ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ واپاري کان ڦرلٽ دوران مزاحمت تي ڦورن سڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو، سندس هڪ کير پياڪ ٻارڙي آهي. بينڪ مان رقم کڻي ويندڙ واپاري فرحان کان رقم ڦر دوران محافظ امير احمد عرف عمران مزاحمت ڪئي جنهن تي ڦورن فائرنگ ڪئي. زخمي کي اسپتال نيو ويو جتي دم ڏنائين. رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڦورن هٿان هن وقت تائين 5 شهري قتل ٿي چڪا آهن، سال ۾ اهو انگ 21 آهي.