پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ممڪن آهن ته ناراض بلوچن سان ڇو نه؟

تحرير: عارفه نور

ڪال جو وقت بلڪل مناسب نه هو. افطار  ۾ صرف اڌ ڪلاڪ باقي هو. مان  اڳ ئي ٿڪاوٽ محسوس ڪري رھي ھيس. ڪنھن اھم ڪم ۾ مصروف هيس،ڪريم چيز  جي فراسٽنگ ٺيڪ طرح مڪس نھ ٿي رهي هئي.پر جڏهن عظيمه ‘هيلو’ کان پوءِ ‘بلوچستان’ چيو، ته مون پنهنجي هٿ ۾ کنيل ڇڙي هيٺ رکي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته  ڳالهه ٻولهه مختصر ٿيڻ واري نھ هئي. پر ڇا مان اهڙي وقت تي ڌيان ڏئي سگهنديس؟ هي اهڙو وقت  ھوندو آهي جڏهن ڌيان سياست تي نه پر پڪوڙن تي ھوندو آهي. پر ڪال جي ٻئي پاسي  جيڪا موجود ھئي. ان کي ان جي ڪا  پرواهه نه هئي. عظيمه ۾  اھا خوبي آھي تھ ُاھا ڏکيا سوال پڇندي آهي تھ توهان  ذهني ٿڪاوٽ باوجود ڌيان ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃو ٿا.

هوءَ ڄاڻڻ چاهي  پئي ته  ڇا رياست ڪڏهن ناراض بلوچ کي  پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ؟ "ظاھر آھي ڪئي آھي ” مون سمجھايو. اهو گذريل مسلم ليگ (ن) حڪومت دوران ٿيو ھو. جڏهن عبدالمالڪ بلوچ بلوچستان جو وڏو وزير هو. کيس جلاوطن بلوچن سان ڳالهين جو ڪم سونپيو ويو هو ۽ ڪيترائي ڀيرا  ھو اهو چوندي نظر آيو  ته ان حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿي  آهي، جڏهن ته ناراض بلوچ عوام ڪجهه اھڙا مطالبا رکيا آھن جن تي ڪم ڪري سگهجي ٿو ۽ عبدالمالڪ  جي نظر ۾ انھن جا ڪجھه مطالبا پوري ٿيڻ جھڙا بھ ھئا پر اسٽيبلشمينٽ واضح ڪري ڇڏيو  ھو تھ اھي نھ تھ مطالبا پورا ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ نھ ئي اھي ڳالھين جو سلسلو جاري رکڻ چاھين ٿا.عظيمه جواب ڏنو "پر اهي سڌي طرح ڳالهيون نه هيون.”، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) وانگر، جتي جنگ بندي جون ڳالهيون ٿيون هيون، پر هي جنگ بندي ٿوري وقت  تائين قائم رھي سگھي.پر بلوچ ماڻهن سان ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي.عظيمه جنھن ڳالھھ جي نشاندھي ڪئي ھئي اھا بھ درست ھئي ۽ جڏهن ڀيٽ  ٽي ٽي پي سان مقابلو ڪئي  وڃي ٿي ته فرق بلڪل واضح آهي. اھڙا ڪيترائي موقعا آيا جڏهن ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ٿيون ھيون.

پرويز مشرف جي دور ۾ معاهدن تي معاهدا ٿيا، ڇاڪاڻ ته رياست تڏھن اصل خطري کي محسوس ڪري نھ سگھي ھئي، تھ ان کي منھن ڏيڻ لاءِ پڻ تيار نه هئي.ھڪ جنرل طرفان  نيڪ محمد جي ڳچيءَ ۾ هار پارائڻ جي تصوير شايد ان دور جي حالتن جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿي. پر پوءِ جڏهن اصل خطرو واضح ٿي چڪو هو، تڏهن به انهن سان ڳالهين لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. ان جو هڪ مثال اهو معاهدو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سوات ۾ صوفي محمد جي آزادي عمل ۾ آئي.ان کانپوءِ  نواز شريف جي قيادت  ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي ۽ ان کي ٽي ٽي پي سان ڳالهين لاءِ موڪليو ويو. ان سلسلي جو تازو  مثال  اھي ڳالھيون آھن جيڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي دور ۾ ٿيون ھيون.پر بلوچستان ۾ عبدالمالڪ بلوچ جي ڳالهين کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو بلڪھ انھن جو بھ ڪو جوڳو نتيجو سامھون نھ آيو. رياست وڌندڙ بغاوت کي روڪڻ لاءِ بنھه ٿورو ڌيان ڏنو.

نواب اڪبر بگٽي، جنهن سان ڳالهيون ٿيون ۽ نڪتن تي اتفاق ٿيو، پر پوءِ انهن ڪوششن کي هڪ آمر طرفان ڦٽايوويو.جنهن جي اقتدار تان پڪڙ ڪمزور ٿي رھي ھئي.آمر پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڳالهين لاءِ تيار هو، سندس جنرل ٽي ٽي پي سان ڳالهين لاءِ تيار هئا، پر اڪبر بگٽي سان ڳالهين لاءِ وٽس ڪا به گنجائش نه هئي. (۽ جڏهن کان قبيلائي سردارن جي جاءِ تي وچولي طبقي جي قيادت  صوبي جي ڪمان وٺي ورتي آھي.تڏھن کان  ڳالهين کان انڪار ۾وڌيڪ اضافي ڏسڻ ۾ آيو آھي)هڪ کان وڌيڪ موقعن تي، رياست ٽي ٽي پي،کي اهڙي ڪردار طور ڏٺو آهي جنهن سان ڳالهيون ٿي سگھن ٿا.ٿيون جڏهن ته ٽي ٽي پي، جن علائقن ۾ سرگرم آھي اتي ان کي  مقامي حمايت بھ حاصل نھ آھي. پر بلوچستان ۾ مشڪل سان ئي اھڙي آپشن تي ڌيان ڏنو ويو جڏھن تھ عمل ڪرڻ تھ اڃان پري جا ڳالھھ ٿي.حقيقت ۾ جيئن جئين  صوبي ۾ سياسي انجنيئرنگ وڌي آهي،تئين  ڳالهين جو خيال وڌيڪ ناقابل قبول ٿي چڪو آهي.

ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جهڙن حلقن کان علاوه، ڪجهه بلوچ ‘سياستدانن’ صوبائي ۽ وفاقي اسيمبلين ۾ ڳالهين جي حمايت ڪئي آهي. حقيقت اھا آهي ته اقتدار ۾ ويٺل ٿورن ماڻهن  ان خلاف دليل پيش ڪرڻ ۾ پنهنجي توانائي خرچ ڪري ڇڏي آھي.ڇاڪاڻ ته شايد انهن جو وجود ۽ اهميت جو دارومدار  ناراض بلوچن جي ناراض رهڻ تي ٻڌل آهي.

جيڪڏهن بلوچستان ۾ چونڊون ڪنھن حد تائين آزاد ۽ منصفاڻيون ٿين ھا تھ ٽي وي اسڪرين تي نظر ايندڙ اڪثر سياستدانن ڏانھن نھ تھ  ڌيانه ڏنو وڃي ها ۽ نھ ئي انھن کي  سنجيدگي سان نه ورتو وڃي ها. هي خيبر پختونخوا کان مختلف صورتحال آهي، جتي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جي باوجود، چونڊ نتيجن ۾ ڪا اھڙي ھيارڦيري نھ ٿي.جھڙي اسان بلوچستان ۾ ڏٺي.

پر مان اصل موضوع کان هٽي رهي آهيان. ٻنهي صوبن جي  شورش کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار ۾ اھو تفاوت  تڏهن به موجود هو جڏهن بلوچستان جي قيادت بدعنوان نھ ھئي يا ان جي قيادت تي سمجهوتو نه ڪيو پيو ويو.ان کان اڳ جو ماڻهون  خطرناڪ  ‘را’ جو نالو کڻن. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته شروعاتي سالن ۾، ٽي ٽي پي کي پڻ هندستاني ڳجهي اداري جي پٺڀرائي حاصل هئي. ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري کان ڪئين سال اڳ  افغانستان ۾ ھندوستاني قونصل خاني  جي پاڪستان ۾ تشدد بابت ڪردار تي لڳاتار ڳالھيون ٿي رھيون ھيون،

هڪ آف دي رڪارڊ ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ويو ته ٽي ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن جي گھڻين ئي انٽيليجنس ايجنسين سرپرستي ڪئي آهي.دي گريٽ گيم جاري آهي، جنهن ۾ پاڪستان اصل ھدف آھي. بعد ۾، پشتون تحفظ تحريڪ (پي ٽي ايم) جي اڀرڻ کي بھ  ‘ٻاهرين’ مدد جي کاتي ۾ وڌو ويو. پر ان سڀ جي باوجود، ٽي ٽي پي کي ڳالهين جي لائق سمجهيو ويو.ڪڏھن بھ  گھڻي ُپرتشدد واقعن جو سبب ڄاڻائي، ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ختم نه ڪيون ويون. بي بي سي جي هڪ اسٽوري  موجب، جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت فيبروري 2014 ۾ ٽي ٽي پي لاءِ ڪميٽي جوڙي ھئي تھ ،تڏھن گذريل ھڪ مھيني ۾ ُپرتشدد واقعن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا هئا.پر هاڻي، جڏهن بلوچ عوام سان ڳالهين جو خيال پيش ڪيو  وڃي ٿو تھ  اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ٽرين ھاءِ جيڪ  ڪرڻ کان  رياست ان معاملي ۾ ڪنھن قسم جي ڪا ڪمزوري ڏيکارڻ جي متحمل نٿي ٿي سگهي. ڄڻ ان  واقعي کان اڳ رياست جو مزاج مختلف هو.بلوچستان ۾ تشدد ۽ ٻاهرين مداخلت کي اهڙن سببن طور ڏٺو وڃي ٿو جو جنھن جي لاءِ رياست وٽ رڳو  طاقت جي استعمال کان سواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي. جيتوڻيڪ تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڀيٽ ۾بلوچستان ۾ باغين کي عوامي حمايت حاصل آهي، پر انهن سان ڳالهين جي ڪا به سنجيده ڪوشش نه ڪئي وئي آهي.

ان جو مطلب اهو ناهي ته پاڪستاني رياست يا ڪا به رياست تشدد جو جواب نٿي ڏئي سگهي، پر گھڻو ڪري شورشن جو حل ڳالھين ۽ فوجي ڪارروائي  جي امتزاج سان نڪري ٿو. جيئن اسان عام طور تي چوندا آهيون.پر بلوچستان ۾ اسان نه رڳو عمومي ڳالھھ کان انڪار ڪريون ٿا بلڪھ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ اسان جيڪو رويو اختيار ڪريون ٿا، بلوچستان لاءِ اھو بھ اڻلڀ يا عمل نھ ٿيڻ جوڳو ھوندو آھي. پر ايئن ڇو آهي؟ عظيمه وٽ ان جو بهترين جواب آهي، پر اڄڪلهه عوامي طور تي پنهنجا رايا ظاهر ڪرڻ سٺو خيال ناهي. تنهنڪري منھنجي خيال ۾ ان سوال سان گڏ ئي ھن ليک کي پورو ڪرڻ بھتر آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.