ڊينگي جا 819 ڊينگي ۽ مليريا جا 2 لک ڪيس،حۡڪومت نوٽيس ورتو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صحت ۽ آبادي جي ڀلائي واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي هدايتن تي، ڊينگي ۽ مليريا کان بچاءُ لاءِ سڄي صوبي ۾ وڏي پيماني تي آگاهي ۽ بچاءُ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي. سنڌ جي صحت کاتي جي ویڪٹر بورن ڊزيز ونگ، ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ سروسز سنڌ، سڀني ضلعن جي ضلعي صحت آفيسرن، مقامي ادارن ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هنگامي بنيادن تي اثرائتي اپاءَ ورتا وڃن. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته  ڊينگي ۽ مليريا جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت جي سموري مشينري کي متحرڪ ڪيو ويو آهي. هن سال ڊينگي جا 819 ڪيس ۽ مليريا جا 2 لک کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. هر ضلعي ۾ روزاني بنيادن تي اسپري، فوگنگ ۽ آگاهي پروگرام يقيني بڻايو ويندو. سڀني ڊي ايڇ اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.