اسلام آباد (م ڊ) قومی سلامتی ڪمیٽي اجلاس ۾ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا پي ٽي آءِ جي بائيڪاٽ بابت ڪنهن قسم جي ڳالھ نه ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي جي ان ڪيمرا اجلاس ۾ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور قومي سلامتي جي پارليماني ڪميٽي ۾ خطاب ڪندي خيبرپختونخوا جي اندروني ۽ ٻاهرين صورتحال بابت آگاھ ڪيو. علي امين گنڊاپور چيو ته دهشتگرد افغانستان کان اچي رهيا آهن ۽ منهنجا ماڻهو دهشتگرد ناهي، مون کي ڪرسي جي پرواھ ناهي، مان سچي ۽ کري ڳالھ ڪندس. وزير دفاع خواجا آصف، ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي، اي اين پي جي ايمل ولي خان، انوار الحق ڪاڪڙ کيس پنهنجي راءِ ۽ تجويزون ڪميٽي جي سامهون رکڻ جي تجويز ڏني. علی امین گنڊاپور اجلاس ۾ خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته صوبو جنهن چيلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جي باوجود پوليس ۽ ٻين سڪيورٽي فورسز جو مورال بلند ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ضم ٿيل قبائلي علائقن کي اڃا تائين مڪمل وسيلا فراهم نٿا ڪيا وڃن، جنهن سبب ڪيترائي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن.