سنڌ جو ھر شھر ، ھر ڳوٺ ، ھر واھڻ ھر وستي ھنن ظالم حڪمرانن جي خلاف سراپا احتجاج آھي، جيڪي سنڌوءَ تي ناجائز ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻائي ، سنڌ اندر نه صرف انساني آبادي پر پوري آبي جيوت کي ختم ڪري ، سنڌي قوم کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جون ناپاڪ سازشون ڪري رھيا آھن.سنڌي قوم جو ھر ٻچو اوھان سان بغير ڪنھن سياسي فرق جي پنھنجي وجود جي بقا جي جنگ خاطر وڙھندو پوءِ ڀل انھيءَ کي ڪيڏيون به قربانيون ڇو نه ڏيڻيون پون بقول ڪنھن شاعر جي ھنن سٽن جيان.
ٿاڻي وجھو گھاڻي وجھو، توبون کڻي تاڻي وجھو،
ڦٽڪا ھڻي ، ڪوڙا ھڻي، رت جان تان ڇاڻي وجھو،
ھا منھنجو اھو اعلان آ، سر سنڌ تان قربان آ، سر سنڌ تان قربان آ.
اسانجي شعور واري شھر نئون ديرو جي تمام غيور ۽ باغيرت شھر واسين، سنڌ واسين، شاگردن، ھارين، پورھيتن، اديبن، دانشورن ۽ صحافين، ھن شھر ۾ 16 مارچ 2025 تي درياءَ بچايو ڪاميٽيءَ پاران اعلانيل احتجاج مطابق شھر جي سمورين تنظيمن، ظالم ۽ يزيدي حڪمرانن جي خلاف ميدان عمل ۾ رھي درياءَ بچائڻ جي جي جنگ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ، انھيءَ کي تاريخ ۾ شاندار اکرن ۾ لکيو ويندو.سنڌي عوام جي ھن حق پرست جدوجھد کي ڪوئي ڇا به ڪري پر ڪڏھن به روڪي ۽ ختم نٿو ڪري سگھي.
منھنجا شھر واسيو ۽ سنڌ واسيو!
اڄ اسين ۽ اوھين ھتي گڏجي وقت جي جابر حڪمرانن ۽ سنڌي قوم جي سمورن دشمنن کي استاد بخاريءَ جي ھنن سٽن جيان اھو واضح ٻڌائڻ گھرون ٿا ته،
زور زبر جي بات نه مڃبي موت لڙي ته به مات نه مڃبي،
چاھي ڌرتي اٿلي پئي پر روشن ڪاري رات نه مڃبي.
مقررين پنھنجي ولوله انگيز خطاب دؤران چيو ته سنڌو درياءَ اسانجي ھزارين سالن جي تاريخ، تمندن، تھذيب، اسانجي قومي تشخص، وجود ۽ جيئاپي جي ضمانت آھي.سموري سنڌ جو باغيرت عوام ھن زندگيءَ ۽ موت جي مسئلي تي حڪمرانن جي سوين سازشن ڌوکن ۽ غدارين جي باوجود هميشه جيان اڄ به سنڌ تي مشڪل وقت اچڻ مھل جنھن جرئت ۽ بھادريء سان سنڌ دشمن قوتن سان جيڪو مقابلو ڪري سندن سازشن کي ناڪام بڻايو آھي، تنھن لاءِ اسين سموري سنڌ جي سپوتن ۽ سرفروشن جي عظمت کي سوين سلام پيش ڪيان ٿو.
ھن ملڪ جا حڪمرانو!
اوھين سنڌ تي هميشه مختلف وقتن تي ڪيترائي ڊونگ رچائي سوين وار ڪري سنڌي قوم جي وجود کي ميسارڻ جي هميشه ڪوشش ڪئي آھي، اسين ايترا سادا ناھيون جو ھن جديد دؤر ۾ به اڄ اوھين اسانکي بيوقوف بڻائي سگھو ، اوھين ڀل اسانکي سادو سمجھو پر اسين ھي سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا.
اسين آھيون سادا، چئو ٿا مڃون ٿا،
مگر حق ۽ ناحق سڃاڻي وڃون ٿا،
حقيقت جي قدمن کي نوڙي چمون ٿا
۽ ناحق جي پڳڙي، لتاڙي لنگھون ٿا.
اوھين درويش ۽ فقير صفت قوم ۽ سنڌ امڙ سان ھر ڀيري مختلف قسم جو ڌوکو ۽ فراڊ ڪيو آھي، اسانکي اھا سڀ خبر آھي ۽ اوھانجي غداري جو ڊگھو داستان آھي.
