پاڻي معاملي تي سنڌ جو ساٿ ڏينداسين: شير افضل مروت

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت ڪئنالن جي معاملي تي احتجاج ڪندڙ وڪيلن جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته 6 ڪئنالن جو منصوبو سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي ڇو ته سنڌ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي، وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي. هن مطالبو ڪيو ته حڪومت ان فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جا حق نه ڦٻايا وڃن.

  1. ٺٽي ۾ سنڌ ملاح فورم پاران تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج

ٺٽو (ڊ ر) سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، مرڪزي صدر ماجد سڪندر ملاح، مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي ملاح، انفارميشن سيڪريٽري ظهور احمد ملاح، ضلعي ٺٽي جي صدر محمد ايوب ملاح پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ سنڌو درياھه تي اڏجندڙ 6 ڪئنالن کي رد ڪندي سنڌ جي زمينن تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف  سخت احتجاج ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي زمين اسان جي ڌرتيءَ ماءُ آھي، جنھن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ وڪرو ٿيڻ يا تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين. ڇاڪاڻ جو هي زمينون سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ جو بنيادي سهارو آهن، جن زمينن تي ڪي به غيرقانوني منصوبا قبول نہ ڪنداسين، سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمينگ جي آڙ ۾ سنڌ جي زرعي زمينن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، سنڌ ملاح فورم هن منصوبي کي مڪمل طور رد ڪري ٿي ۽ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ جي ماڻهن کان ورتل زمينون فوراً انھن کي واپس ڪري سنڌو درياھه تي نڪرندڙ سمورن ڪئنالن کي ختم ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي مھيا ڪري ماھيگيرن جو روزگار بچائي کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.