ڪئنال رٿا خلاف مهراڻ يونيورسٽي جي هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ڌرڻو

ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ بدستور سراپا احتجاج بڻيل آهي، ڪالهه مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين زيرو پوائنٽ وٽ گڏ ٿي احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن دوران سنڌو درياهه تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور ۽ پنجاب توسان جھيڙو آ جا نعرا هنيا ، بعد ۾ انڊس هاءِ وي تي مھراڻ يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  شاگرد اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، سنڌو درياهه جي پاڻي تي هميشه ڌاڙا لڳندا رهيا آهن پر هن قسم جو غيرقانوني عمل برداشت نه ڪبو. سنڌ سان مسلسل ويساھه گھاتيون ٿينديون آيون آهن، سنڌ هميشه پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، اضافي ڪئنال ٺهيا ته سرسبز خطو ريگستان ۾ تبديل ٿي ويندو، جوهي ۾ ڊگري ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن سميت عملي پرنسپال ذوالفقار علي لغاري، پروفيسر محمد صديق پنهور، پروفيسر رفيق ڳنڀير،  محمد اياز کوسو، فاروق احمد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري دادو مين روڊ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، وڳڻ ۾  ورڪنگ جرنلسٽ جي سڏ تي  غلام حسين مغيري، نادر علي مغيري، شبير احمد چانڊيو، علي گل انقلابي، علي گل مغيري، ساجد بلوچ، ايم بخش خاصخيلي، پيار علي چانڊيو، عبدالوحيد ميئو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ سٽي پريس ڪلب کان مين چونڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، باڊھه ۾ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي پارٽي جي وائيس چيئرمين ڪامريڊ دودو ديشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران نويد ڇٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، خير محمد آريجا ڪئنالن خلاف پ پ تعلقه باقراڻي جي سڏ تي طارق انور سيال، عبدالرحمان جتوئي، ظهور خان ڪماريو، منظور علي مڱن، طارق جتوئي، سيد نعيم شاھه راشدي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ۽ نامنظور نامنظور ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا، ٽنڊوالھيار ۾ ڳوٺ غلام حسين لنڊ جي نوجوانن امير علي ميراڻي، ارشد ٿيٻو، آذان لنڊ، شاهد لنڊ، معشوق لنڊ، حسين گهمراڻو، ايم ڪي سنڌي ۽ يامين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ 10 ڪلو ميٽر پنڌ مارچ ڪري ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، سوڀوديرو ڊگري ڪاليج جي گيٽ اڳيان اي ڊي سڻپال، پروفيسر امداد علي خاصخيلي، پروفيسر سڪندر علي رند، بهادر علي، اظهر علي حطار، نعيم علي حطار، حسن علي رند، فرزندعلي شاهه، حسين گل شاهاڻي، ثناءَ الله هرياهه، ثمينه دربان، فوزيه جوکيو، شبنم گلال، امان علي شيخ، ساجد علي شيخ، ديدار علي سهتو ۽ ٻين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.