ڪراچي (خصوصي رپورٽ) حڪومتِ پاڪستان طرفان غير قانوني طور تي مقيم افغان شهرين جي وطن واپسي جي اعلان بعد عوامي سطح تي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو پيو وڃي،ملڪ ۾ جاري آپريشن دوران ڪيترن علائقن مان مثبت پيش رفت سامهون آئي آهي، پر ان سان گڏ ئي مختلف شهرن مان سنگين شڪايتون ۽ الزامات به سامهون اچڻ لڳا آهن،راولپنڊي جي علائقي ويسٽريج 3 جي رهواسي شهري فريد خان سماجي ميڊيا تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزيرِ طلال چوڌري کي ٽيگ ڪندي شڪايت ڪئي آهي ته انهن جي علائقي مان واپس ويندڙ افغان مهاجر صرف 10 ڏينهن اندر هڪ لک 10 هزار رپيا ڏئي ٻيهر اتي موٽي آيا آهن۔ شهري سوال اٿاريو ته ڇا اسان جي سرحدي سيڪيورٽي ايتري ڪمزور ٿي وئي آهي جو ڪو شخص آساني سان بارڊر ڪراس ڪري واپس داخل ٿي سگهي ٿو؟ ساڳئي قسم جي شڪايت سماجي ميڊيا تي ٻين شهرين به ڪيون، جن الزام لڳايو ته پاڪستان ۾ واپسي جو ريٽ هڪ لک 10 هزار آهي، جنهن کي به پاڪستان اچڻو آهي، اهو هي رقم ادا ڪري پوءِ ملڪ ۾ ان کان ڪو به پڇاڻو نه ڪندو۔ شهرين رشوت کي پاڪستان جي سلامتي جي خلاف ڪم ڪرڻ جهڙو عمل قرار ڏنو،ٻئي طرف ڪراچي مان به اهڙي نوعيت جون ڪيتريون ئي شڪايتون سامهون آيون آهن ته پوليس اهلڪار افغان شهرين کي حراست ۾ وٺڻ بعد مبينا طور تي ڳري رشوت وٺي ڇڏيو ٿا۔ هڪ پوليس اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي انڪشاف ڪيو ته افغانيَن وٽ تمام گهڻو پئسو آهي، اسان جي ته عيد ٿي وئي آهي، اسان ٻين ذريعن مان آمدني وٺڻ بدران هاڻي رڳو افغانيَن کي ڳولڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻتہ انهن کان رقم فوري طور حاصل ٿي وڃي ٿي، اهلڪار اعتراف ڪيو ته اهي چند ڏينهن ۾ ايتري رقم گڏ ڪري چڪا آهن جيتري عام طور تي ڇهن مهينن ۾ ٻين پابندي مڙهيل ذريعن سان حاصل ٿيندي هئي۔