حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري ڪوٽڙي بئراج وٽ شديد بحران جنم ورتو آھي، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 95 سيڪڙو تائين پھچي وئي آھي، لاڙ ۽ سامونڊي پٽيءَ ۾ فصل متاثر ٿيڻ سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جي اڻ ھوند ڪري جياپو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، 18 مارچ 2025 جي پاڻي وھڪرن بابت جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پاڪستان ۽ سنڌ جي آخري پوڇڙي واري ڪوٽڙي بئراج تي ڪالھه پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 5164 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم ۾ 204 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ چئن ڪئنالن ڪي بي فيڊر ۾ 2000 ڪيوسڪ، اڪرم واھه ۾ 800 ڪيوسڪ، اولڊ ڦليلي پنڃاري ۾ 980 ڪيوسڪ ۽ نيو ڦليلي گوني ۾ 1180 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو ھو، آبپاشي کاتي مطابق 1991ع جي پاڻي ٺاھه مطابق ھن وقت سنڌ جي پاڻي جي مجموعي ايلوڪيشن 37 ھزار 700 ڪيوسڪ، سنڌ جي پاڻي جو مجموعي شيئر 34000 ھزار ڪيوسڪ ھجڻ گھرجي، جڏھن ته ارسا طرفان ھن وقت سنڌ کي مجموعي طور تي 22 ھزار 300 ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪيو پيو وڃي، ھوڏانھن ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو جو چوڻ آھي ته پاڪستان ۽ سنڌ صوبي جو آخري پوچڙي وارو بئراج ڪوٽڙي بئراج آھي، جنھن تي ھن وقت ملڪي ۽ سنڌ جي تاريخ جي بدترين 95 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي چڪي آھي، ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ چئن ڪئنالن ڪي بي فيڊر، اڪرم واھ، اولڊ ڦليلي ۽ نيو ڦليلي گوني ۾ پاڻي پوک ته پري جي ڳالھه پر پيئڻ لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي رھيو آھي.