پوءِ ڀل اھو ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو ڇو نه ھجي
ٿل ڪئنال جو مسئلو ڇو نه ھجي
ڀنڊار ٻيٽن جو مسئلو ڇو نه ھجي
ڪارونجھر جي ڪٽائي جو مسئلو ڇو نه ھجي.
سنڌ جي آدمشماريءَ جو مسئلو ڇو نه ھجي.
سنڌ کي ٻٽي نظام تحت وڏي مڪاري ۽ ڌوکي بازيءَ سان ورھائڻ جو مسئلو ڇو نه ھجي.بحريه ٽائون جي نالي تي ملڪ رياض کي سنڌ جي سون جھڙي زمين ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪرڻ جو مسئلو ڇو نه ھجي.اوھين هميشه غداري ڪندي سنڌ جي بربادي ڪرڻ ۾ ڪائي به ڪسر نه ڇڏي آھي. توھان هميشه احسان فراموشي ڪندي سنڌ جي عظيم محبت جي موٽ ۾ غداري ڪندي سنڌ دشمنن سان گڏجي، سنڌ امڙ جي وجود کي اھڙا ته گھرا گھاو ڏنا آھن جنھن سان سنڌ جو وجود جي اڄ زخمي بڻجي چور چور ٿي چڪو آھي پر سنڌ هميشه جيان پنھنجي حلالي پٽن ڏي واجھائي ۽ پڪاريو آھي.
اڄ ھي عوام اھو سمجھي ٿو ته توھان سنڌ جي محبتن عيوض ھر قسم جي غداري ڪندي ڪائي به ڪسر نه ڇڏي آھي ۽ سنڌ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالامال ھن سون ورني ڌرتيءَ جو مالڪ آھي تنھنجو پورھيت عوام توھانجي بي ايماني ڌوکيبازي سبب ٻن ويلن کائڻ کان محروم بڻجي ڄڻ ته ڪنھن پينو واري شڪل اختيار ڪري چڪو آھي اوھان حرامخور حڪمرانن جا اثاثا اڄ ھزارين دفعا وڌي چڪا آھن.اوھان جا ايترا ڌوڪا ڏنل آھن جن جو حساب ڪتاب ڳڻڻ به مشڪل آھي، جنھن سبب سنڌ اڄ سڏڪي پنھنجي جودن کي پڪاري رھي آھي.
ايترا غم ھن سڄي ڌرتيءَ مٿان،
جي ڪڪر بڻجن نه ڏسجي آسمان ،
جيترا ڌوکا زمانا تو ڏنا،
جي سچا نڪرن ته ھي جرڪي پئي جھان.
سموري سنڌ جا اھي باغيرت ۽ حلالي پٽ هميشه جيان سنڌ جي ھر شھر ۾ ڳلي ڳليءَ ۾ تنھنجي ظلم جي خلاف للڪار بڻجي ڪيترن ڏينھن کان ميدان عمل آھن، جيڪي ساهه جي آخري گھڙيءَ تائين سنڌ سان ٿيندڙ ظلم خلاف وڙھندا رھندا. انھيءَ سنڌ جي حق پرست جدوجھد واري ويڙھہ ۾ اگر سنڌ جو سپوت ماريا به ويا تڏھن به شيخ اياز انھن جي لاءِ ھي چيو آھي
جي تون وڙھندي ماريو ويندين،
ھن ڌرتيءَ تان واريو ويندين ،
دودا ، تنھنجو ساهه ته ويندو
پر ماڻھوءَ جو ويساھہ نه ويندو.
سنڌ جي باغيرت عوام کي سوين سلام ھجن جن ڪالهه به ۽ اڄ به اوھان جي مڪروھہ ۽ ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ جڏھن به سنڌ تي مشڪل وقت آيو آھي تڏھن سنڌ جي حلالي پٽن ھي ميدان ملھايو آھي پر توھان روايتي طور سنڌ جي غدارن جو منشي ابراھيم جي ھنن سٽن وارو حال رھيو آھي.
تون ڪالهه به ھئين ارغونن سان ترخانن سان، غدارن سان،
مون ڪالهه به سولي سينگاري ھئي ، ھوشو ، ھيمون پارن سان.
سنڌ واسيو!
اڄ اچو ته اھو وچن ڪريو ته سوين سياسي اختلاف ھجڻ جي باوجود به سنڌ جي وجود جي جنگ متحد ۽ منظم ٿي، سرن سان ڪفن ٻڌي آخري ساهه تائين وڙھنداسين ۽ سنڌ جي لاءِ وڙھندي وڙھندي ۽ مري وڃڻ اسان پنھنجي لاءِ وڏي عظمت، شھادت ۽ فخر جي ڳالهه سمجھون ٿا.