ڄامشورو موٽروي تي ڦر مزاحمت دوران پني عاقل واسي مزدا ڊرائيور قتل

ڄامشورو (ڊ ر) ڄامشوري ويجهو ايم نائين موٽروي تي 35 ميل وٽ هٿياربندن ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري پنو عاقل واسي مزدا ڊرائيور واحد بخش جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي ۾ هٿياربند 80 لک رپيا ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. لوڻي ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش لمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مزدا جي ڪلينر عبدالرؤف موجب، ايم نائن موٽروي تي ڏوهارين جو راڄ آهي، جڏهن ته اربين رپين جي بجيٽ باوجود موٽروي پوليس جي ڪٿي به پئٽرولنگ نظر نٿو اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.