ڪئنالن خلاف اياز پليجي جي اڳواڻي ۾ اڄ ٽنڊي ڄام ۾ ريلي نڪرندي

حيدرآباد/لاهور(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو  سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران نڪتل احتجاجي ريلين جي اڳواڻي ڪندو، اڄ 19 مارچ تي ٽنڊوڄام ۽ 21 مارچ تي ڪڙيو گهنور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويندي، جڏھن تھ 24 مارچ تي جھوڪ شريف ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول پاران ضلعي قيادت جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ڪراچي کان ڪمون شھيد تائين سنڌ جا ماڻھو رستن تي اچي ويھي رھيا ته حڪومت ھلي نه سگھندي هوڏانهن سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شاخ لاهور پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه، برک دانشور اياز لطيف پليجو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. سگا لاهور جي صدر عبدالستار ميمڻ جي رهائشگاهه تي ٿيل تقريب ۾ لاهور ۾ رهندڙ سنڌين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي  سگا لاهور جي عبدالستار ميمڻ، نائب صدر ڊاڪٽر نُور محمد شجراه، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر رضوان ڀيو اياز لطيف پليجو جو شاندار استقبال ڪيو ئي کيس گلدستو پڻ پيش ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته وفاقي حڪومت پاران رٿيل تڪراري ڪينال سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيندا، اهڙي تباھ ڪُن رٿا کي ڪڏهن به تعمير ٿيڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.