ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو برقرار،گهٽي گهٽي چوڪ چوڪ تي ڪئنال نامنظور نعرن جي گونج خبر موجب گهوٽڪي ۾ عوامي ورڪر پارٽي،۽ آل مارواڙي اتحاد جي اڳواڻن پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون،جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي،خبرموجب گهوٽڪي ۾ سنڌو دريا مان 6 نوان ڪئنال ڪڌڻ خلاف عوامي ورڪر پارٽي جياڳواڻن پاران نيڪ جسڪاڻي،بادل ملڪ،سنڌ سڀا جي ارشاد علي لکڻ،سنڌ ادبي سنگت جي علي منصور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ کان پريس ڪلب گهوٽڪي تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي،اهڙي ريت آل مارواڙي هندو اتحاد جي اڳواڻن پاران نديم ڪمار سنڌي،اشوڪ ساگر،ڊاڪٽر بچا رام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شلٽن باء پاس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، پٿورو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان جي سڏ تي جسقم عمرڪوٽ جي آرگنائزر رمضان خاصخيلي مجيب آريسر آزاد ڪنڀر صالح آريسر اعجاز آريسر جي اڳواڻي ۾ ڪولھي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جيڪا ٽائون چوڪ کان ٿيندي پٿورو پريس ڪلب تي پھتي جتي ريلي کي خطاب ڪندي رمضان خاصخيلي مجيب آريسر نواز نھڙي صالح آريسر آزاد ڪنڀر ۽ ٻين چيو تـ وفاقي حڪومت پاران سنڌو دريا جي پاڻي تي قبضي لاءِ ڇھ غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ ۽ چولستان کي آباد ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي ۽ گرين انيشيٽو جي نالي تي سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين رياستي ادارن کي ڏني پئي وڃي پيروسڻ ۾ ڪئنالن خلاف نڪرندڙ تاريخ ساز ريلي ۾ نوجوان اتحاد پيروسڻ جي صدر مھراڻ سنڌي، منظور سنڌي، منٺار علي سومرو، افضل حاجاڻو، باغي زوھيب ڦل، صدام سنڌي، فرحان حاجاڻو، سنڌي ڊرامن ۽ فلمن جي مشھور اداڪار ذوالفقار بڙدي، تعلقه ٺري ميرواھ بار جي صدر وڪيل مھتاب احمد شر، خيرمحمد عامر، غلام مرتضيٰ جمالي ۽ وسيم عباس منھاس سميت ٻين شھرين ۽ ڳوٺاڻن توڙي ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن ھزارن جي تعداد ۾ ريلي ۾ شريڪ ٿي سنڌو درياءَ جي وارثي جو ثبوت ڏنو، مٺي ۾ ٿر سجاڳ سٿ پاران سالم سميجو، وڪيل شوڪت سنڌي، ممتاز راهمون، فقير ارشاد ڪنڀار، منير جوڻيجو، صابر جوڻيجو، راڪيش ڪمار، راهول ديو، وڪيل لو چنداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٺي جي بس ٽرمينل کان ڏيڊ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڪشمير چوڪ تي ٽي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو احتجاجي مارچ ۾ ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم، عوامي تحرڪ، قومي عوامي تحريڪ، پي ٽي آئي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن، فنڪارن رجب فقير، عباس فقير، زروار فقير، پورهيتن شاگردن، وڪيلن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ وارو منصوبو فيڊريشن جا بنياد لوڏي ڇڏيندو. غير سائنسي غير انساني ۽ غير قانوني منصوبو سنڌ جي ڇھ ڪروڙ ماڻهن جي اجتماعي قبر ٺاهڻ جهڙو منصوبو سمجهون ٿا، سنڌ ۾ اڳي ئي پاڻي جي کوٽ سبب زراعت سخت متاثر ٿي وئي آهي، انڊس ڊيلٽا ختم ٿيڻ سبب سنڌ جي زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي ڪراچي، سجاول ۽ بدين سميت پوري ساحلي پٽي سخت خطري هيٺ آهي. هڪ پاسي آء ايم ايف جي شرطن تحت آبادگارن تي ذرعي ٽئڪس لڳايو ويو آهي ٻي پاسي سنڌ جي ماڻهن کان جياپي جو سمورا بنيادي حق کسيا پيا وڃن،اڳواڻن چيو ته درياھ لاءِ احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪنن، شاگردن، پورهيتن تي پوليس گردي ڪري کين هيسائڻ جون سموريون اٽڪلون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري هاڻي وري نئين انداز سان سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ سياسي ساک بچائڻ جي لاءِ ڊرامو ڪيو آهي اسان گهر ڪيون ٿا ته عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪالونائيزيشن ايڪٽ تحت ڏنل زمين سنڌ جي ننڍن هارين کي ڏني وڃي، ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ سرڪاري زمين کي ڳئوچر قرار ڏنو وڃي ۽ اينيمي پراپرٽي واري زمين جا مالڪاڻا حق مستقل رهندڙ ماڻهن کي ڏنا وڃن. ٻي صورت ۾ سنڌ جا ماڻهون رت جي آخري ڦڙي تائين خاموش نه ويهندا،هوڏانهن پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن حيدرآباد پاران سنڌو درياھه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڪالھه نسيم نگر چوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن شرڪت ڪري ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڪامران سومرو، جئه ڪمار، آفتاب جتوئي، معشو چانڊيو، آزاد مستوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان منصوبي جي آڙ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪنهن صورت قبول ناهي