگهن پيون سو ته  حڪومتون پنهنجي ڪارڪردگي ۽ حڪومتي معيار سان به نه پيون ڪري سگهن.

ائين به ناهي ته ڪو نصير سومري جي زندگي ۾ حڪومتن جو ايڏانهن ڌيان نه ڇڪايو ويو هو پر اصل ۾ حڪومت کي پاڻ اها شناس نه هئي. نصير سومري لاءِ حڪومتن جيڪو ڪجهه به ڪيو تنهن کي اسان اٽي ۾ لوڻ برابر سمجهون ٿا. نصير سومري لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ گهربو هو. اها  به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته نصير سومري دنيا اندر جيڪا به سڃاڻپ ٺاهي، جيڪا به عزت ۽ شهرت ماڻي، جيڪي به حڪومت طرفان سهولتون ماڻيون تنهن جو سبب سندس پنهنجي انفراديت هئي جنهن حڪومت کي اهو سڀ  ڏيڻ تي مجبور ڪيو جڏهن ته هن شخص کي جيڪر ڪنهن ميوزم جهڙي حيثيت ڏجي  ها ۽ ان تي ايترو سرڪاري خرچ ڪجي ها جيترو ڪنهن ميوزم کي ٺاهڻ ۽ هلائڻ لاءِ ڪبو آهي. سندس مجسما ته جيڪر ملڪ جي ڪيترن ئي اهم شهرن ۽ انهن جي شاهرائن تي نصب ڪجن ها ۽ ان  جي هر مجسمي کي سياحتي يادگار طور محفوظ ڪجي ها پر ائين نه ٿي سگهيو، ائين ته نه ٿي سگهيو پر سندس عالمي معيار جو علاج به نه ٿي سگهيو.

ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هن عالمي ريڪارڊ يافته ۽ ميوزيم جهڙي شخص جي زندگي کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن طريقو استعمال ڪجي ها ۽ سندس علاج دنيا جي تمام وڏين اسپتالن مان ڪرائجي ها پر افسوس ته نصير سومري شڪارپور جي گهر ۾ ئي پنهنجي بيماريءَ  کي پئي ڀوڳيو کيس  ڪراچي جي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ به داخل ڪرائي علاج نه ڪرايو ويو جنهن ڪري هو نيٺ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو.

سنڌ جي جديد تاريخ ۾ ٽي ڊگهي قد وارا ماڻهو ڏٺا ويا. هڪ انگريزن جي دور ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ جهامن ڀيو جي نالي سان ڊگهو شخص هوندو هو، ٻيو سيوهڻ جو عالم چنو ۽ ٽيون شڪارپور جو نصير سومرو هو. انهن ٽنهي ڊگهن قدن وارن ماڻهن جي ڪري به سنڌ کي ريڪارڊ نصيب ٿيا. خاص ڪري عالم چني ۽ نصير سومري جو دور جيئن ته جديد ميڊيائي دور هو ته انهن ۾ اهي ڪنهن حد تائين ريڪارڊ به ٿيا آهن پر حڪومت کي عالم چنا ۽ نصير سومري لاءِ  جيترو ڪجهه ڪرڻ گهربو هو سو نه ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.