ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته اسلام ۽ نظريه پاڪستان ئي ملڪي ترقي ۽ سلامتي جو ضامن آهي، ديني مدارس اسلام جو قلعو آهن جن جي حفاظت ۽ مالي مدد ڪرڻ هر پاڪستاني تي فرض آهي. عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود عوام کي رليف نه ڏيڻ سراسر ظلم آهي. عالم سڳورا منبر ۽ محراب جي پليٽ فارم تان نيڪي کي هٿي ڏيڻ، بدي جي خاتمي ۽ دهشتگردي ۽ تڪراري ڪينالن خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين جي سبب اڄ وطن عزيز غربت، افلاس، مهنگائي، بدامني ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي، نجات جو هڪ ئي حل اسلامي نظام جو قيام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ سڄي سنڌ جي علماءِ ڪرام ۽ مدارس جي سفرا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکھرو، مولانا آفتاب احمد ملڪ پڻ خطاب ڪيو.