پنجاب جي مرڪزيت واري سوچ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي: پنجابي دانشور

ڪراچي (محسن ٻٻر) پنجاب ۾ به ڪئنالن جي معاملي تي آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن، صحافي ۽ دانشور ان تي ڳالهائي رهيا آهن. ليکڪ اياز امير هڪ مضمون ۾ چيو ته پاڻي جو مسئلو پنجاب ڪڏهن نه سمجهيو، اسان پنجابين کي ڪير سمجهائيندو، پنهنجا ته 3 درياهه هميشه لاءِ هليا ويا پر اسان ٻين درياهن جي ڪڍ لڳل رهون ٿا، اهو نٿا سمجهون ته ٻين جو به انهن تي حق آهي. تربيلا جي صورت ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي استعمال ٿي رهيو آهي پر پنجاب ۾ ڊگهي وقت کان اهو گوڙ آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي. پنجاب واسي چوندا آهن ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ هڪ سازش هئي، کين ڪير ٻڌائي ته انهيءَ هوڏ تي رهڻ سان شين کي گڏ رکڻ ڏکيو ٿي ويندو. پروگرام ۾ ڳالهائيندي اياز امير چيو ته افسوس آهي جو پنجاب ۾ ٻين جي اهڙي راءِ ناهي، ان جو سبب هاڻوڪي حڪومت آهي، حڪومت جي ڪا به ان معاملي تي همدردي ناهي. گرين پاڪستان انيشيئيٽو ۾ سڀ کان اڳڀري ته پنجاب حڪومت آهي، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز کي ڪهڙي نئين راءِ ڏيڻي آهي؟ ن ليگ ته ڪالاباغيه سوچ رکندڙ آهي.  چولستان ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي کڻي وڃڻ چڙ ڏياريندڙ ڳالهه آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي اڳ ئي کوٽ آهي.  ڪراچي مان تمر جا ٻيلا ڪٽجڻ جا ذميوار سنڌي به آهن، ڪراچي ۾ انهن تي هائوسنگ سوسائٽيون ٺهي رهيون آهن، ملير ۾ سنڌ حڪومت پراپرٽيون ڏئي رهي آهي، انهن تي آواز ڇو نٿو اٿي؟ سنڌ جي حڪومت ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ صدر آصف زرداري ته مجبوري ۾ آواز اٿاريو، اڳ هن ڇو نه چيو ته ائين نه ڪريو. پنجاب وٽ ته 3 درياهه آهن، سنڌ وٽ ڇا آهي؟ رڳو هڪ درياهه آهي، ان تي وڌيڪ ڪيترو راتاهو هڻندا؟ سنڌ حڪومت سميت ٻين کي ان ڳالهه جي سمجهه هجڻ گهرجي. سنڌ حڪومت ٺهراءُ به دير سان پاس ڪيو. صدر جي ايڊوائيس جو ن ليگ تي ڪو فرق نه پوندو، ن ليگ جي اها سوچ هوندي ته هنن سنڌ ۾ کين حڪومت ڏني، کين صدر ڏنو، ٻيا نخرا به کڻي رهيا آهيون ته هاڻي هي انقلابي بڻجي رهيا آهن، ان جو ذميوار رڳو پنجاب ئي ناهي، اسان جي رياست جي ئي عجيب سوچ آهي. بنگالي ڳالهائن ٿا ته هي سبب آهي، بلوچ ڳالهائن ته اهي غدار آهن، خيبرپختونخوا ۾ ڳالهائن ٿا ته ٻيا جواز ڏيکارين ٿا. پهريان افغانستان جو ذمو کڻي ويٺا هئا، هاڻي جڏهن تڪليف ٿي رهي آهي ته انهن تي نالا رکي رهيا آهن. اهو سوچڻ جو مقام آهي ته ڇا ڪرڻو آهي. پنجاب جي مرڪزيت واري سوچ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، رڳو ڪئنالن جي معاملي تي نه پر پنجاب جو عالمي منظر نامو اهو آهي ته فيڊريشن ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو پنجاب جو آهي ۽ سندن سوچ خاص قسم جي سوچ آهي. رياستي ڍانچو، گورنمينٽ ۽ پنجاب وارن کي ننڍن صوبن کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي، انهن کي اڳتي رکڻ گهرجي. جيڪا باهه ٻري رهي آهي اوهان ان تي پيٽرول هاري رهيا آهيو، اها ڪهڙي عقل جي ڳالهه آهي. حڪومتون اقتدار جي مصلحتن ۾ ايترو ڦاٿل آهن جو بنيادي مسئلو نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ڇا ن ليگ تي بلوچستان واقعي جو ڪو اثر ٿئي ٿو؟ ڇا کين اڳ ان ڳالهه جي سمجهه هئي ته اتي ڇا ٿي رهيو هو؟ هڪ وزير ته اهو چيو هو ته هي ته ايس ايڇ او جي مار آهن، هنن جي اهڙي سوچ آهي.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  سومر 17 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.