جيڪب آباد (حضور بخش سومرو+سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد جي ٺل ويجهو ڳوٺ چٽو ڊول ۾ ڊول برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ ۾ حفيظ الله ڊول قتل ٿي ويو. هٿياربندن نوجوان کي چٽو ڊول اسٽاپ وٽ گوليون ۽ ڏنڊا هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. مقتول جي وارثن الزام هنيو ته پٺڀرائي سبب پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري. پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، پر آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان انصاف جو مطالبو ڪيو.