سجاڳ ٻار تحريڪ پاران 21 مارچ تي مظاهرن جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سجاڳ ٻار تحريڪ، پاڻيءَ جي عالمي ڏينهن 21 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 نون ڪينالن، ايس آءِ ايف سي،گرين پاڪستان انيشيٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،ان سلسلي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو،حميد خشڪ، فاضل بلاول لاشاري، سنيل گواريو ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جون زمينون غير مقامي ماڻهن کي ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته سنڌو درياهه جو پاڻي گذريل سوا صدين کان مسلسل ڦريو پيو وڃي. هنن چيو ته تازو زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سامراجي ڪمپنينن حوالي ڪئي وئي آھي. جڏهن ته ان کان اڳ  1960ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ايوب خان سان گڏجي ڀارت سان پاڻي معاهدو ڪيو ۽ سنڌ جي ڀائيواري وارا ستلج، بياس سميت ٽي درياھه ڀارت کي وڪرو ڪري ڇڏيا. ان بعد تربيلا ڊيم جي تعمير ۽ تونسا پنجند ڪينال ذريعي پاڻي جي چوري ڪري سنڌ جي عوام کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو. هنن چيو ته تازو صدر آصف علي زرداري جي دور حڪومت ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس ذريعي سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جي اجازت ڏني وئي آھي. جڏهن ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪئي وئي. جنهن کي سنڌ جو ٻچو ٻچو رد ڪري ٿو، اسان 21 مارچ 2025ع تي عالمي پاڻيءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪنداسين. هنن چيو ته سڄاڳ ٻار تحريڪ پاران سنڌو درياھه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڪراچي، ٺٽو، بدين، ميرپور خاص، دادو، حيدرآباد، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن ۾ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.