ڪراچي (م ڊ) ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه چيو ته سمالر چولستان ۽ گريٽر چولستان جو وڏو پراجيڪٽ آهي، هن چولستان جي علائقي ۾ وزيراعليٰ پنجاب ۽ آرمي چيف 25 فيبروري تي افتتاح ڪيو، انهن علائقن ۾ 10 کان 15 ڪلوميٽر دورو ڪيو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ڪٿي ڪچو ته ڪٿي پڪو رستو هو. اسان ميلن ۾ ڪچا ڪئنال نظر آيا، اتي موجود گرين پاڪستان انيشيئٽو جي آفيس وارن سان ملاقات ڪئي، هنن سموري پراجيڪٽ جا تفصيل ٻڌايا. هنن چيو ته هتي 3000 هزار ايڪڙ کان مٿي زمين توهان وٺي سگهو ٿا، پاڻي توهان کي ٻن کان ٽن سالن جي وچ ۾ ڪئنال ذريعي پهچندو. اتي رڻ ۾ اربين رپين جا هاءِ وي جهڙا روڊ ٺهي رهيا آهن. هن جو تازو افتتاح ٿيو آهي، آفيسون فعال آهن پر پيپلزپارٽي وارا دوست چون ٿا ته ان تي ڪم نه پيو ٿئي. 42 ارب رپيا پراونشن گورنمينٽ جا ان رٿا تي منظور ٿيل آهن، 6 مهينن ۾ ان تي ڪم ٿيو آهي، ڪير مفت ۾ ڪئنالن جو ڪم نه ڪندو. مقامي ماڻهن موجب کين اتان نيڪالي ڏني وئي آهي. سي ايم چوي ٿو ته اهو ماڊل هو، پر اتي آفيس ۾ ڪو ماڊل رکيل ڪونه هو جنهن جي هو بريفنگ ڏئي رهيا هجن. ماڊل ۾ هاءِ وي، شاخون ته ناهن ٺهنديون. گريٽر ٿل ڪئنال تمام وڏو آهي جيڪو روهڙي ڪئنال کان به وڏو آهي جنهن مان وڏا ڪئنال نڪرندا ۽ وارياسن علائقن کي آباد ڪندا. سنڌ جي تباهي اکين سان ڏٺي آهي، جيڪڏهن اهي سڀ پراجيڪٽ ٺهيا ته ايندڙ سالن ۾ سنڌ جو ٽن حصن مان ٻن حصن جيترو پاڻي گڏ ڪندا. سنڌ جي ماڻهن وڃي رهيا آهيون ته پيپلزپارٽي لالچ ۾ اچي ذميواري کان پاسيرو ٿي رهي آهي، ۽ اقتدار ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا، هي سنڌ جو پاڻي ڏئي رهيا آهن جيڪو مستقبل ۾ اڌ کان وڌيڪ ماڻهن جي معيشت کي ختم ڪري ڇڏيندو. ايم پي اي، ايم اين اي دوکا ڏئي ڪوڙا ٺهراءُ پاس ڪرائي رهيا آهن. وزير ۽ وڏو وزير غلط بياني ڪري رهيا آهن. آصف علي زرداري صاحب لکي ڏئي ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي گمراهه ڪندڙ پروپيگينڊا آهي. پيپلزپارٽي جي ڳٺ جوڙ آهي ته اسان ليٽر لکنداسين، اجلاس ڪنداسين، پريس ڪانفرنس ڪنداسين، ٺهراءُ پاس ڪنداسين پر توهان اربين رپين جا ڪئنال ۽ انفرااسٽرڪچر ٺاهي ڇڏيو، پوءِ چونداسين ته ڪمپنيون اچي ويون آهن، معاشي معاملو آهي، انهن جي تحفظ لاءِ مجبوري طور ائين ڪرڻو پوندو. اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ جي اها ڳٺ جوڙ آهي جنهن ۾ پنجاب حڪومت به گڏ آهي. ان تي عمل ٿي رهيو آهي، سنڌ جا لکين ماڻهو نڪتا ته روڪي سگهبو .