اسلام آباد(عاصمه شيرازي+عمران شفقت) ملڪ ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي، خاص طور تي اتر وزيرستان ۾ فوجي قلعن تي خارجين جا ڊرون ۽ خودڪش حملا ٿي رهيا آهن، تڏهن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير افغانستان بابت اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔ان اجلاس ۾ فوجي قيادت، وزيراعظم، ۽ ٻين صوبن جا وڏا وزير شامل ٿيڻا هئا، جتي ڪڻڪ جي کوٽ، افغان مهاجرن جي واپسي، ۽ سلامتي پاليسين بابت اهم فيصلا ڪيا ويا،پر سهيل آفريدي جي ترجيح نه امن آهي، نه مهانگائي، نه ڪڻڪ بحران — سندس ترجيح عمران خان جي آزادي ۽ فوجي آپريشن کي روڪڻ آهي،اهو رويو خيبرپختونخوا جي عوام لاءِ خطرناڪ آهي، هاڻي رياست واقعي پنهنجي پاليسين مان "اثاثن” جي سوچ ختم ڪري ۽ کليل موقف اختيار ڪري، ته امن جو امڪان پيدا ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته سهيل آفريدي عمران خان جي محبت ۾ هن پنهنجي آفيس تان پاڪستان جو قومي جهنڊو لاهي ڇڏيو ۽ پي ٽي آءِ جو جهنڊو لڳائي ڇڏيو۔اهو عمل رياستي علامتن جي توهين آهي ۽ ڏيکاري ٿو ته آفريدي جون ترجيحون "عشقِ عمران” ۾ گم ٿي چڪيون آهن پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙا سياستدان آهن جن کي رياست جي مضبوط ٿيڻ سان تڪليف ٿئي ٿي۔ اهي چون ٿا ته سياست اسان جي مرضي سان هلڻ گهرجي، طاقت هميشه اسان جي هٿ ۾ هجي، ۽ ڪو به ادارو اسان جي اختيار کي چئلينج نه ڪري۔پر هاڻي حالتون بدلجي ويون آهن، ۽ رياستي ادارا پنهنجو آئيني ڪردار واپس وٺي رهيا آهن۔