ٻيو ۽ آخري حصو
چوٿون اھو ته پيرس ڪميون دنيا کي پھريون ڀيرو "لا ڪميون” ۽ انقلاب زنده آباد” جا نعرا ڏنا جيڪي اڄ به پوري دنيا ۾ گونجي رھيا آھن ـ پنجون اھو ته پيرس ڪميون سڄي دنيا جي انقلابين کي "انٽرنيشنل ترانو” ڏنو جيڪو عظيم انارڪسٽ شاعر ۽ ڪميونارڊ "يوجين پوٽيئر” جو لکيل آھي ـ ۽ ڇھون پيرس ڪميون جو اھو عظيم اعلان آھي جيڪو جنگ ھلندي جاري ڪيو ويو ھو ۽ ان اعلان جي ڪري ھن کي مڪمل ڪميونسٽ انقلاب ھجڻ جو شرف به حاصل ٿي ويو ۽ اھو اعلان آھي "اڄ کان فوج جي اداري کي ختم ڪيو وڃي ٿو”ـ اھڙي سنگين ۽ ڏکي صورتحال ۾ اھو اعلان ڪرڻ پيرس ڪميون جي عظيم انقلابين جي ڪميونزم سان سچائي جو سڀ کان وڏو ثبوت آھي ـ
جڏھن انقلاب مخالف قوتن ڏٺو ته جيڪڏھن پيرس ڪميون بچي ويو ته ھو انھن جي رياستن کي کائي ويندو ڇو ته رياست ۽ ڪميون ھڪٻئي جا دشمن آھن ته ان کي روڪڻ لاءِ جرمن حڪمرانن تاريخ جو ھڪ عجيب فيصلو ڪيو ۽ اھو فيصلو گرفتار فرينچ آرمي کي فوري طور تي آزاد ڪري انھن کي جديد ھٿيارن سان ليس ڪري ڪميون جي مٿان حملو ڪرائڻ ھوـ نه صرف جرمني پر پولينڊ، ھنگري ۽ ٻين يورپي ملڪن به ڪميون دشمني جي ڪري فرينچ فوج جي مدد ڪئي ـ اھو حملو شايد پوءِ به ڪامياب نه وڃي ھا اگر ڪو ڪميون دشمن جاسوس سرڪاري فوج کي ان رستي کان شھر ۾ داخل نه ڪرائي ھا جتي خطرو نه ھجڻ سبب ڪميون جا دستا موجود نه هئا ۽ شھر جي ان حصي ۾ ٿوري تعداد ۾ محافظ مقرر ڪيا ويا هئا ـ اھڙي طرح دشمن کي شھر اندر داخل ٿي حملو ڪرڻ جو موقعو ملي ويوـ
خوني ھفتو; اوچتو شھر ۾ گھڙي آيل دشمن جي فوجين جي مقابلي لاءِ موجود ڪميون جي دستن بي جگري سان مقابلو ڪيوـ انڪري 21 مئي کان 28 مئي 1871ع تائين جاري ويڙھ کي خوني ھفتي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿوـ
ان خوني ھفتي دوران جاري ويڙھ ۾ ھزارين انقلابي مارجي ويا جن ۾ وڏو تعداد عورتن جو به ھيوـ ڪجهه عورتن کي ڦاسي ڏني وئي جنھن بابت ڪارل مارڪس پنھنجي مشھور تحرير "سول وار ان فرانس” ۾ لکي ٿو ته معلوم تاريخ ۾ عورتن جي قرباني جو اھڙو مثال نه ٿو ملي جھڙو پيرس ڪميون جي ويڙھاڪ عورتن پيش ڪيو آھي ـ
دراصل پيرس ڪميون اھو عظيم انقلاب آھي جنھن انارڪسٽن توڙي ڪميونسٽن تان "يوٽوپيا” هئڻوارو داغ ھميشه لاءِ ڌوئي ڇڏيوـ پيرس ڪميون کان اڳ دنيا جا رجعت پرست جاگيردار ۽ سرمائيدار ترقي پسند ڪارڪنن کي اھو طعنو ڏيندا هئا ته اوھان جو اھو معاشي نظام ڪٿي آھي، اسان کي به ھڪ دفعو ڏيکاريو ته مڃون ـ پيرس ڪميون ۾ جيتوڻيڪ ھڪ به مارڪسسٽ حصو نه ورتو پر پوءِ به مارڪس لکيو ته پيرس ڪميون وارو نظام اسان جو نظام آھي ۽ پيرس ڪميون جديد دور جو پھريون ڪميونسٽ انقلاب آھي، جنھن کان پوءِ طعنو ڏيندڙ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جا وات ھميشه ھميشه لاءِ بند ٿي وياـ
انٽرنيشنل تراني جي خالق يوجين پوٽيئر چيو ته افسوس! اڄ اسان کان اھي نعمتون ڦرجي ويون جيڪي اسان وڏين قربانين سان حاصل ڪيون ھيون پر اھو ڏينھن پري نه آھي جو اسان ھڪ دفعو وري اٿي کڙا ٿينداسين ۽ پنھنجون ڦرجي ويل نعمتون ضرور ٻيھر حاصل ڪنداسين جيڪي اسان کي پيرس ڪميون ڏنيون ـ