لاڙڪاڻو( رپورٽ:ساجد علي تنيو ) جي ڊي اي جو مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جو سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو جتي جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ عدالت ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته اسان چار ضلعا ٽپي هتي اچون ٿا، جاچ آفيسر ڏوڪري مان هتي نه ٿو اچي تنهن ڪري تاريخون ٿين ٿيون، هن چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ اختلاف نظر به اچن پيا، اتحاد ۾ اختلاف ٿي به ويندا آهن، ٻنهي جو گڏ هلڻ مجبوري آهي، ٻي صورت حڪومت هلي نه سگهندي،هن چيو ته افغاني مسلمان ڀائرن جي ناتي ملڪ ۾ پناهگير ٿي رهيا ته پاڪستان کين هر سهولت ڏئي افغانين جي تمام گهڻي مهمان نوازي ڪئي، پر جڏهن افغانستان جو مسئلو حل ٿي ويو ۽ اتي غيرملڪي قوتون ناهن ته پوءِ افغاني پناهگيرن کي افغانستان وڃڻ گهرجي