عوامي جمهوري پارٽي پاران ڪئنالن خلاف احتجاج

حيدرآباد/سکر/خيرپورميرس (پ ر)سنڌو درياءَ سنڌين جو جئياپو آهي ڪئنال سمورا سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي اهڙو خيالن جو عوامي جمهوري پارٽي جا صدر خادم ٽالپر جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سيد لعل شاه نور نبي راهوجو ڊاڪٽر اسلم پروز عمراڻي جن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو درياءَ خاطر سنڌ سموري سراپاءَ احتجاج آهي درياءَ تي 06 نون ڪئنالن خلاف عوامي جمهوري پارٽي طرفان به سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ احتجاج ڪري رهي آهي خيرپور ميرس ۾ سئي گئس تي ڪامريڊ ڪريم شر ۽ سکر سنگهرار ۾ عاشق چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي وئي   ريلي ۾ ڇهه نون ڪئنالن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ريلي ۾ هارين، استادن ۽ شاگردن سميت مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ اسان جي زندگي آهي جنهن تي ڌاڙو اسان ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.